اليگزينڊر گراھم بيل

ٽيليفون تي ڪم ڪرڻ جي ڪري ڄاتو ويندڙ سائنسدان

اليگزينڊر گراھم بيل
(انگريزي ۾: Alexander Graham Bell)[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم3 مارچ 1847 [2][3][4][5][6][1][7][8][9][10][11][12][13]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
ايڊنبرا [1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت2 آگسٽ 1922 (75 سال)[14][3][1][8][10][11][12][13]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
وجه موتڊيابطس [15]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو cause of death (P509) وڪي ڊيٽا تي
شھريت آمريڪا (1882–1922)[1]
عظيم برطانيا ۽ آئرلينڊ جي گڏيل بادشاھت (1847–1882)[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
قد
وزن
عملي زندگي
پيشوپروفيسر   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻوليانگريزي ٻولي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻوليايَ ايس ايل [16]،انگريزي ٻولي [17]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دستخط
 
ويب سائٽ
IMDB تي صفحو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

سائنسدان ۽ ٽيليفون جو مؤجد اليگزينڊر گراهم بيل اسڪاٽلئنڊ جي شهر ”ايڊنبرا“ ۾ 3 مارچ 1847ع تي ڄائو. 1858ع ۾ ”ايڊنبرا“ جي رايل هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين، جتان تعليم حاصل ڪرڻ بعد، 1863ع ۾، ويسٽن هائوس اسڪول ۾ استاد ٿيو. بعد ۾ 1866ع ۾ ”سومرسٽ شاير“ ڪاليج ۾ استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. ان کانسواءِ لنڊن ۾ ٻوڙن جي اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. ان دوران لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي تعليم کي پڻ جاري رکيائين. 1870ع ۾ والدين سان گڏ ڪئناڊا ويو ۽ 24 سالن جي عمر ۾ 1873ع ۾ بوسٽن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، جتي ميبل هبارڊ (Mabel Hubbard) سان سندس پهرين ملاقات ٿي. ان دؤران هو ”هارمونڪ ٽيليفون“ جا تجربا ڪندو رهيو ۽ نيٺ 1875ع ۾، ٽيليفون ايجاد ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. 10 مارچ 1876ع تي هن دنيا جو پهريون ٽيليفون پيغام موڪليو ۽ ساڳئي ئي سال 25 جون تي فلاڊيلفيا (Philadelphia) ۾ ٽيليفون جي نمائش جو اعلان ڪيائين. 9 جولاءِ 1877ع تي ”بيل ٽيليفون ڪمپنيءَ“ جو بنياد وڌو ويو. اليگزينڊر 11 جولاءِ 1877ع تي ”ميبل هبارڊ“ (Mabel Hubbard) سان شادي ڪئي. 1879ع ۾ ”بيل ٽيليفون ڪمپنيءَ“ مان استعيفيٰ ڏئي، اسڪاٽلئنڊ جي ”گريناڪ“ شهر ۾ ٻوڙن ٻارڙن لاءِ اسڪول قائم ڪيائين. ان کان پوءِ هن 1883ع ۾ واشنگٽن ۾ ٻوڙن جي لاءِ هڪ الڳ اسڪول کوليو. هن 1886ع ۾ ”باديڪ بي“ شهر ۾ ذاتي جڳھ خريد ڪري، هڪ لئبارٽري قائم ڪئي. آمريڪا ۾ ٻوڙن کي ڳالهائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ لاءِ هڪ تنظيم جو بنياد پڻ وڌائين، جنهن جو پهريون صدر پاڻ ٿيو. ان کان سواءِ ”نئشنل جاگرافڪ سوسائٽيءَ“ ۾ ”سمٿ سونين“ اداري جو صدر پڻ ٿيو. ٽيليفون ذريعي، دنيا کي ”گلوبل نيٽ“ (Globel net) بڻائيندڙ هن عظيم سائنسدان، 75 سالن جي عمر ۾ 2 آگسٽ 1922ع ۾ وفات ڪئي.[18]

حوالا