سينٽ ڪٽس ۽ نيوس

سينٽ ڪٽس ۽ نيوس(انگريزي: Saint Kitts and Nevis ) جو سرڪاري نالو سينٽ ڪرسٽوفر ۽ نيوس جو وفاق آھي[5]. اھو ويسٽ انڊيز ۾ واقع ھڪ ملڪ آھي جيڪو ٻيٽن تي مشتمل آهي. ڌرتيءَ جي اولھندي اڌ گول ۾ پکيڙ ۽ آبادي ٻنھي جي لحاظ کان سڀ کان ننڍڙو ملڪ آهي[6]. ملڪ جي رياستي سربراھ برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ II آهي[6][7] ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ باستيئر شھر آھي جيڪو ملڪ جي سڀ کان وڏي ٻيٽ ڪٽس ۾ واقع آهي[6]. ننڍي ۾ ننڍو ٻيٽ نيوس اتان ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڏکڻ-اوڀر ۾ واقع آهي. برطانوي ڊپينڊنسي اينگويلا ماضي ۾ سينٽ ڪٽس ۽ نيوس جي اتحاد جو حصو ھئي ۽ ان وقت ان جو نالو سينٽ ڪرسٽوفر-نيوس-اينگويلا ھيو پر بعد ۾ اينگويلا ان اتحاد کان ڌار ٿي برطانيا جو سمنڊ پار علائقو بڻجي ويو. ھن ملڪ جي اتر-اوڀر ۾ سينٽ ايوسٽيٽيس، سابا، سينٽ بارٿيليمي، سينٽ مارٽن ۽ اينگويلا جا ٻيٽ واقع آھن. اوڀر ۽ اتر-اوڀر ۾ اينٽيگوا ۽ باربوڊا، ڏکڻ-اوڀر ۾ ريڊونڊا ۽ مونٽي سيراٽ ٻيٽ واقع آھن. سينٽ ڪٽس ٻيٽ ۽ نيوس ٻيٽ انھن ٻيٽن ۾ شامل آهن جن کي سڀ کان اول يورپين آبادڪاري شروع ڪئي ھئي ان ڪري انھن کي ويسٽ انڊيز جي سڀني ڪالونين جي ماء جو لقب مليل آهي[8].

فيڊريشن آف سينٽ ڪرسٽوفر ۽ نيوس

Flag of سينٽ ڪٽس ۽ نيوس
{{{coat_alt}}}
جھنڊونِسبتي نشان
شُعار: '"Country Above Self"
ترانو: "او خوبصورت سرزمين"

شاھي ترانو: "خدا راڻي کي محفوظ رکي"
Location of سينٽ ڪٽس ۽ نيوس
جو مقامسينٽ ڪٽس ۽ نيوس
گادي جو هنڌ باستيئر
17°18′N 62°44′W / 17.300°N 62.733°W / 17.300; -62.733
دفتري ٻوليون انگريزي
مقامي ٻولي ڪريئول
نسلي گروھ (2001)
  • 92.5% ڪارا آفريڪي
  • 3% گھڻ نسلي
  • 2.1% يورپي
  • 1.5% آمريڪي انڊين
  • 0.6% باقي ٻيا
  • 0.3% جن جي خبر ناهي
مقامي آبادي ڪٽيٽيئن يا نيويسين
حڪومت وفاقي پارليماني
آئيني بادشاهت
• شاھي سربراھ
ايلزبيٿ II
• گورنر جنرل
سر ايس ڊبليو ٽيپلي سيٽان
• وزيراعظم
ٽموٿي ھئرس
• قومي اسيمبلي جو اسپيڪر
اينٿوني مخائيل پيرڪنس
مقننه قومي اسيمبلي
آزادي
•  ايسوسيئيٽيڊ رياست جو درجو
27 فيبروري 1967
19 سيپٽمبر 1983
پکيڙ
• جملي
261 km2 (101 sq mi) (188th)
• پاڻي (%)
Negligible
آبادي
• 2016 اندازو
54,821[1] (209th)
• 2011 مردم شماري
46,204
•  گھاٽائي
164 /km2 (424.8 /sq mi) (64th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.758 billion
• في سيڪڙو
$31,095[2]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.058 ارب ڊالر

حوالا