نورڊڪ ملڪ

نورڊڪ ملڪ يا نورڊڪس(انگريزي: Nordic countries )[2] اتر يورپ ۽ اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ جو جاگرافيائي ۽ ثقافتي خطو آھي جتي انھن کي عام طور تي نارڊن ( نادرن مان نڪتل: لفظي معنيَ: اتريون) سڏيندا آهن[3] ان خطي ۾ ڊينمارڪ، فن لينڊ، آئس لينڊ، ناروي، ۽ سويڊن وارن آزاد ۽ خودمختيار ملڪن سميت ڊينمارڪ جي بادشاھت ھيٺ خود اختيار ملڪ جھڙوڪ فيرو ٻيٽ (Faroe Islands) ۽ گرين لينڊ، فن لينڊ جي رياست ھيٺ خود اختيار خطو ائولنڊ ٻيٽَ، ناروي جي ميٽروپوليٽن علائقي جا بي اختيار خطا جان مايين ٻيٽ ۽ سوالبارڊ واري ٻيٽن جي جھرمٽ پڻ شامل آھن[4] ناروي جي بادشاھت جي ماتحت بُووَيٽ ٻيٽُ تمام پري واري جاگرافيائي بيھڪ جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن نورڊڪ ملڪن واري جاگرافيائي خطي ۾ شمار نہ ٿيندو آهي. يورپ جي اترئين پاسي جا کوڙ علائقا اتر ۾ ھجڻ ۽ نورڊڪ ملڪن سان ثقافتي ۽ نسلي لاڳاپا ھجڻ باوجود نورڊڪ خطي ۾ شمار نہ ٿيندا آهن جن ۾ اسڪاٽ لينڊ جا نادرن آئلز ۽ اسٽونيا شامل آهن.
نورڊڪ ملڪ تاريخ ، مذھب، سماجي بناوٽ ۾ ھڪجھڙائي رکندڙ آھن ۽ انھن جي سياسي اتحادن ۽ باھمي ويجھڙائپ جي ھڪ ڊگھي تاريخ رھي آھي پر اھي سڀ ھن وقت ھڪ وجود واري حيثيت نہ ٿا رکن. اوڻويھين صديءَ ۾ ڊينمارڪ، ناروي ۽ سويڊن کي ھڪ ملڪ بڻائڻ لاءِ اسڪينڊينيويائي تحريڪ شروع ٿي. ويھين صديءَ ۾ فن لينڊ ۽ آئس لينڊ جي آزادي بعد ان تحريڪ جو دائرو وڌي جديد منظم نارڊن سھڪار ۾ تبديل ٿي ويو. جنھن بعد ھيلسنڪي واري معاهدي سان نورڊڪ ڪائونسل ۽ نورڊڪ وزيرن واري ڪائونسل وجود ۾ آيا. انگريزي ۾ اسڪينڊينيويا کي پڻ نورڊڪ ملڪن جو نعم البدل سمجھيو ويو ھو جيڪو دراصل ٽن ملڪن ڊينمارڪ، سويڊن ۽ ناروي جو جاگرافيائي نالو آهي ۽ نورڊڪ ملڪن جو حصو آهي[5][6][7][8][9].نورڊڪ ملڪن جي گڏيل پکيڙ 3٬425٬804 ڪلوميٽرزچورس (1٬322٬710 sq mi) آهي. ان جو اڌ حصو برف ۽ گگليشيئرن تي مشتمل ھجڻ ڪري رھائش جي قابل ناھي. گرين لينڊ جو اڌ کان وڌيڪَ علائقو رھائش جي قابل ناھي. جنوري 2013ع ۾ نورڊڪ ملڪن جي آبادي 2,60,00,000 ھئي[10].

نورڊڪ ملڪ

نورڊڪ ملڪن جو مقام
نورڊڪ ملڪن جو مقام
گاديون
ٻوليون
جوڙجڪ
قیام
• نورڊڪ ڪائونسل جو افتتاح
12 فيبروري 1953
• ھيلسنڪي وارو معاھدو
23 مارچ 1962
• نورڊڪ وزيرن جي ڪائونسل ۽ سيڪريٽريٽ جو افتتاح
جولاء 1971
پکيڙ
• جملي
3٬425٬804 km2 (1٬322٬710 sq mi) (7th)
آبادي
• 2019 اندازو
27,359,000 (49th)
• 2000 مردم شماري
24,221,754
•  گھاٽائي
7.62 /km2 (19.7 /sq mi) (225th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.6 کرب ڊالر[1] (19th)
• في سيڪڙو
$58,000 (13th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.6 کرب ڊالر (11th)

حوالا