ٿائيلينڊ

ايشيا جو ھڪ ملڪ

ٿائيلينڊ (انگريزي ٻولي: Thailand) جو سرڪاري نالو موانگ ٿائي، پراٿٽ ٿائي (انگريزي ٻولي: Kingdom of Thailand) ۽ پراڻو نالو سيام (Siam) آهي. ٿائي ٻوليءَ ۾ هن جي معنيٰ ”آزاد ماڻهن جي ڌرتي“ آهي، ڇو ته ڪنهن به يورپي ملڪ هن کي فتح نه ڪيو. ٿائيلينڊ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 24 جون 1932ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 15 ڊسمبر 1946ع کان ٿيل آهي.[14]

ٿائيلينڊ جي بادشاھت

ราชอาณาจักรไทย (ٿائي)
Ratcha-anachak Thai
Flag of Thailand
{{{coat_alt}}}
جھنڊوقومي نشان
ترانو: Phleng Chat Thai
(انگريزي ٻولي: "Thai National Anthem")

شاھي ترانو: Sansoen Phra Barami
(انگريزي ٻولي: "Glorify His prestige")
سائي رنگ سان ڏيکاريل ٿائيلينڊ جو مقام مڪانيت  ٿائيلينڊ  (green) نقشو ASEAN  (dark grey)  –  [Legend]
سائي رنگ سان ڏيکاريل ٿائيلينڊ جو مقام
مڪانيت  ٿائيلينڊ  (green)

نقشو ASEAN  (dark grey)  –  [Legend]

جو مقامThailand
گادي جو هنڌ بينگڪاڪ
13°45′N 100°29′E / 13.750°N 100.483°E / 13.750; 100.483
سڀ کان وڏو شهر بينگڪاڪ
دفتري ٻوليون ٿائي[1]
ڳالھائجندڙ ٻوليون
  • ايسان
  • ڪيم مويانگ
  • پڪ تائي
نسلي گروھ (2009;[6] 2011[3]سانچو:RP)
  • ٿائي
      34.1% سينٽرل ٿائي
      24.9% کون ايسان[2]
      9.9% کون مئانگ
      7.5% سدرن ٿائي
  • 14% ٿائي چائنيز
  • 12% باقي ٻيا جن ۾ شامل آھن: ڪئرين, ملائي, مون, کمير, "پھاڙي قبيلائي")[3]سانچو:RP[4][5]
مذهب ٻڌازم 94.5 پرسنٽ, اسلام 4.29 پرسنٽ ۽ عيسائي 1.17 پرسنٽ باقي ھندو ۽ ٻيا.
مقامي آبادي ٿائي
سيامي (پراڻي وقت ۾ )
حڪومت يونيٽري پارليامينٽري آئيني بادشاهت فوجي آمريت جي ماتحت
• شاھي سربراھ
مھا وجيرا لانگوڪارن
• وزيراعظم
پريووت چنوچا
مقننه نيشنل ليجسليٽو اسيمبلي
ٿائيلينڊ جي تاريخ
• سکو ٿائي
1238–1448
• آيوتيا بادشاھت
1351–1767
• ٿنبوري بادشاھت
1768–1782
• رتناڪوسن بادشاھت
6 April 1782
• سيامي انقلاب ۽ آئيني بادشاهت
24 June 1932
• موجودہ آئين
6 April 2017
پکيڙ
• جملي
513٬120 km2 (198٬120 sq mi) (50th)
• پاڻي (%)
0.4 (2,230 km2)
آبادي
• 2016 اندازو
68,863,514[8] (20th)
• 2010 مردم شماري
64,785,909[9]
•  گھاٽائي
132.1 /km2 (342.1 /sq mi) (88th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.296 trillion[10]
• في سيڪڙو
$18,734[10]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$514.700 billion[11]

101°18′E / 15.4°N 101.3°E / 15.4; 101.3

ٿائيلينڊ جو جھنڊو

جاگرافي

هي ڏکڻ اوڀر ايشيا جو اهم ملڪ آهي. هن جي اتر ۽ اولهه ۾ ميانمار (برما)، اتر ۽ اوڀر ۾ لائوس، ڏکڻ اوڀر ۾ ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ نار، ڏکڻ ۾ ملائيشيا، ڏکڻ اولهه ۾ انڊيمان سمنڊ آهي. ٿائيلينڊ جي ڪل پکيڙ 513115 چورس ڪلوميٽر (198062 چورس ميل) ۽ آبادي 6 ڪروڙ 11 لک 64 هزار آهي. گاديءَ جو هنڌ بينڪاڪ (Bangkok) آهي ۽ سڀکان مٿانهون هنڌ ڊوئي انٿانون (بلندي: 2595 ميٽر) آهي.[14]

ٻوليون

ٿائيلينڊ جي سرڪاري ٻولي ٿائي آهي ۽ جڏهن ته هتي لائو، چيني، ملائي ۽ انگريزي پڻ ڳالهائي وڃي ٿي.[14]

موسم

هتان جي موسم گرم، گهميل، پر سٺي هوندي آهي، مارچ کان مئي تائين گرمي، جون کان آڪٽوبر تائين برساتون ۽ نومبر کان فيبروريءَ تائين سيءُ پوندو آهي.[14]

حڪومتي سرشتو

ٿائيلينڊ ۾ آئيني بادشاهت آهي.بادشاهه رياست جو مملڪتي اڳواڻ (هيڊ آف اسٽيٽ) ۽ هٿياربند فوج جو ڪمانڊر انچيف آهي. وزيراعظم حڪومت جو اڳواڻ آهي، جيڪو سرڪاري طور رياست جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي. اسيمبليءَ جا ميمبر بادشاهه جي منظوريءَ سان وزيراعظم کي چونڊيندا آهن.[14]

معاشيات

ٿائي لينڊ جي مکيه زرعي پيداوار ۾ چانور، مڪئي، ٻج، ناريل، ڪمند، رٻڙ، ڪپهه، تماڪ آهي ۽ مکيه صنعتن ۾ فوڊ پروسيسنگ، چانور ۽ کنڊ جي پيڪنگ، ڪپڙو اڻڻ، ريڊي ميڊ وڳا، اليڪٽرانڪ شيون، سيمينٽ، ڪاغذ ۽ سياحت اهم آهن.[14]

حوالا