ادب جو نوبل انعام

ادب جو نوبل انعام (انگريزي ٻولي: Nobel Prize in Literature، سويڊش: Nobelpriset i litteratur) سوئيڊن پاران ڏنو ويندڙ ادبي اعزاز آهي. الفريڊ نوبل جي وصيعت موجب، ادب لاءِ بهترين خدمتن عيوض، 1901ع کان هر سال اهو انعام ڏنو ويندو آهي.[2][3] انعام ڏيڻ لاءِ ڪڏهن ڪنهن مخصوص ادبي ڪم کي اهم ليکيو ويندو آهي، پر اڪثر ليکڪ جي سڄي زندگي جي ادبي ڪم کي ڏسي ان کي انعام سان نوازيو ويندو آهي. ڪنهن به ملڪ جي ليکڪ کي انعام ڏيڻ جو فيصلو سوئيڊش اڪيڊمي ڪندي آهي ۽ اڪيڊمي هر سال آڪٽوبر جي شروعات ۾ ان جو اعلان ڪندي آهي. ان انعام سان گڏ چار ٻين شعبن جي ماهرن کي پڻ، 1895ع تي الفريڊ نوبل پاران ڪيل وصيعت موجب انعام سان نوازيو ويندو آهي.

ادب جو نوبل انعام

ادب جي نوبل انعام جو 2008ع ۾ اعلان ڪيو پيو وڃي.
انعام جو سبب ادب لاءِ ڪيل بهترين خدمتون
ملڪ سوئيڊن
ڏيڻ وارو سوئيڊش اڪيڊمي
اعزازیہ 90 لک سوئيڊش ڪرونه (2017)[1]
شروعات 1901
ويبسائيٽ nobelprize.org

جيتوڻڪ ادب جو نوبل انعام دنيا ۾ هڪ وڏو اعزاز تصور ڪيو ويندو آهي،[4] پر انعام ڏيڻ جي معاملي تي سوئيڊش اڪيڊمي تنقيد جو نشانو پڻ بڻجندي رهي آهي. ڪيترن ئي گمنام ليکڪن کي انعام سان نوازيو ويو جڏهن ته دنيا جي مشهور ۽ گھڻو پڙهيا ويندڙ ليکڪن کي انعام ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو. هن اعزاز تي ادب کان وڌيڪ سياست حاوي آهي، جتي انهن ليکڪن کي اعزاز کان محروم رکيو وڃي ٿو جيڪي سوئيڊش اڪيڊمي جي رُڪنن کان الڳ نظريا يا خيال رکندڙ هجن.[5] 2016ع تائين 116 انعام کٽيندڙن مان 16 جو تعلق اسڪينڊ ينيويائي نسل سان آهي. اڪيڊمي جو لاڙو دنيا بجاءِ يورپي ۽ سوئيڊش ليکڪن ڏانهن وڌيڪ آهي.[6] سباري مترا جي مطابق ادب جو نوبل انعام ڀل هڪ وڏو اعزاز هجي، پر سٺي ادب لاءِ اهو مقرر معيار ناهي.[7]

الفريڊ نوبل پاران، انعام جي لاءِ مقرر ڪيل معيار واضع ناهن،[3][8] ان لاءِ نوبل ڪاميٽي پاران اهي معيار مختلف وقتن تي تبديل ٿيندا رهن ٿا، هاڻوڪي سالن ۾ انعام جي معيار جو لاڙو انساني حقن لاءِ لکندڙن ڏانهن وڌيڪ آهي.[3][9]

حوالا