چانگچنگ


چَانگچنگ يا چَنگڪِنگ (انگريزي: Chongqing ) [tʂʰʊ̌ŋ.tɕʰîŋ] (About this sound ٻڌو)[9][10][11] عوامي جمهوريه چين جي ڏکڻ اولھ واري ريجن ۾ واقع ھڪ مرڪزي حڪومت جي سڌي اختيار واري ميونسپلٽي ۽ شھر جو نالو آهي[12] پکيڙ ۾ ھي ميونسپلٽي يورپ جي ملڪ آسٽريا جيتري وڏي آھي جنھن ۾ چانگچنگ کان سواءِ کوڙ ننڍڙا شھر پڻ شامل آهن. جمھوريه چين (1912–1949) واري دور ۾ اھا ميونسپلٽي سشوان صوبي جو حصو ھئي. 14 مارچ 1997ع ۾ چين جي وچولي ۽ اولهندي حصي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ان کي سشوان صوبي کان ڌار ڪيو ويو[13] 2018 ۾ ان جي آبادي 3 ڪروڙ ھئي[14] چانگچنگ شھر ۾ 9 ضلعا واقع آھن ۽ 2018ع ۾ شھر جي آبادي 8,750,000 ھئي[15] 2010 جي آدمشماري چانگچنگ ميونسپلٽي چين جي سڀ کان گھاٽي آبادي واري ميونسپلٽي ھئي.

چَانگچِنگ
Chongqing
چنگڪنگ، چنگچنگ
چيني حڪومت جي سڌي اختيار واري ميونسپلٽي
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان: يوژانگ جو افقي منظر, چانگچنگ ريل ٽرانزٽ، لائين 2، جيئالنگ ندي سان گڏ، فينجو ڪائونٽي ۾ زير تعمير پلون، چانگچنگ آرٽ ميوزيم ۽ ھونگيا غار
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان: يوژانگ جو افقي منظر, چانگچنگ ريل ٽرانزٽ، لائين 2، جيئالنگ ندي سان گڏ، فينجو ڪائونٽي ۾ زير تعمير پلون، چانگچنگ آرٽ ميوزيم ۽ ھونگيا غار
چين جي نقشي ۾ چانگچنگ ميونسپلٽي جو مقام
چين جي نقشي ۾ چانگچنگ ميونسپلٽي جو مقام
جاگرافي بيهڪ (چانگچنگ ميونسپل حڪومت): 29°33′49″N 106°33′01″E / 29.5637°N 106.5504°E / 29.5637; 106.5504 106°33′01″E / 29.5637°N 106.5504°E / 29.5637; 106.5504
ملڪ عوامي جمهوريه چين
قيام c. 316 ق م
ميونسپل واري گادي يوژانگ ضلعو
انتظامي ورهاست
  ڪائونٽي سطح تي:
  ٽائون شپ سطح تي:

25 ضلعا ۽ 13ڪائونٽيون
1259 ٽائون، ٽائون شپ ۽ ذيلي ضلعا
حڪومت
 • قسم سڌي اختيار واري ميونسپلٽي
 • مجلس چانگچنگ ميونسپل پيپلز ڪانگريس
 • چيني ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري چَين مِنر
 • ميئر چينگ ليانگژي
 • چيئرمين ڪانگريس ژانگ شوئان
 • چيئرمين ڪانفرنس وانگ جيئانگ
پکيڙ[1]
 • ميونسپلٽي 82,403 ڪ.م2 (31,816 ميل2)
 • تعميري علائقو 5,472.8 ڪ.م2 (2,113.1 ميل2)
بلندي 244 ميل (801 ft)
بلند ترین  پیمائش (ينتيائو لنگ) 2,797 ميل (9,177 ft)
آبادي (12 31 2018)[4]
 • ميونسپلٽي 31,018,000
 •  ڪاٿو

 2019

31,240,000
چانگچنگ
لفظ چانگچنگ آسان چيني ۾ (مٿيون) ۽ سليس چيني ۾ (ھيٺيون)
آسان چیني 重庆
روایتي چیني 重慶
ھانیو پنینAbout this sound Chóngqìng
سیچواني پنینڪانگ2چن4

(سَيشُوَانس پِنيَن) لھجو
[tsʰoŋ˨˩ tɕʰin˨˩˦]

لغوي معنیٰ" ٻيڻو جشن"

حوالا