هانگ ڪانگ

ھانگ ڪانگ(انگريزي: Hong Kong ), عوامي جمهوريه چين جي مخصوص انتظامي ريجن جو نالو آهي جيڪا چين جي ڏکڻ اوڀر ۾ پرل ندي جي ڇوڙ لڳ واقع آهي. ھانگ جي آبادي اٽڪل 74 لک آھي جنھن ۾ ڪيترن ئي قوميتن جا ماڻھو شامل آهن. ان جي پکيڙ 1104 چورس ڪلوميٽر آهي. ھي شھر دنيا جي سڀ کان وڌيڪَ گھاٽي آبادي واري شھرن ۾ شامل آهي. 1842ع ۾ پھريون جنگ آفيم جي پڄاڻي بعد ھي شھر برطانوي ايمپائر جي ڪالوني ٿي ويو[7] 1997ع ۾ ان جو انتظامي اختيار چين جي حوالي ٿيو[8] مخصوص انتظامي ريجن جي حيثيت ڪري ھن شھر جو معاشي نظام چين جي معاشي نظام کان الڳ آھي[9]. ھتان جا ماڻھو پاڻ کي چيني سڏائڻ جي ڀيٽ ۾ ھانگڪانگي يا ھانگڪانگر سڏائڻ پسند ڪندا آهن[10] شروع ۾ ھتي جي آبادي تمام ڇڊي ھئي جنھن ۾ مھاڻن جا ڳوٺ شامل ھئا[7] پر پوء اھو دنيا جو وڏو مالياتي مرڪز ۽ واپاري بندرگاھن وارو شھر بڻجي ويو [11] اھو 2019ع م دنيا ۾ برآمدات ۾ ڏھون نمبر ۽ درآمدات ۾ نائون نمبر وڏو شهر هو[12][13] ۽ دنيا جو ستون وڏو واپاري مرڪز ھيو[12][13] ھانگ ڪانگ جو ڊالر پرڏيهي مٽاسٽا ۾ دنيا جي 13 وڏي واپاري ڪرنسي ھئي[14][15] ھن شھر کي عالمي شھر واري ترتيب ۾ الفا پلس جو درجو ڏنل آهي[16] ھن شھر کي ڪثيرالتعداد فلڪ بوس عمارتن جو شھر پڻ سڏيندا آهن جن مان گھڻي کان گھڻيون وڪٽوريا ھاربر جي چوڌاري واقع آهن[17].شھر جي 90 سيڪڙو کان مٿي آبادي پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪندڙ آھي.

ھانگ ڪانگ واري مخصوص انتظامي ريجن

چيني: 中華人民共和國香港特別行政區
A flag with a white 5-petalled flower design on solid red background
A red circular emblem, with a white 5-petalled flower design in the centre, and surrounded by the words "Hong Kong" and "中華人民共和國香港特別行政區"
جھنڊونشان
ترانو: "جانثارن جي پيشقدمي"
شھري گل:
بَاھُوئِينِيا بِلَيچَيئِنا
چين ۾ ھانگ ڪانگ جو مقام
دفتري ٻوليون
مقامي ٻوليون ڪينٽوني (ڪينٽونيز)
دفتري لکت روايتي چيني
انگريزي الفابيٽ
نسلي گروھ (2016) 92.0% ھان
2.5% فلپائني
2.1% انڊونيشيائي
0.8% گورا
2.6% ٻيا
مقامي آبادي ھانگڪانگي يا ھانگڪانگر
حڪومت سوشلسٽ ريپبلڪ ۾ اختيارن جي منتقلي واري انتظاميه
• چيف ايگزيڪيوٽو
ڪيري لئم
• چيف سيڪريٽري
مَيٿِيو چَيئَنگ
• مالياتي سيڪريٽري
پائل چن
• سيڪريٽري انصاف
ٽريسا چينگ
• صدر ليجسليٽو ڪائونسل
اينڊريو ليئنگ
• چيف جسٽس
جيوفري ما
مقننه ليجسليٽو ڪائونسل
قومي نمائندگي
• نيشنل پيپلز ڪانگريس
36 ڊپٽي (ڪانگريس جي ٽوٽل 2,924 ڊپٽين مان)
• چيني عوام جي سياسي مشاورتي ڪانفرنس
203 وفد
مخصوص انتظامي ريجن عوامي جمهوريه چين منجھ
• برطانوي تسلط
26 جنوري 1841
• نانڪنگ وارو معاھدو
29 آگسٽ 1842
• پيڪنگ وارو ڪنوينشن
18 آڪٽوبر 1860
• ھانگ ڪانگ جي خطي جي توسيع وارو ڪنوينشن
9 جون 1898
• ھانگ ڪانگ تي جاپاني تسلط
25 ڊسمبر 1941
to 30 آگسٽ 1945
• چيني ۽ برطانوي مشترڪه پڌرنامو
19 ڊسمبر 1984
• ھانگ ڪانگ جي اقتدار جي منتقلي
(برطانيا کان)

1 جولاء 1997
پکيڙ
• جملي
[اوزا تبديل: invalid number] (168th)
• پاڻي (%)
3.16 (35 km2; 13.51 sq mi)[1]
آبادي
• 2018 اندازو
7,482,500[2] (102nd)
•  گھاٽائي
[اوزا تبديل: invalid number] (4th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019[4] لڳ ڀڳ
• ڪل
$502 ارب ڊالر (44th)
• في سيڪڙو
$66,517 (10th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019[4] لڳ ڀڳ
• ڪل
$381 ارب ڊالر (35th)

حوالا