ڀينڊي

ڀينڊي ( سائنسي نالو: Abelmoschus ) هڪ ٻوٽي جو ميوو آهي جنهن کي سبزي جي طور تي استعمال ڪيو ويندو آهي. هن جو رنگ سائو هوندو آهي۔ ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪافي علائقن ۾ پوکي ويندي آهي. هن جو ٻوٽو ٻه ميٽرن تائين ڊگهو ٿي سگهي۔

ڀينڊي

Abelmoschus esculentus

Okra flower bud and immature seed pod
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم:نباتات
Division:گلن وارا ٻوٽا
درجو:ٻه ٻجو
(unranked):Rosids
ترتيب:Malvales
خاندان:Malvaceae
نسل:Abelmoschus
جنس:A. esculentus
حياتياتي نالو
Abelmoschus esculentus
(لني اس) Moench
Map showing worldwide okra production
Worldwide okra production
هم معنيٰ

Hibiscus esculentus L.

ڀينڊيءَ کي هتي ڪاٺتُوري ۽ هندستانيءَ ۾ رامتُرئي چوندا آهن. هن جو وڻ ٻه يا ٽي فوٽ وڏو ٿئي ٿو، اڃا به وڏو. گل پيلا اٿس. ساري هندستان ۾ هيءَ مشهور ڀاڄي آهي. هن جي ڦر ۾ گِگِ يا لِڳِ لِڳِ جهڙي شيءِ رهي ٿي. ڀينڊيون ٻوڙ ۾ وجهندا آهن ۽ ڌار رڌي يا تري به کائيندا آهن. سانوڻ جي شروع ۾ ٻج پوکبو آهي. وڻ وڻ جي وچ ۾ اَٺ ڏهه انچ وڇوٽي هئڻ کپي ۽ چريون هڪٻئي کان ٻه فوٽ پري هئڻ گهرجن. ڀينڊيءَ کي انگريزيءَ ۾ ليڊيز فنگر (يعني زال جي آڱر) يا گوبو چون ٿا.[1]

حوالا