گرين لينڊ

گرين لينڊ(انگريزي: Greenland ) گرين لينڊڪ ٻولي ۾ ڪلاليٽ نوناٽ (Greenlandic: Kalaallit Nunaat دنيا جي سڀ کان وڏي ٻيٽ جو نالو آهي[7]. [8]. گرين لينڊ آرڪٽڪ سمنڊ ۽ اينٽلاٽڪ سمنڊ وچ ۾ واقع آهي. اھو ڊينمارڪ جي بادشاھت ھيٺ ھڪ خوداختيار انتظامي علائقو آهي[9] طبعي جاگرافي جي لحاظ کان اھو اتر آمريڪا کنڊ ۾ واقع آهي پر سياسي ۽ ثقافتي لحاظ کان ان جو واسطو يورپ سان وڌيڪ آھي خاص طور تي ناروي، ڊينمارڪ ۽ آئس لينڊ سان ھڪ ھزار سال کان بہ وڌيڪ ويجھو رھيو آھي[10] ھتان جي رھاڪن جي اڪثريت انيوئٽ آھي جن جا ابا ڏاڏا الاسڪا کان اتر ڪيناڊا جي رستي لڏي آيا ھئا ۽ تيرھين صدي ۾ آھستي آھستي ان ٻيٽ تي آباد ٿيا[11]. اڄڪلھ آبادي ٻيٽ جي ڏکڻ-اولھ واري سامونڊي ڪناري لڳ مرڪوز آھي ۽ باقي ٻيٽ ۾ ڇڊي آبادي آھي. گرين لينڊ پنج ميونسپلٽين ۾ ورھايل آھي جن ۾ سرمرسوق، ڪوجاليڪ، ققرتالڪ، قيقئاٽا ۽ ايواناٽا شامل آهن. گرين لينڊ جا ٻہ غير شھري علائقا پڻ آهن جن ۾ نارٿ ايسٽ گرين لينڊ نيشنل پارڪ ۽ ٿولي ايئربيس شامل آهن. ايئر بيس ڊينمارڪ جي ڪنٽرول ۾ آهي جنھن جو انتظام يونائيٽيڊ اسٽيٽس ايئرفورس وٽ آهي[12] گرين لينڊ جو ٽي ڀاڱي چار حصو مستقل برف جي چادر سان ڍڪيل آهي. گرين لينڊ جي آبادي 2020 جي ڪاٿي مطابق 56,081 آهي. ھي ٻيٽ دنيا جي اندر سڀ کان وڌيڪ ڇڊي آبادي وارو علائقو آهي[13] گرين لينڊ جي آبادي جو ٽيون حصو نوڪ شھر ۾ رھندڙ آھي جيڪو ان جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر آھي. آبادي ۾ ٻيون نمبر وڏو شهر سسيميوٽ جيڪو نوڪ کان اتر طرف 320 ڪلوميٽر (200 mi) جي فاصلي تي واقع آهي. جاندارن جي تحفظ لاء گرين لينڊ ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو نيشنل پارڪ نارٿ ايسٽ گرين لينڊ نيشنل پارڪ واقع آهي جيڪو 1974ع ۾ قائم ٿيو ۽ 1988 ۾ وڌائي موجوده ايراضي 972٬001 ڪلوميٽرزچورس (375٬292 sq mi) تي آندو ويو.

گرين لينڊ

Kalaallit Nunaat  (ٻولي؟)
ڊينمارڪ جي بادشاھت ۾ خوداختيار علائقو
گرين لينڊ جو جھنڊو
جھنڊو
گرين لينڊ جي سرڪاري مھر
نسبتي نشان
ترانو : "تون اسان جي قديم سرزمين"
گرين لينڊڪ ترانو: تمام وڏي سرزمين
گرين لينڊ جو مقام
گرين لينڊ جو مقام
مڪانيت  گرين لينڊ  (ڳاڙهو) نقشو ڊينمارڪ جي بادشاھت  (ڳاڙهو ۽ ھلڪو بادامي)
مڪانيت  گرين لينڊ  (ڳاڙهو)

نقشو ڊينمارڪ جي بادشاھت  (ڳاڙهو ۽ ھلڪو بادامي)

