روسي ٻولي

اوڀر سلاويڪ ٻولي جيڪا يورپين روس ۾ بنياد پئي

روسي ٻولي (انگريزي ٻولي: Russian language)، روس ۾ ڳالهائي ويندڙ اوڀر سلاويڪ ٻولي آهي، جنهن جو اوڀر يورپ ۾ بنياد پيو. اها روس، بيلاروس، قزاقستان، ڪرغزستان ۾ هڪ سرڪاري ٻولي آهي، ۽ ان سان گڏوگڏ بالٽيڪ رياستن، قفقاز ۽ وچ ايشيا ۾ وڏي پيماني تي ڳالهائي ويندي آهي.[1][2] روسي ٻولي جو تعلق انڊو يورپين ٻولين سان آهي، ان سان گڏوگڏ روسي ٻولي ايسٽ سلاوڪ ٻولين جي چئن زنده ميمبرن منجهان هڪ آهي، ۽ وڏو بالٽو-سلاوڪ شاخ جو حصو پڻ آهي. روسي، بيلاروسي ۽ يوڪرين ٻولي جي وچ ۾ گڏيل سمجهه جو وڏو ويجهڙائي وارو درجو آهي.



حوالا