جميڪا

جيميڪا(انگريزي: Jamaica) ڪيريبئن سمنڊ ۾ واقع ھڪ ملڪ جو نالو جنھن جي پکيڙ 10990 چورس ڪلوميٽر آهي. ھي ملڪ ھڪ ٻيٽ تي مشتمل آهي جيڪو ڪيريبئن سمنڊ جو چوٿون وڏو ٻيٽ آھي ۽ ڪيوبا کان 145 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آھي. ھن ملڪ جا اصل رھاڪو اراواڪ ۽ ٽائنو ماڻھو ھيا. 1494 ۾ ڪرسٽوفر ڪولمبس جي آمد کان پوء سنڌو سنئون ھي ملڪ اسپين جي حاڪميت ۾ اچي ويو ۽ 1655 تائين سن جي قبضي ۾ رھيو ۽ ان سال برطانيا جي قبضي هيٺ آيو جنھن ان جو نالو جيميڪا رکيو. برطانوي ڪالوني واري دور ۾ ھي ملڪ کنڊ برآمد ڪندڙن ملڪن ۾ سرفهرست بڻجي ويو ۽ ھن ملڪ جي معيشت جي طاقت آفريڪي غلام ھيو. برطانيا آخرڪار 1838 ۾ سڀني غلامن جي آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو. 6 آگسٽ 1962 ۾ ھن ملڪ يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان آزادي حاصل ڪئي. ھن ملڪ جي آبادي 69 لک آھي. ھتان جي ٻولي انگريزي آهي. آمريڪا، ڪئناڊا کان پوء جيميڪا انگريزي ڳالھائيندڙ ماڻھن جو آمريڪي کنڊن جو ٽيون وڏو ملڪ ۽ ڪيريبئن سمنڊ جو سڀ کان وڌيڪ ڳتيل آبادي وارو ملڪ آهي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر ڪنگسٽن آهي جنھن جي آبادي 937700 آھي. ھن ملڪ جي تقريبن سموري آبادي آفريڪي نسل جي آھي باقي ٿورن ۾ يورپي گورا، چيني، لبناني ۽ ھندوستاني شامل آهن. ھن ملڪ جي معيشت مٿين درجي واري درمياني آمدني واري آهي.[9] ھن ملڪ م سياحن جي آمد جي سالياني شرح 43 لک آھي.

جيميڪا

Flag of Jamaica
{{{coat_alt}}}
جھنڊونِسبتي نشان
شُعار: '"سڀني مان ڪو ھڪ ڄڻو"
ترانو: "جميڪا جي ڌرتي ، اسان توسان پيار ڪيون ٿا"

شاھي ترانو: "God Save the Queen"
Location of Jamaica
جو مقامJamaica
گادي جو هنڌ ڪنگسٽن
17°58′17″N 76°47′35″W / 17.97139°N 76.79306°W / 17.97139; -76.79306
دفتري ٻوليون انگريزي
قومي ٻولي Jamaican Patois (de facto)
نسلي گروھ (2011[2])
  • 92.1% Black [1]
  • 6.1% Mixed (non-Black)
  • 0.8% Indian
  • 0.4% Other
  • 0.7% Unspecified
مذهب
مقامي آبادي جيميڪن
حڪومت وحداني پارلياماني آئيني بادشاهت
• شاھي سربراھ
اليزبيٿ ٻين
• گورنر جنرل
پئٽرڪ ايلن
• وزيراعظم
اينڊريو ھولنيس
• چيف جسٽس
برائن سائڪيز
مقننه پارليامينٽ
سينيٽ
ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز
آزادي يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان
• منظوري
6 آگسٽ 1962
پکيڙ
• جملي
10٬991 km2 (4٬244 sq mi) (160th)
• پاڻي (%)
1.5
آبادي
• 2017 اندازو
2,890,299[4]
•  گھاٽائي
[اوزا تبديل: invalid number]
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$26.981 billion[6] (134th)
• في سيڪڙو
$9,434 (109th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$15.424 billion[6] (119th)

حوالا

فهرست لاڳاپيل مضمون جميڪا

  • فهرست لاڳاپيل مضمون جميڪا