خودمختيار رياست ڊينمارڪ جي بادشاھت
ناروي جي يونين 1262
ڊينش نارويجن نئين نوآبادڪاري 1721
ڊينمارڪ جي علحدگي 14 جنوري 1814
گھرو راڄ 1 مئي1979
وڌيڪ خوداختياري ۽ پنھنجي حاڪميت 21 جون 2009[1]
گادي جو هنڌ نوڪ
64°10′N 51°44′W / 64.167°N 51.733°W / 64.167; -51.733
سڀ کان وڏوشھر گادي جو هنڌ
سرڪاري   ٻوليون گرين لينڊڪ
نسلي گروھَ
(2018)
اصل رھاڪو:[2]
  • 88.9% انيوئٽ

بعد جا آيل:

  • 7.8% ڊينش
  • 1.1% نورڊڪ
  • 1.4% ٻيا
مذھب
عيسائيت (گرين لينڊ جي ڪليسا)
آبادي جو نالو
  • گرين لينڊر
  • گرين لينڊڪ
حڪومت پارليامينٽري آئيني بادشاهت ھيٺ منتقل حڪومت
• شاھي حڪمران
مارگريٽ ٻين
• ھاء ڪمشنر
ميڪائيلا اينجيل
• وزيراعظم
ڪم ڪئيلسن
• اِنَٽسِسئَرٽُٽ جو اسپيڪر
ويويئن موٽزفيلڊٽ
قانونساز ادارو اِنَٽسِسئَرٽُٽ
پکيڙ
•  ڪل
2٬166٬086 km2 (836٬330 sq mi)
•  پاڻي  (%)
83.1 [3]


تاريخ

گرين لينڊ گذريل 4500 سالن ۾ آھستي آھستي آرڪٽڪ ماڻھن سان آباد ٿيو جيڪي ھاڻوڪي ڪيناڊا جي پاسي کان اتي پھتا[14][15] نورس ان جي ڏاکڻي حصي ۾ ڏھين صدي عيسويءَ ۾ آئس لينڊ ۾ آباد ٿيڻ بعد پھچي رھائش اختيار ڪئي. انھن ليئف ايرڪسن سان گڏجي اتر آمريڪا جو پھريون بحري سفر ڪيو. اھڙي طرح اھي يورپي ڪولمبس کان 500 سال پھرين آمريڪا پھتا ھئا. انيوئٽ ھن ٻيٽ تي 13ھين صدي عيسوي ۾ پھتا. ناروي جي لاڳيتي اثر باوجود گرين لينڊ 1216ر کان اڳ ناروي جي بادشاھت ھيٺ نہ آيو ھو. پندرهين صدي جي آخر تائين ناروي ۾ پليگ جي وبا جي ڪري آبادي گھٽجي وئي تہ گرين لينڊ ۾ پڻ نورس آباديون ختم ٿي چڪيون هيون. ان عرصي دوران 1499ع ۾ اتي پورچوگيزي آيا ۽ ٽيرا ڊو ليوراڊور ٻيٽ جي کوجنا ۽ پوء دعويداري ڪئي جيڪو ھاڻي ڪيناڊا جو ليبراڊور نالي ٻيٽ آھي[16]. سترھين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ ڊينمارڪ جا کوجي گرين لينڊ ٻيھر پھتا ۽ واپار کي مضبوط ڪيو. اتي ڊينمارڪ-ناروي جو راڄ قائم ٿيو. 1814ع ۾ ناروي ڊينمارڪ کان الڳ ٿيو ته ڪمزور حالت جي ڪري ناروي جو گرين لينڊ تي راڄ ھلي نہ سگھيو. گرين لينڊ ان سال مڪمل ڊينمارڪ جي قبضي ۾ اچي ويو. ٻي جنگ عظيم کان پوء يونائيٽيڊ اسٽيٽس ڊينمارڪ کان ڏھ ڪروڙ ڊالرن جي عيوض گرين لينڊ خريد ڪرڻ جي چاھيو پئي پر ڊينمارڪ انڪار ڪيو. 1950ع ۾ ڊينمارڪ آمريڪا کي گرين لينڊ ۾ ٿولي ايئربيس استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني. 1953ع ۾ گرين لينڊ جي ڪالوني واري حيثيت کي ختم ڪيو ويو ۽ باقاعده ان کي ڊينمارڪ جي رياست جو حصو بڻايو ويو ۽ ھتان جا ماڻھو کي ڊينش شھريت ڏني وئي. 1961 ۾ گرين لينڊ يورپين فري ٽريڊ ايسوسيئيشن (EFTA) ۾ شامل ٿيو. ڊينمارڪ باني ميمبر ھجڻ ڪري 1960 ۾ شامل ٿي چڪو ھو پر ان جي رڪنيت 1973ع ۾ يورپين ڪميونٽيز ۾ شموليت جي ڪري ختم ٿي وئي. 1973ع ۾ گرين لينڊ ڊينمارڪ سان گڏ يورپين ايڪانامڪ ڪميونٽي ۾ شامل ٿيو. 1982ع ۾ ھڪ ريفرينڊم ۾ گرين لينڊ جي ماڻھن يورپين ايڪانامڪ ڪميونٽي مان نڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو جنھن تي عمل 1985ع ۾ ٿيو ۽ ان جي حيثيت يورپي ايڪانامڪ ڪميونٽي (ھاڻي: يورپي يونين) جي سمنڊ پار ملڪ ۽ علائقي واري ٿي وئي. ڊينمارڪ جي يورپي يونين ۾ شامل ھجڻ ڪري گرين لينڊ جي يورپي يونين سان اھا ويجھڙائپ واري حيثيت برقرار آھي ڇوتہ ڊينش شھريت جي ڪري اھي يورپي شھريت ۾ شامل آهن[17] 1979ع ۾ ريفرينڊم ذريعي ڊينمارڪ گرين لينڊ ۾ گھرو راڄ جي منظوري ڏني. 2008ع ۾ گرين لينڊ جي عوام ريفرينڊم ذريعي سيلف گورنمينٽ ايڪٽ جي حق ۾ پنھنجي حاڪميت قائم ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو جنھن سان ڊينش حڪومت کان گرين لينڊ جي حڪومت کي وڌيڪ اختيارن جي منتقلي ٿي.[18] نئين نظام ۾ گرين لينڊ جي حڪومت پوليس، عدالتي نظام، ڪمپني قانون، اڪائوٽنگ، آڊٽنگ، ھوابازي، معدنياتي وسيلا، وراثت، ڌاري آبادي، سرحدن جي حفاظت ۽ مالياتي ضابطن جي ذميداري گرين لينڊ جي حڪومت جي ذمي ٿي وئي. مالياتي پاليسي، خارجي معاملا ۽ دفاع اڃان ڊينمارڪ جي ڪنٽرول ۾ آهي. شروع ۾ 3.4 ارب ڊينش ڪرون جي سبسڊي ڊينمارڪ طرفان ڏني وئي جيڪا پوء آھستي آھستي گھٽائي وئي. گرين لينڊ جو دنيا م قابل تجديد توانائي ۾ وڏو حصو آھي[19]

