سوُسن گل


سوسن(انگريزي: Lily ) کي انگريزيءَ ۾ لِلي چون ٿا. هيءُ گلن جي هڪ وڏيءَ ذات جو نالو آهي، جنهن مان لالا، نرگس، فتنو ۽ زنبق وغيره ڏنا ويا آهن. خاص سوسن جي گل جا به گهڻا ئي قسم آهن. جپان جا آيل، البت هن ملڪ ۾ ٿين ٿا. جبلن تي پوکڻ سان به چڱا ٿا ٿين. هيٺ زمين تي آڪٽوبر ۾ پوکڻ گهرجن ۽ جبلن تي فيبروريءَ ۾.

سوُسن گل
لليم ڪينڊيڊيم
سائنسي درجا بندي e fossil_range: If the specified fossil range is a period supported -- by templates {period_start} and {next_period}, then it incorporates -- the specified range into template {Fossil range}, but checking to -- display properly. Otherwise, just passes parameter. --></noinclude>
Unrecognized taxon (fix):لليم
قسم جنس
لليم ڪينڊيڊيم
ايل.[2]
هم معنيٰ[1]

سانچو:Genus list


هن مان بصر جي ڀوڪن وانگي ڏانڊيون نڪرن ٿيون، جي اٽڪل پندرهن انچ وڏيون ٿين ٿيون، جن ۾ اڇا گل ڇهن انچن جيڏا وڏا نڪرن ٿا. منجهن خوشبوءِ ٿيندي آهي. مارچ مهيني ۾ گل ڪندا آهن. هي گل ڪونڊين ۾ وجهي ورانڊن ۾ رکبا آهن. جون جي وچ ڌاري پن سڪي وڃن ٿا؛ وري آڪٽوبر ۾ ڳنڍيون ڦٽن ٿيون ۽ پن ڪڍن ٿيون. تڏهن وري ڳنڍيون ڪڍي ٻين ڪونڊين ۾ رکجن. پٽڙو ڀاڻ، پاڻي ۽ وارياسي مٽي هنن لاءِ چڱي آهي.[3]

هن جو هڪڙو قسم جنهن کي انگريزيءَ ۾ گلور يوسا ۽ دکني ٻوليءَ ۾ بَڇ ناگ چون ٿا، سو سنهڙو ول وانگي ٿو ٿئي. پن سنهڙا اٿس ۽ پاڙون نلين وانگي اٿس جي چون ٿا ته زهري آهن. گل سهڻا ڪندو آهي، جي روز بروز رنگ بدلائيندا وڃن، نيٺ ڪومائجي ڪريو پون.[3]

حوالا