انڊورا

مغربي يورپ ۾ ملڪ

اينڊورا:(انگريزي: Andorra) جنھن جو سرڪاري نالو انڊورا جي پرنسپلٽي آهي آئبيرين اپٻيٽ جو خشڪي سان گھيريل ھڪ خودمختيار ننڍڙو ملڪ آهي جيڪو اسپين ۽ فرانس جي سرحد تي واقع آھي. ان جي اتر م فرانس ۽ ڏکڻ ۾ اسپين واقع آهي جنھن جو بنياد شارليمن ( فرينڪ بادشاھ چارلس I) وڌو. ھن ملڪ تي 988 تائين ھتان جو حاڪم ڪائونٽ آف اورغيل ھيو جنھن بعد رومن ڪيٿولڪ انتظاميه جي حاڪميت م آيو. موجوده پرنسپلٽي 1278 ۾ فوئڪس جي ڪائونٽ، اورغيل جي بشپ جي وچ م ٿيل معاھدي تحت وجود م آئي جنھن مطابق ان علائقي تي ٻٽي حاڪميت واري گڏيل جي شروعات ٿي جن م حاڪم ھڪ ئي وقت ٻہ شھزادا مڃيا ويا جن ۾ ھڪ شھزادو اسپين جي ڪيٽلانيا واري ڪيٿولڪ بشپ ۽ ٻيو فرانس جي حاڪم طرفان شھزادو شامل ھيا ۽ اھڙي طرح ٻٽي حاڪميت واري ٻن شھزادن وارو راڄ جاري آهي. ھي ملڪ پکيڙ ۾ يورپ جو ڇھون نمبر ۽ دنيا جو سورھون نمبر ننڍڙو ملڪ آهي جنھن جي پکيڙ 468 ڪلوميٽرزچورس (181 sq mi) آھي. ھتان جا ماڻھو ڪيٽلان واري اطالوي نسل جا آھن. [8] آبادي م وري دنيا جو يارھون نمبر ننڍڙو ملڪ آهي.[9] ان جو گاديءَ جو هنڌ اينڊورا لاويلا آهي جيڪو يورپ جو بلند ترين گاديءَ جو هنڌ آهي جنھن جي سمنڊ جي سطح کان بلندي 1٬023 ميٽر (3٬356 فٽ) آهي. [10] ھن ملڪ جي سرڪاري ٻولي ڪيٽلان ٻولي آھي. سن سان گڏوگڏ ھتي اسپيني، پورچوگيزي ۽ فرينچ پڻ عام ڳالھائي وڃي ٿي. [11] ھن ملڪ جي معيشت جو وڏو حصو سياحت آهي. ھر سال ھتي ھڪ ڪروڙ کان مٿي سياح گھمڻ ايندا آهن. [12] ھي ملڪ يورپي يونين جو رڪن ملڪ ناھي پر پوء بہ ھتان جي سرڪاري ڪرنسي يورو آھي. ھن ملڪ 1993 م گڏيل قومن جي رڪن ملڪ جو درجو حاصل ڪيو. [13]

پرنسپلٽي آف اينڊورا

Principat d'Andorra  (ٻولي؟)a
Flag of اينڊورا
{{{coat_alt}}}
جھنڊوCoat of arms
شُعار: Virtus Unita Fortior
" گڏيل نيڪي وڌيڪ مضبوط آھي"[1]
'ترانو: El Gran Carlemany  (ٻولي؟)
"عظيم شارليمن"
مڪانيت  انڊورا  (سائي دائري جي وچ ۾) يورپ ۾  (تيز ڀورو)  –  [Legend]
مڪانيت  انڊورا  (سائي دائري جي وچ ۾)

يورپ ۾  (تيز ڀورو)  –  [Legend]

جو مقاماينڊورا
گادي جو هنڌ اينڊورا لا ويلا
42°30′N 1°31′E / 42.500°N 1.517°E / 42.500; 1.517 1°31′E / 42.500°N 1.517°E / 42.500; 1.517
سڀ کان وڏو شهر گاديءَ جو هنڌ
دفتري ٻوليون ڪيٽلانb
نسلي گروھ 48.8% انڊورن يا انڊوريائي
25.1%اسپيني
12% پورچوگيزي
4.4% فرينچ
9.7% باقي ٻيا
مقامي آبادي اينڊورن يا اينڊوريائي
حڪومت وحداني پارلياماني چونڊيل بادشاھت
• اينڊورا جا گڏيل شھزادا
جوئان اينرڪ وويز سسليا
ايمونيئل ميڪرون
• گورنر جنرل
جوزف ماريا مائري
پيٽرڪ اسٽرزوڊا
•  وزيراعظم
زئويئر اسپوٽ زمورا
• سينڊڪ
روزر سون پاسيوٽ
مقننه اينڊورا جي جنرل ڪائونسل
قیام
• ايراگون کان
8 سيپٽمبر 1278 [2][3]
• فرينچ ايمپائر کان
1814
• آئين
2 فيبروري 1993
پکيڙ
• جملي
467.63 km2 (180.55 sq mi) (178th)
• پاڻي (%)
0.26 (121.4 ھيڪٽر)c
آبادي
• 2019 اندازو
سانچو:واڌ 76,177[4]
•  گھاٽائي
179.8 /km2 (465.7 /sq mi) (71st)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$3.237 ارب ڊالر [5]

حوالا

حوالا