جاگرافي

گرين لينڊ جو نقشو

گرين لينڊ دنيا جو سڀ کان وڏو ٻيٽ ۽ اتر آمريڪا ۾ ڪيناڊا ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس بعد سڀ کان وڏو خطو آهي[20] [21] ان جي اتر ۾ آرڪٽڪ سمنڊ، اوڀر ۾ گرين لينڊ سمنڊ، ڏکڻ اوڀر ۾ نارٿ ايٽلانٽڪ سمنڊ، ڏکڻ اولھ ۾ ڊيوس سامونڊي لنگھ، اولھ ۾ بيفن اپسمنڊ ۽ اتر اولھ ۾ ناريس سامونڊي لنگھ ۽ لنڪن سمنڊ واقع آھن. ناريس سامونڊي لنگھ ۽ بيفن اپسمنڊ جي ٻئي پار ڪيناڊا، ايٽلانٽڪ سمنڊ واري پاسي آئس لينڊ واقع آھن جيڪي گرين لينڊ جا پاڙيسري ملڪ آھن.

گرين لينڊ جو ڏکڻ اوڀر وارو ساحلي ڪنارو

موسم

ڌرتي جي اترين اڌ گول جو سڀ کان گھٽ ترين گرمي پد 22 ڊسمبر 1991ع ۾ گرين لينڊ ٽوپو گرافڪ چوٽي لڳ رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو منفي 69.6C- ھيو[22]. نوڪ شھر جو روزانو وارو سراسري گرمي پد موسمن مطابق منفي 5.1C- کان 9.9C تائين گھٽ وڌ ٿيندو رھي ٿيو[23] گرين لينڊ جي ڪل پکيڙ 2٬166٬086 km2 (836٬330 sq mi) آھي جنھن ۾ سن جا سمنڊ پار واقع ٻيا ننڍڙا ٻيٽ پڻ شامل آهن. ان مان 1٬755٬637 km2 (677٬855 sq mi)ايراضي مستقل برف سان ڍڪيل آهي[24]. گرين لينڊ جو سڀ کان مٿانهون مقام اوڀر گرين لينڊ جبلن جي واٽڪنس نالي قطار جي Gunnbjørn Fjeld نالي چوٽي آھي جيڪا سامونڊي سطح کان 3٬700 m (12٬139 ft) بلند آھي[25][26][27]. 1951ع ۾ ھڪ فرينچ سائنسدان پائول ايميل وڪٽر جي تحقيق مطابق برف جي چادر ھيٺ گرين لينڊ ٽن وڏن ٻيٽن ۾ ورھايل آھي[28]. اھا تحقيق اڃان تڪراري آھي. جيڪڏھن اھا ثابت ٿي بہ وڃي پوء بہ انھن ٻيٽن جي وچ ۾ سوڙھا سامونڊي لنگھ ھوندا.

