مهاراشٽر

انڊيا جي رياست

مھاراشٽر(انگريزي: Maharashtra ) مختصراً (MH)، جنھن جو پراڻو نالو بمبئي پريزيڊنسي ھيو، انڊيا جي اولھ م واقع ھڪ رياست جو نالو آهي جيڪا پکيڙ ۾ ٽيون نمبر ۽ آبادي ۾ ٻيون نمبر وڏي رياست آھي. ان جي پکيڙ307٬713 km2 (118٬809 sq mi)آھي. ان جون حدون اولھ ۾ عربي سمنڊ سان، ڏکڻ ۾ ڪرناٽڪا ۽ گوا سان، اوڀر ۾ تلنگانا ۽ ڇتيس ڳڙھ، اتر ۾ گجرات ۽ مڌيا پرديش ۽ اتر اولھ ۾ انڊين يونين ٽيريٽري ڊاڊرا ۽ نگر حويلي سان ملن ٿيون.[10] مھاراشٽر رياست بمبئي جي رياست جي اولھندي ۽ ڏکڻ اولھ واري حصي، بيرار ۽ ودارڀا ۽ حيدرآباد رياست جي اتر۽ اولھ واري حصن، سوراشٽر کي ورھائي ان جو ھڪ حصو ملائي ٺاھي وئي. سوراشٽر جو ٻيو حصو موجوده گجرات جي رياست آھي. مھاراشٽر جو سڀ کان وڏو شھر ممبئي آھي جنھن جي آبادي پوڻا ٻہ ڪروڙ آهي ۽ ھي شھر آبادي م انڊيا جو بہ سڀ کان وڏو شھر آھي. سياري ۾ ھن شھر جو گاديءَ جو هنڌ ناگپور ھوندو آھي ۽ اسيمبلي جي اجلاس بہ سياري م ناگپور ۾ ٿيندا آهن .[11]ھن رياست جو شھر پوني کي اوڀر جو آڪسفورڊ چوندا آهن جتي ڪيترائي تعليمي ادارا آھن. [12][13] ناشڪ انڊيا جو شراب وارو شھر سڏبو آهي جتي تمام گھڻو شراب کپي ٿو. ھن رياست جون ٻہ وڏيون نديون گوداواري ندي ۽ ڪرشنا ندي آھن.[14][15] انڊياجي آزادي کان اڳ مھاراشٽر واري ھاڻوڪي علائقي تي ستاواھانا گھراڻي، راشٽراڪوٽا گھراڻي، ويسٽرن چالوڪاس ايمپائر، دکن سلطنتن، مغلن، مراٺين (مرھٽن) ۽ پوء انگريزن حڪومت ڪئي. رياست جي ھر پاسي انھن جا ڇڏيل کنڊر، يادگار، مقبرا، قلعا، عبادتگاھون موجود آهن جن ۾ اجنتا جو غارون، ايلورا جون غارون عالمي ورثو قرار ڏنل آھن.ڪيترائي قلعا شيواجي سان منصوب آھن. مھاراشٽر انڊيا جي سڀ کان وڏو صنعتي رياست آھي.[16][17]

مھاراشٽر
رياست
مٿان کان، کاٻي کان ساڄي طرف : ويسٽرن گھاٽ جي ڀرسان واقع مھابليشور جي لڳ پرتاب ڳڙھ قلعو، ڇترپتي شيواجي مھاراج ترمينس ريلوي اسٽيشن ، اجنتا جي غار ۾ پدماپاني جي پينٽنگ، ايلورا جي غار ۾ ڪيلاس مندر، انڊيا جو گيٽ وي، ايليفنٽا غار ۾ تريمورتي مجسمو، شنيوار واڊا قلعو ۽ حضور صاحب ننديد
مھاراشٽر جي مھر
مھر
مھاراشٽر جو انڊيا ۾ مقام
مھاراشٽر جو انڊيا ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ (ممبئي): 18°58′12″N 72°49′12″E / 18.97°N 72.820°E / 18.97; 72.820 72°49′12″E / 18.97°N 72.820°E / 18.97; 72.820
ملڪ انڊيا
قيام 1 مئي 1960^ (مھاراشٽر جو ڏينهن )
گاديءَ جا هنڌ ممبئي
ناگپور (سياري ۾)[1]
مھاراشٽر جا ٽوٽل ضلعا 36
حڪومت
 • مجلس مھاراشٽر جي حڪومت
 • گورنر وديا ساگر رائو
 • وزيراعلي دويندر فدناوس (بي جي پي )
 • ليجسليٽو اسيمبلي ٻہ ايواني
ليجسليٽو ڪائونسل ۾ 78 ميمبر
ليجسليٽو اسيمبلي ۾ 288 ميمبر
پکيڙ
 • ڪل 307,713 ڪ.م2 (118,809 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو انڊيا جي پکيڙ ۾ ٽين وڏي رياست
آبادي (2011)[2]
 • ڪل 112,372,972
The بمبئي ري آرگنائيزيشن ايڪٽ 1960 تحت بمبئي رياست کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو ھڪ کي مھاراشٽر ۽ ٻئي کي گجرات جو نالو ڏنو ويو.[3]
†† Common high court


انتظامي ۽ سياسي ورھاست

مھاراشٽر جون ڊويزنون جن ۾ ضلعا ڏيکاريل

مھاراشٽر رياست جون ڇھ انتظامي ڊويزنون آهن.[18]

  1. امراواتي
  2. اورنگ آباد
  3. ڪونڪان
  4. ناگپور
  5. ناشڪ
  6. پوني


اھي ڇھ ڊويزن وري 36 ضلعن ۾ ورھايل آھن ، 109 سب ڊويزنن ۽ 357 تعلقن ۾ ورھايل آھن. ماضي ۾ سنڌ بمبئي جو حصو رھي ھئي جنھن ڪري سنڌ جي ذيلي انتظامي ورھاست بہ تعلقو سڏبي آھي جڏھن تہ پاڪستان جي ٻين سمورن صوبن ۾ ان کي تحصيل چوندا آهن.[19] ھر ضلعي جو انتظامي عملدار ڊسٽرڪٽ ڪليڪٽر يا ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ ھوندو آھي جن جي مقرري انڊين ايڊمنسٽريٽو سروس يا مھاراشٽر سول سروس مان ٿيندي آھي.[20] تعلقن جي ھتي ورھاست بلاڪن ۾ ٿيل آهي جيڪي پينچائت يا وليج ڪائونسل يا ٽائون ميونسپلٽي تي مشتمل ھوندا آھن.[21][22]

مھاراشٽر جون ڊويزنونمھاراشٽر جا ضلعا
امراواتي
  • امراواتي
    ياوتمل
    واشم
    اڪولا
    بلڌانا
اورنگ آباد
  • اورنگ آباد
    جالنا
    بيڊ
    پارڀاني
    ھنگولي
    ننديد
    لتور
    عثمان آباد
ڪونڪان
  • ٿاني
    ممبئي
    رائيگاد
    رتناگري
    سنڌو درگ
    ممبئي سبوربن
ناگپور
  • ناگپور
    ڀنڊارا
    گونڊيا
    وارڌا
    چندرپور
    گادچيرولي
ناشڪ
  • ناشڪ
    نندربار
    ڌولي
    جل گائون
    احمد نگر
پوني
  • پوني
    ستارا
    سانگلي
    سولاپور
    ڪولھاپور

حوالا