نيپال زلزلو 2015ع

نيپال ۾ 25 اپريل 2015ع تي 7.8 جي شدت جو زلزلو جنهن سان ڪثير عمارتون تباھ ۽ جاني نقصان ٿيو۔ زلزلي ۾ ڪيترا ئي اهم ۽ قديم تاريخي مندر ۽ ٻيون عمارتون بہ تباھ ٿيون۔[4]2000 کان وڌيڪ فوتگيون 6400 کان وڌيڪ زخمي ٿيا۔۔ زلزلي جا جھٽڪا چين، ڀارت، بنگلاديشں ۽ پاڪستان ۾ بہ محسوس ڪيا ويا۔ نيپال سان گڏوگڏ چين، ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ بہ ڪل 74 ماڻهن جي مرڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي۔ زلزلي سان مائونٽ ايوريسٽ تي برفاني طوفان اچي ويو جنهن سان 17 ماڻهن جي مرڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي۔ گذريل 80 سالن ۾ نيپال ۾ اچڻ وارو هي شديد ترين زلزلو آهي ۽ انکي مائونٽ ايوريسٽ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو سانحو قرار ڏنو ويو۔[5]

نيپال زلزلو 2015
2015 Kathmandu earthquake
تاريخ 25 اپريل 2015 (2015-04-25)
مقامي وقت 6:11:26 UTC[1]
شدت 7.8 Mw [1]
گهرائي 15.0 ڪلوميٽر (9 mi)[1]
مرڪز 28°08′49″N 84°42′29″E / 28.147°N 84.708°E / 28.147; 84.708 84°42′29″E / 28.147°N 84.708°E / 28.147; 84.708[1]
قسم قيامت خيز[1]
متاثره علائقا نيپال
اتر ڀارت
چين
بنگلا ديش
پاڪستان
وڌ کان وڌ. شدت IX (خوفناڪ) [1]
Aftershocks 6.6 MW April 25 at 06:45[2]
فوتيون 2021 موت
6,439 زخمي[3]
مرڻ وارن جي تعداد
نيپال نيپال1947[6]
ڀارت ڀارت53[7]
چين چين17[8]
بنگلا ديش بنگلاديش4[9]
ڪل2021

ارضياتي ترتيب

مرڪزي نيپال ۾ پليٽن هي وچ ۾ ارتڪاز جي شرح هر سال تقريباََ 45 ملي ميٽر آهي۔ محل وقوع، شدت ۽ زلزلي جي فوڪل ميڪانزم جي وجهہ سان مشورو ڏنو ويو آهي تہ

اثر

2021 ماڻهن جي مرڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، 6400 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، مرڻ وارن ۾ 700 ماڻهو صرف کٽمنڊو ۾ مريا، سي اين اين جي مطابق عمارتون ڪري پيون ۽ شاهراهون تباھ ٿي ويون۔ زلزلي سان مائونٽ ايوريسٽ تي برف جو طوفان آيو جنهن سان 17 ماڻهو فوت ٿيا۔[10]ايوريسٽ کان زلزلي جو مرڪز صرف 220 ڪلوميٽر (140 ميل) پري هيو۔ انکي مائونٽ ايوريسٽ جي تاريخ جو بدترين سانحو چيو پئي ويو۔يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو کٽمنڊو جي مطابق کٽمنڊو دربار چوڪ مبينا طور تي ڪري پيو۔[11]زلزلي کان متاثر هزارين ماڻهن پوري رات سخت سرد موسم ۾ کليل آسمان هيٺ بسر ڪئي۔ سوين ماڻهو ملبي هيٺ دٻجي ويا. زلزلي سان بنگلاديش، ڀارت ۽ چين ۾ تبت جي علائقي جا ماڻهو بہ متاثر ٿيا. ڀارت جي شمالي رياستن ۾ 62 ماڻهو فوت ٿيا۔

رد عمل

ملڪ

  •  بنگلا ديش — شيخ حسينہ وزيراعظم بنگلاديش زلزلي ۾ جانن جي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو۔[12]
  •  ڀارت — ڀارت هوائي جہازون جي ذريعر دوائون، موبائل اسپتال ۽ قدرتی آفتن کي منهن ڏيڻ واري اداري جا 40 اهلڪار موڪليا۔
  •  پاڪستان — پاڪستان چار سي ون ٿرٽي جهازن ۾ 30 بسترن جي فيلڊ اسپتال، طبي عملو ۽ امدادي سامان نيپال روانو ڪيو۔ان کان علاوه ملبي هيٺ دٻيل متاثرن تائين پهچڻ جي لاءِ سراغ لڳائيندڙ ڪتا ۽ ريڊار سميت ضروري آلا بہ موڪليا ويا۔
  •  گڏيل آمريڪي رياستون — آمريڪي اداري يو ايس ايڊ جي مطابق آمريڪا ڏھ ڊالر ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ واري ٽيم روانو ڪرڻ جو اعلان ڪيو۔
  • برطانيہ امدادي اهلڪارن تي مشتمل اٺ ماڻهن جي ٽيم موڪلڻ جو اعلان ڪيو۔
  •  ناروي — ناروي ساڍا 20 لک برطانوي ڊالر امداد جو اعلان ڪيو۔
  • جرمني، فرانس، اسپين ۽ يورپي يونين بہ نيپال کي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو۔

حوالا

خارجي ڳنڍڻا

سانچو:Earthquakes in 2015