گرين لينڊ جي جبلن جو فضائي منظر

گرين لينڊ جي برف جي چادر تي تحقيق لاءِ چار سائنسي مھمن جا اسٽيشن قائم ڪيل آھن.

ڏکڻ گرين لينڊ زراعت جي لاء موزون جاء آھي

آخري اتر ۾ ۾ پيئري لينڊ تي برف جي چادر ڪانھي ڇوته اتي ھوا ايتري خشڪ آھي جو برف ٺھڻ ممڪن ناهي.

زندگي جا انواع

گرين لينڊ جا مسڪ ڍڳا

گرين لينڊ ۾ ڄاتل جيتن جا 700 قسم موجود آهن جيڪي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ آهن ڇوته دنيا ۾ جيتن بجي ڄاتل قسمن جو تعداد ڏھ لک تائين آھي. گرين لينڊ جو سمنڊ مڇين سان سرشار آھي. ھتي جي جاندارن جو وڏو تعداد سامونڊي پکين تي مشتمل آهي. مئمل جانورن جا ھتي ٿورڙا قسم آھن جن ۾ قطبي رڇ، ڦاڙھو، آرڪٽڪ لومڙ، آرڪٽڪ سيھڙ، مسڪ ڍڳو، آرڪٽڪ بگھڙ، قاقم (ermine), ڪالرڊ ليمنگ (collard lemming). گرين لينڊ جي سمنڊ ڪناري لڌڙن ۽ سمنڊ اندر وھيل جا بہ کوڙ قسم رھن ٿا. زميني جانورن مان تقريبن سمورا اتر آمريڪا کان ھتي آيا. پکي ۽ جيت ھتي يورپ مان آيا. ريڙهيون پائيندڙ جاندار گرين لينڊ ۾ ڪانہ آھن[29].گرين لينڊ ۾ وڏن وڻن ۽ وڏن ٻوٽن جا 500 قسم ۽ باقي جا 950 قسم آھن. فنجاء جا 600 کان 700 قسم لڀن ٿا. وڏن وڻن جي اڪثريت سرڪمبوريئل آھي. ڪجهه وڻ ھتي نورس نسل جي ماڻھن متعارف ڪرايا.

گرين لينڊڪ ڪتو جيڪو ھڪ ھزار سال اڳ ھتي سائبيريا مان آندو ويو

گرين لينڊڪ ڪتو ۽ گرين لينڊڪ رڍ ھتي انيوئٽ ماڻھن آندا. ٻڪري، ڦاڙھو، گھوڙو، ريڍار ڪتو، ڪڪڙ ۽ چوپايو مال ھتي يورپين متعارف ڪرايو[30].

سياسي نظام

مارگريٽ ٻين (ڊينمارڪ جي راڻي)
ڊينمارڪ جي وزيراعظم ميٽي فريڊرڪسن
گرين لينڊ جو پريميئر
ڪم ڪئيلسن
يورپي يونين جا مخصوص علائقا
نوڪ گرين لينڊ جو گاديءَ جو هنڌ آهي

گرين لينڊ جو رياستي سربراھ ڊينمارڪ جو شاھي حڪمران آھي. ھن وقت راڻي مارگريٽ ٻين شاھي سربراھ آھي جيڪا ڊينمارڪ جي رياستي سربراھ آھي ۽ اسٽيٽ جي ڊينش ڪائونسل(پروي ڪائونسل) جي صدارت ڪندي آهي[31][32] [33][34] گرين لينڊ جي سياسي جماعتن ۾ فارورڊ پارٽي جيڪا سوشل ڊيموڪريٽڪ آھي، انيوئٽ ڪميونٽي جيڪا ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ آھي، انيوئٽ پارٽي جيڪا ايڪو سوشلسٽ آھي، ڊيموڪريٽ پارٽي ۽ سيومٽ پارٽي شامل آهن.

