فجي

فجي(انگريزي: Fiji ) جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف فجي آھي. اھو ميلنيشيا جو ٻيٽن تي مشتمل پيسيفڪ سمنڊ ۾ اوشنيا کنڊ جو نيوزيلينڊ جي اتر واري ٻيٽ جي اتر-اوڀر ۾ واقع ھڪ ملڪ آھي جنھن جي پکيڙ 1٬100 ميل سامونڊي (2٬000 km; 1٬300 mi) آھي. ھن جي سڀ کان ويجھن ملڪن ۾ اولھ طرف وينو آتو، ڏکڻ اولھ ۾ نيو ڪيليڊيليا، ڏکڻ اوڀر م نيوزيلينڊ جا ڪيرميڊڪ ٻيٽ، اوڀر ۾ ٽونگا، اتر اوڀر م ساموئن ٻيٽ آهي، اتر ۾ ٽووالو واقع آھن. فجي جا 330 ٻيٽ آھن جن مان 110 ٻيٽن تي ماڻھن جي مستقل رھائش آھي. ان کان سواءِ اٽڪل 500 ننڍڙا ٻيٽڙا اٿس انھن سميت پکيڙ 18٬300 ڪلوميٽرزچورس (7٬100 sq mi) اٿس. ملڪ جا سڀ کان وڏا ٻيٽ اونو آء لائو(Ono-i-Lau) ان کان سواءِ ٻہ وڏا ٻيٽ وٽي ليوو ۽ وينوئا ليوو آھن. فجي جو %87 سيڪڙو آبادي انھن ٻيٽن م رھائش پذير آهي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ سووا شھر آھي جيڪو وٽي ليوو تي واقع آھي جتي ملڪ جو ڪروز بحري ٻيڙن جو سڀ کان وڏو بندر واقع آھي.[11] خيال آهي ته پندرھن ڪروڙ سال اڳ ڌرتي تي ٻرندڙ جبلن جي ڦاٽڻ سان آيل تبديلين ھنن ٻيٽن کي وجود ۾ آندو ھيو. زميني تبديليون اڃان بہ وينوئا ليوو ۽ ٽيويئوني ٻيٽن تي عمل ۾ اچن پيون.[12] فجي کي 1874 ۾ برطانيا ڪالوني بڻايو ۽ 1970 تائين برطانيا جي تخت ھيٺ رھيو ۽ ان سال ھن ملڪ برطانيا جي شاھي حڪمراني ماتحت آزادي ماڻي. 1987 م ھتي فوجي بغاوت ذريعي قائم ٿيندڙ حڪومت ھن ملڪ کي ريپبلڪ جو درجو ڏنو. 2006 م وري ھتي فوجي بغاوت ذريعي ڪوموڊور فرينڪ بئنيمارما جي حڪومت قائم ٿي جنھن کي 2009 م ملڪ جي ھاء ڪورٽ غيرقانوني قرار ڏنو. [13] 17 سيپٽمبر 2014 ۾ ھتي عام چونڊون ٿيون جنھن م بئنيمارما جي پارٽي 59.2 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا.[14] فجي جي معيشت علائقي جي اندر وڌيڪ ترقي يافتہ آھي. ان جي ڪرنسي فجي وارو ڊالر آهي.

ريپبلڪ آف فجي

  • Matanitu Tugalala o Viti  (ٻولي؟)
  • फ़िजी गणराज्य  (Fiji Hindi)
Flag of فجي
{{{coat_alt}}}
جھنڊونِسبتي نشان
شُعار: '"Rerevaka na Kalou ka Doka na Tui" (سانچو:ISO 639 name fj)
" خدا کان ڊڄو ۽ راڻي کي عزت ڏيو" [1]
ترانو: خدا فجي کي سلامت رکي
Location of فجي
جو مقامفجي
گادي جو هنڌ سووا[2]
18°10′S 178°27′E / 18.167°S 178.450°E / -18.167; 178.450
سرڪاري ٻوليs[3]
نسلي گروھ (2016)
  • 56.8% فجي جا اصل مقامي ماڻھو
  • 37.5% ھندوستاني
  • 1.2% روٽوماني
  • 4.5% يورپي، پيسفڪ ٻيٽن وارا ، چيني ۽ ٻيا
مذهب (2007)
مقامي آبادي فجيئن يا فجيئائي
حڪومت وحداني پارلياماني آئيني ريپبلڪ
• صدر
جيئوجي ڪونروٽ
• وزيراعظم
فرينڪ بئنيمارما
• اسپيڪر
اپيلي نائلاٽڪائو
مقننه فجي جي پارليامينٽ
آزادي
10 آڪٽوبر1970
• ريپبلڪ
7 آڪٽوبر1987
پکيڙ
• جملي
18٬274 km2 (7٬056 sq mi) (151st)
• پاڻي (%)
negligible
آبادي
• 2018 اندازو
912,241[4] (161st)
• 2017 مردم شماري
884,887[5]
•  گھاٽائي
46.4 /km2 (120.2 /sq mi) (148th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$9.112 billion[6]
• في سيڪڙو
$10,251[6]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$5.223 billion[6]

حوالا