وڪيپيڊيا زيرو

وڪيپيڊيا زيرو (Wikipedia Zero) موبائل فون بغير معاوضيوڪيپيڊيا فراهم ڪرڻ جي جي لاء وڪيميڊيا فائونڊيشن جو هڪ منصوبو آهي جيڪو خاص طور تي ترقي پذير ملڪن جي لاء آهي۔ [1][2]منصوبو 2012ع ۾ شروع ڪيو ويو. [3]مارچ 2013ع ۾ وڪيپيڊيا زيرو انٽرايڪٽو ايوارڊ براء سرگرمي ايس ايڪس ايس ڊبليو (SXSW) به کٽيو۔ [4]پروگرام جو مقصد مفت علم تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي راھ ۾ حائل رڪاوٽون گهٽ ڪرڻ جنهن ۾ حائل سڀ کان وڏي رڪاوٽ معلومات جي استعمال جي قيمت آهي۔

وڪيپيڊيا زيرو

Vídeo
جيمي ويلز 2014, CeBIT Global Conferences

وڪيپيڊيا زيرو سڀ کان پهرين مئي 2012ع ۾ ملائيشيا ۾ شروع ڪئي وئي۔ [5]آڪٽوبر 2012ع ۾ هي ٿائيلينڊ ۽ سعودي عرب ۾ بالترتيب ڊي ٽي اي سي ۽ سعودي ٽيلي ڪام ڪمپني سان گڏ شروع ڪئي وئي۔ مئي 2013ع ۾ هي موبيلنڪ سان گڏ پاڪستان ۾ شروع ڪئي وئي. [6]جون 2013ع ۾ هي ڊائلاگ سان گڏ سريلنڪا ۾ شروع ڪئي وئي۔ [7]مفت وڪيپيڊيا تائين رسائي ڀارت ۾ ايئرسل جي ذريعي فراهم ڪئي وڃي ٿي۔ [8]آڪٽوبر 2013ع ۾ هي اردن ۾ امنيہ سان گڏ شروع ڪئي وئي۔