گرين لينڊ جون ميونسپالٽيون

ڊينمارڪ جي راڻي گرين لينڊ جي لاءِ ھاء ڪمشنر مقرر ڪندي آهي جيڪو گرين لينڊ م ان جي نمائندگي ڪندو آهي. ڊينمارڪ جي پارليامينٽ جو نالو فولڪيٽنگ آھي جنھن جا 179 رڪن آھن جن ۾ گرين لينڊ جي نمائندگي ٻہ رڪن ڪندا آهن جيڪي گرين لينڊ مان چونڊجي ايندا آهن[35]. گرين لينڊ کي نيوڪ ۾ پنھنجي الڳ پارليامينٽ آھي جنھن جا ڪل 31 رڪن آھن. گرين لينڊ جي حڪومت جو سربراھ پريميئر سڏبو آهي.

انتظامي ورهاست

گرين لينڊ پھرين ٽن ڪائونٽين ۽ 18 ميونسپلٽين ۾ ورھايل ھيو. اھو نظام 2009ع ۾ ختم ڪيو ويو. نئين ورھاست ڏکڻ گرين لينڊ جي پنجن وڏين ميونسپلٽين ۾ ڪئي وئي جن ۾ سرمرسوق ، ڪوجاليڪ، قيقئاٽا، ققرتالڪ ۽ ايواناٽا. سرمرسوق لفظ جي معني آهي گھڻي برف. اھا نوڪ شھر جي چوڌاري واقع آهي جنھن ۾ اوڀر واري سامونڊي ڪناري جون آباديون اچي وڃي ٿو. ڪوجاليڪ جي معنيَ آھي ڏکڻ. ان ۾ ڪيپ فيئرويل جو چوڌاري علائقو شامل آهي. قيقئاٽا جي معنيَ آهي وچ. اھو نوڪ جي اتر طرف وارو علائقو آھي جيڪو ڊيوس سامونڊي لنگھ سان ملي ٿو. ققرتالڪ لفظ جي معني آهي اھو جيڪو ٻيٽن جي ويجھو ھجي. ڊسڪو اپسمنڊ جي ٻيٽن جي ويجھڙائپ ڪري ان تي اھو نالو پيو. ايواناٽا جي معنيَ آهي اتريون . اتر اولھ ۾ ھجڻ ڪري ان کي اھو نالو پيو. ققرتالڪ ۽ ايواناٽا پھرين ھڪڙي ميونسپلٽي ھئي جنھن کي 2018ع ۾ ورھايو ويو. گرين لينڊ جي اتر اوڀر واري علائقي کي ٻن غيرشھري علائقن ۾ ورھايو ويو جن ۾ ھڪ کي دنيا جو سڀ کان وڏو نيشنل پارڪ بڻايو ويو ۽ باقي ٻئي ۾ ٿولي ايئربيس واقع آهي تنھن ڪري ان ايئربيس جي مالي سان سڏبو آهي.

معيشت

گرين لينڊ جون برآمدون ڏيکاريندڙ گراف

گرين لينڊ جي معيشت لڳ ڀڳ ماھيگيري تي مدار رکندڙ آھي. ملڪ جي 90 سيڪڙو کان وڌيڪَ برآمد مڇي آهي.[36] گانگٽ ۽ مڇي جي صنعت آمدني جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي[37] گرين لينڊ ۾ معدنيات جي پڻ ڪثرت آھي[36] ياقوت جي کاڻن جو ڪم 2007 ۾ شروع ڪيو ويو.

ڏکڻ اوڀر گرين لينڊ جي سرمرسوق ميونسپلٽي ۾ واقع شھر تاسيئلاق
سسيميوٽ جي بندر تي لنگرانداز ٿيل رايل گرين لينڊ مڇي جي شڪار وارو ٻيڙو

ھائڊرو پاور واري صلاحيت ھجڻ باوجود ھتي بجلي جي پيداوار گھڻي ڀاڱي تيل يا ڊيزل واري پلانٽن ذريعي ٿئي ٿي. پر ھاڻي ھائڊرل پاور پلانٽ لڳائڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي[38][39] پبلڪ ايٽرپرائيزز سميت پبلڪ سيڪٽر ۽ ميونسپالٽيون گرين لينڊ جي معيشت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا. حڪومت جي لڳ ڀڳ اڌ آمدني ڊينمارڪ حڪومت جي گرانٽ ذريعي ملي ٿي.

حوالا