ڪوئينزلينڊ

آسٽريليا مُلڪ جي هڪ رياست يا پرڳڻو


ڪئينسلينڊ يا ڪئينز لينڊ[3](انگريزي: Queensland) جنھن جو سرڪاري نالو اسٽيٽ آف ڪئينسلينڊ آهي. اھا آسٽريليا جي اتر اوڀر ۾ واقع آسٽريليا جي پکيڙ ۾ ٻيون نمبر ۽ آبادي ۾ ٽيون نمبر وڏي رياست آھي. اھا پارلياماني نظام واري فيڊريٽيڊ رياست آھي جيڪا آئيني بادشاهت ھيٺ آھي. ان جي اولھ ۾ نادرن ٽيريٽري، ڏکڻ اولھ ۾ ڏکڻ آسٽريليا، ڏکڻ ۾ نيو سائوٿ ويلز ۽اوڀر ۾ پيسيفڪ وڏي سمنڊ جو ڪورل سمنڊ واقع آهي. ان جي اتر ۾ ٽوريس وارو سامونڊي لنگھ آسٽريليا جي ڌرتي کي پاپوا نيو گني کان ڌار ڪري ٿو.ھن رياست جي پکيڙ1852642 چورس ڪلوميٽر آهي. تمام وڏي ايراضي جي ڪري ان جون جاگرافيائي وصفون ڪثير آھن جن ۾ جبل، ٻيلا، نديون، ريگستان وغيره شامل آهن. ھن رياست جي آبادي 51 لک آھي[4] جنھن جو مرڪز رياست جو ڏکڻ اوڀر وارو پاسو آھي. رياست جي گادي جو هنڌ برزبين آهي جيڪو آسٽريليا جي سون جي ذخيرن سان ڀرپور سرزمين تي واقع آهي. رياست جي آبادي ڪثير نسلي گروھن مشتمل آهي[5][6] ڪئينزلينڊ جا اصل رھاڪو ابارجينل آسٽريلين ۽ ٽورز ٻيٽ جا رھاڪو ھيا[7][8] ڊچ جھازران وليم جانسزون پھريون يورپي ھو جنھن 1606ع ۾ آسٽريليائي سرزمين تي قدم رکيو ۽ ڪيپ يارڪ ٻيٽ نما جي کوجنا ڪئي. 1770ع ۾ جيمز ڪڪ آسٽريليا جي اوڀرندي ساحلي علائقي تي پھچي ان تي برطانيا جي لاء دعويدار ٿيو. 1787ع ۾ آرٿر فلپ اتي نيو سائوٿ ويلز ڪالوني جو بنياد وڌو. ڪئينزلينڊ جي بعد ۾ پوئين ڏھاڪن ۾ کوجنا ڪئي وئي ۽ پوء جان آڪسلي مارٽن بي پينل سيٽلمينٽ برزبين واري جاء تي 1824ع ۾ قائم ڪري اتي آبادي جو آغاز ڪيو ويو. ھن رءاس کي 6 جون 1859ع ۾ نيو سائوٿ ويلز رياست مان ڌار ڪري راڻي وڪٽوريا سان منصوب ڪندي ڪئينسلينڊ يا راڻي جي سرزمين سڏي نئين رياست جو درجو ڏنو ويو جنھن ڪري ان ڏينهن کي ھر سال ملھايو ويندو آهي[9] ڪئينزلينڊ آسٽريليا جي انھن شروعاتي ڇھن ڪالونين مان ڳولا ھڪ آھي جن ذريعي پھرين جنوري 1901ع ۾ آسٽريليا جي وفاق جو بنياد پيو.

ڪئينسلينڊ
ڪئينز لينڊ
رياست
ڪئينسلينڊ ڪئينز لينڊ
جھنڊو
{{{official_name}}}}}
قومي نشان
عرفيت: اُسَ واري رياست
نعرو: بھادر ۽ وفادار
آسٽريليا ۾ ڪئينسلينڊ رياست
آسٽريليا ۾ ڪئينسلينڊ رياست
جاگرافي بيهڪ: 23°S 143°E / 23°S 143°E / -23; 143 143°E / 23°S 143°E / -23; 143
ملڪ  آسٽريليا
رياست ڪئينسلينڊ
ڪرائون ڪالوني 6 جون 1859 (1859-06-06)
وفاق ۾ شامل رياست جو درجو 1 جنوري 1901 (1901-01-01)
گاديءَ جو هنڌ برزبين
سڀ کان وڏو شھر برزبين
ڪائونٽيون ڪل 319 ضلعا
حڪومت
 • قسم آئيني بادشاهت
 • مجلس = ڪئينسلينڊ جي حڪومت
 • ڪئينسلينڊ جو گورنر پائول ڊي جرسي
 • پريميئر آسٽريلين ليبر پارٽي (ڪئينسلينڊ واري شاخ)
پکيڙ
 • ڪل 1,727,000 ڪ.م2 (667,000 ميل2)
 • زميني 1,730,620 ڪ.م2 (668,200 ميل2)
 • آبي 121,991 ڪ.م2 (47,101 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو 2nd
بلند ترین  پیمائش (مائونٽ بارٽل فريئر) 1,622 ميل (5,322 ft)
آبادي (March 2020)[1]
 • ڪل 5,160,023
ڪئينزلينڊ جون ڊويژنون

C

سياسي نظام

ڪئينزلينڊ جو پارليامينٽ هائوس

|

ڪئينزلينڊ جو گورنر ھائوس
ڪئينزلينڊ جي سپريم ڪورٽ جو برزبين ۾ صدر مقام

پھرين جنوري 1901ع ۾ آئيني بادشاهت ھيٺ وفاقي پارليماني نظام جي قيام بعد ھن رياست جو پنھنجو حڪومتي نظام ھڪ علحده آئين جي ذريعي عمل ۾ آيو جنھن کي ڪئينسلينڊ جق آئين سڏين ٿا جنھن جون بنيادي شقون رياست جي پارليامينٽ، عوامي ريفرنڊم کانسواءِ، تبديل نه ٿي ڪري سگھي. بنيادي انساني حقن لاء ھتي ڪئينسلينڊ ھيومن رائيٽس ايڪٽ 2019 پڻ لاڳو ٿيل آھي. ھن رياست جو حڪومتي نظام ويسٽ منسٽر نظام طرز تي جڙيل آهي. رياست جي پارليامينٽ ھڪ ايواني آھي جنھن جو نالو ڪئينزلينڊ جي ليجسليٽو اسيمبلي آهي. رياست جو سربراھ گورنر آھي جيڪو شاھي سربراھ جو نمائندو ھوندو آھي. رياست جي حڪومتي سربراھ کي پريميئر سڏيندا آهن. حڪومت جي گادي برزبين شھر ۾ آھي.

حوالا