نائورو

نائورو(انگريزي: Nauru) جو سرڪاري نالو نائورو جي ريپبلڪ آھي. ان جو پراڻو نالو پليزنٽ آئلينڊ ھيو. ھي ملڪ اوشيانا کنڊ جي علائقي جي پيسيفڪ سمنڊ جي ٻيٽن واري علائقيمائڪرونيشيا ۾ واقع آهي. ان جو سڀ کان ويجھو پاڙيسري ملڪ ڪريبتي آھي جنھن جو بانابا ٻيٽ ھن ملڪ جي اوڀر طرف 300 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. ان جي اتر-اولھ ۾ ٽوالو ۽ اتر-اوڀر ۾ 1300 ڪلوميٽرن تي سولومن ٻيٽ واقع آھن[3] اوڀر-اتر م پاپوا نيوگني ، ڏکڻ-اوڀر ۾ مائڪرونيشيا جون وفاقي رياستون ۽ ڏکڻ ۾ مارشل ٻيٽ واقع آهن. نائورو جي ڪل پکيڙ 21 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ويٽيڪن سٽي اسٽيٽ ۽ مناڪو کان پوء پکيڙ م ھي دنيا جو ٽيون نمبر ننڍڙو ملڪ آهي، ۽ يورپ کان ٻاھر دنيا جو ۽ پيسفڪ سمنڊ جو سڀ کان ننڍڙو ملڪ آهي. آباديبم جي ملڪ ويٽيڪن سٽي اسٽيٽ ۽ ٽوالو کان پوءِ دنيا جو ٽيون نمبر ننڍڙو ملڪ آهي.ھي ملڪ گڏيل قومن، پيسيفڪ آئلينڊ فورم، قومن جي دولت مشترڪه ۽ آفريڪن ڪيريبئن اينڊ پيسيفڪ گروپ آف اسٽيٽس جو رڪن آھي.

جمهوريه نائورو

نائورو ريپبلڪ
Flag of نائورو
{{{coat_alt}}}
جھنڊونِسبتي نشان
شُعار: '"سڀ کان اول خدا جي مرضي "
ترانو:  نائورو اسان جو وطن
Location of نائورو
گادي جو هنڌ يارين (اصل ۾ )
0°32′S 166°55′E / 0.533°S 166.917°E / -0.533; 166.917 (Nauru) 166°55′E / 0.533°S 166.917°E / -0.533; 166.917 (Nauru)
سڀ کان وڏو شهر دنيگومودو
دفتري ٻوليون نائوري
انگريزي
نسلي گروھ
  • 58% نائوروئن
  • 26% پيسفڪ ٻيٽن وارا
  • 8% گورا
  • 8% چيني
مقامي آبادي نائووئن
حڪومت وحدانيپارلياماني غير جماعتي جمھوريت
• صدر
لائونل آئنجيميا
•  اسپيڪر
مارڪوس اسٽيفن
مقننه پارليامينٽ
آزادي
• گڏيل قومن جي نگراني ۾, ( يونائيٽيڊ ڪنگڊم ، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ کان)
31 جنوري 1968
پکيڙ
• جملي
21 km2 (8.1 sq mi) (193rd)
• پاڻي (%)
0.57
آبادي
• آڪٽوبر 2018 مردم شماري
11,200[1] (234th)
•  گھاٽائي
480 /km2 (1٬243.2 /sq mi) (25th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$160 million[2] (192nd)
• في سيڪڙو
$12,052[2] (94th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$114 million[2]

تاريخ

ھن ملڪ جي ٻيٽن کي 100 ق م ۾ مائڪرونيشيا ۽ پولينيشيا جي ماڻھن وسايو هو. اوڻوھين صدي عيسويءَ ۾ نائورو کي جرمني ڪالوني بڻائي جرمن ايمپائر جو حصو بڻائي ڇڏيو. پھرين جنگ عظيم جي خاتمي بعد ھن ملڪ کي ليگ آف نيشنز جي اختيار ۾ رکيو ويو جنھن جي نگراني آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي ذمي ھئي. ٻين جنگ عظيم م جاپان ان تي قبضو ڪيو پوء اتحادي فوجن جي اختيار م آيو. جنگ بعد ھي ملڪ گڏيل قومن جي نگراني ۾ آيو ۽ 1968ع ۾ آزاد ٿيو ۽ 1969ع ۾ پيسيفڪ ڪميونٽي جو رڪن ٿيو.

معيشيت

نائورو فاسفيٽ جي جبلن تي مشتمل ٻيٽ آھي ۽ فاسفيٽ جو وڏو ذخيرو ھيس جيڪو کاڻن ذريعي ڪڍيو ويو[4]. جڏھن فاسفيٽ جا ذخيرا ختم ٿي ويا تہ ان کي ٽيڪس کان آجو ملڪ بڻايو ويو جنھن ڪري غيرقانوني مني لانڊرنگ جو مرڪز ٿي ويو[5]. 2001 کان 2008 تائين ۽ ٻيھر 2012 کان ھن ملڪ جي مالي مدد آسٽريليا ڪندو رھيو آھي ان جي عيوض آسٽريليا اتي غيرقانوني پناهگيرن کي قيد م رکڻ لاء نائورو ريجنل پروسيسنگ سينٽر قائم ڪيو آهي. آسٽريليا تي گھڻي مدار سبب ھن ملڪ کي آسٽريليا جي گراھڪ رياست پڻ چوندا آهن[6][7][8].

حوالا