ساڄي ڌر وارا
ساڄي ڌر وارا (Rightists) ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سنڌي ادب ۾ ترقي پسند لاڙي جو سوال اڀريو، تڏهن سنڌي اديب واضح طور ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا. هڪڙا ساڄي ڌر وارا اديب، ٻيا وري کاٻي ڌر وارا اديب. ساڄي ڌر وارا ترقي پسند ۽ انقلابي سوچن جا مخالف هئا. هو ساڳئي وقت تصوف جي وحدت الوجود واري نقطهء نظر جي بجاءِ وحدت الشهود جا حامي هئا. ساڄي ڌر وارا اديب گهڻي ڀاڱي حڪومت نواز هئا ۽ رجعت ۽ روايت پسند، ظاهر پرست مذهبي هئا، جڏهن ته کاٻي ڌر وارا روشن خيال ۽ تبديلي پسند هئا. سندن اختلاف سنڌ ۾ ون يونٽ واري دور ۾ وڌيڪ اڀري آيا ۽ اهو باقاعدي واضح فرق نمايان هو. اها روش ان کانپوءِ بہ هر دور ۾ هلندي آئي آهي.[1]
حوالا
🔥 Top keywords: مُک صفحووڪيپيڊيا:بابتمدد:مندرجاتٻين مھاڀاري جنگوڪيپيڊيا:نياتي بابوڪيپيڊيا:اسان سان رابطو ڪريووڪيپيڊيا:مندرجاتوڪيپيڊيامدد:تعارفباب:ھاڻوڪا واقعاخاص:تازيون تبديليونوڪيپيڊيا:سنڌي لکت ڪيئن پڙهجيسانچو:This date in recent yearsنبي بخش بلوچزمرو:راڄڌانيونپاڪستانوڪيپيڊيا:عام غيرجوابداريناموخاص:ڳولازڪواتجنسي سنگمدد:صفحو ڄاڻڏکڻ آمريڪاسانچو:سنڌي تاريخانگريزي ٻولياڻ ٽر صورتحالاسمسانچو:This date in recent years/titleشاھ عبداللطيف ڀٽائيآڪاش منڊلسوانح نگاريبيتوڪيپيڊيا:ديوان عامڊجيٽل آبجيڪٽ آئڊنٽيفائرزمرو:ڏکڻ آمريڪازمرو:Short description matches Wikidataسانچو:Sindhi Alphabetآمريڪا جون گڏيل رياستونگوگلڪيوٽو