سولومن آئلينڊز

اوشيانا (بحرستان) ۾ مُلڪ

سولومن آئلينڊز (انگريزي: Soloman Islands ) (سليمان ٻيٽ, جزيرا سليمان) ڇھن وڏن ۽ نو سؤ ننڍن ٻيٽن تي مشتمل اوشنيا(بحرستان) کنڊ ۾ ھڪ خودمختيار مُلڪ آهي جيڪو پاپوا نيو گني جي اوڀر ۾ ۽ وينوآتو جي اتر اولھ ۾ واقع آهي. ھن ملڪ جي پکيڙ 28400 چورس ڪلوميٽر آهي.ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ھونيئارا آهي جيڪو گئاڊلڪنال ٻيٽ تي واقع آھي. ملڪ جو نالو سولومن ٻيٽ جي نالي تي رکيل آهي. ھن ملڪ 1978 ۾ برطانيا کان آزادي ورتي ان کان اڳ ھي ٻيٽن وارو علائقو برطانوي والاريل سولومن آئلينڊز سڏبو هو. ملڪ جو آئين 1970 ۾ ٺاھيو ويو. ملڪ ۾ آئيني بادشاهت وارو پارلياماني نظام آهي . برطانوي ملڪہ ايلزبيٿ ٻين ھن ملڪ جي شاھي سربراھ آھي جنھن جو نمائندو گورنر جنرل آھي . ملڪ جي پارليامينٽ ھڪ ايواني آهي جنھن جا ڪل 50 ميمبر آھن جيڪي چئن سالن لاءِ چونڊجي ايندا آهن. ملڪ م سڀني 21 سالن ء ان کان وڏي عمر وارا ووٽنگ ۾ حصو وٺي سگھندا آھن.

سولومن آئلينڊز

Flag of سليماني ٻيٽ
{{{coat_alt}}}
جھنڊونِسبتي نشان
شُعار: '"وٺي ھلڻ خدمت ڪرڻ آھي"
ترانو: "خدا اسانجي سليماني ٻيٽن کي پنھنجي امان ۾ رکي"[1][2]

شاھي ترانو: "خدا راڻي کي امان ۾ رکي "
Location of سليماني ٻيٽ
جو مقامسليماني ٻيٽ
گادي جو هنڌ Honiara
9°28′S 159°49′E / 9.467°S 159.817°E / -9.467; 159.817
سڀ کان وڏو شهر گاديءَ جو هنڌ
دفتري ٻوليون انگريزي
نسلي گروھ (1999)
  • 94.5% ميلانيشيائي
  • 3.0% پولينيشيائي
  • 1.2% مائڪرنيشائي
  • 1.1% ٻيا
  • 0.2% اڻڄاتل
مقامي آبادي سولومن آئلينڊ
حڪومت وحداني پارلياماني آئيني بادشاهت
•  شاھي سربراھ
ايلزبيٿ ٻين
• گورنر جنرل
ڊيوڊ ووناگي
• وزيراعظم
مناسيح سوگاويئر
مقننه نيشنل پارليامينٽ
آزادي
• يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان
7 جولاءِ1978
پکيڙ
• جملي
28٬400 km2 (11٬000 sq mi) (139th)
• پاڻي (%)
3.2%
آبادي
• 2016 اندازو
599,419[3] (162nd)
•  گھاٽائي
18.1 /km2 (46.9 /sq mi) (200th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.479 billion[4]
• في سيڪڙو
$2,307[4]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.511 ارب يو ايس ڊالر
پارليامينٽ جي عمارت ھن ملڪ کي آمريڪا تحفي ۾ ٺاھي ڏني ھئي

نالو

اسپيني جھازران الويرو ڊي مينڊانا پھريون يورپي ھيو جيڪو 1568 ۾ سولومن ٻيٽن واري جھرمٽ گھميو ۽ ان جھرمٽ کي حضرت سليمان جي بائيبل واري سولومن نالي تي ھن سولومن ٻيٽن جو نالو ڏنو[5] اھو بہ چيو ويندو آهي ته انھن ٻيٽن کي اھو نالو ان غلطفھمي ۾ ڏنو ويو تہ اتي تمام وڏا امير رھندڙ ھيا[6] ھن جو خيال ھو تہ ٻيٽن وارو شھر بائيبل ۾ ڄاڻايل اوڦر شھر آھي[7] ڪالوني واري دور جي وڏي حصي ۾ 1975ع تائين ھن ٻيٽن جو نالو "برٽش سولومن آئلينڊز پروٽيڪٽوريٽ" رھيو پوء ان کي تبديل ڪري سولومن آئلينڊز رکيو ويو[8][9] محاورتن ھن ٻيٽن کي دي سولومنس پڻ سڏيو ويندو آهي[10].

تاريخ

ڪالوني جي شروعات کان آڳ

بوڪا آئلينڊ جي ڪِلُو غار وارن قديم آثارن مان پتو پوي ٿو ته سولومن ٻيٽن تي سڀ کان اول 30،000 ق م کان 28،000 ق م دوران بسمارڪ آئلينڊز ۽ نيو گني جا ماڻھو آباد ٿيا ھئا[11][12]

الوارو ڊي مينڊانا ڊي نيئرا (1542–1595) پھريون يورپي ھيو جنھن سولومن ٻيٽ ڏٺا

اسپين جي جھازران الوارو ڊي مينڊانا ڊي نيئرا 1568ع ۾ پھريون ڀيرو پيرو واري وائسرائلٽي کان روانو ٿي اتي پھتو[13] 7 فيبروري تي سانتا اسابيل تي قدم رکيو جنھن بعد ھن کوڙ ٻين ٻيٽن جي پڻ جاچ ورتي جن ۾ ماڪرا، گئاڊلڪينال ۽ ملائيٽا شامل ھيا[13][14][15] مقامي ماڻھن جو شروع م ھن سان تعلق محبت وارو رھيو پر وقت گذرڻ سان تعلق بگڙن شروع ٿيو.[13] آگسٽ 1568 م ھي پيرو واپس موٽي ويو ۽ 1595ع ۾ ھي اتي آبادڪاري جي خيال سان وڏي عملي سان گڏ موٽي آيو[13]. انھن سانتا ڪروز ٻيٽن جي نينڊو ٻيٽ تي پڙاء ڪيو جتي انھن گراسيئوسو اپسمنڊ لڳ وسندي قائم ڪئي پر اھا مقامي ماڻھن سان تعلق نہ جڙي سگھڻ ۽ وبا ڦھلجڻ سان جاني نقصان ٿيڻ ڪري ناڪام وئي. خود مينڊانا وبا جو شڪار ٿي آڪٽوبر جي مهيني ۾ فوت ٿي ويو[13][15] نئين ڪمانڊر پيڊرو فرنينڊس ڊي ڪئيروس وسندي ترڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ فلپائن جي اسپيني علائقي طرف جھازراني ڪئي ۽ 1606ع ۾ واپس موٽي آيو[15][16] 1767ع ۾ برطانوي جھازران فلپ ڪارٽريٽ سانتا ڪروز آئلينڊز، ملائيٽا ۽ بسمارڪ آئلينڊز تائين سفر ڪيو. 1768ع ۽ 1769ع ۾ فرينچ جھازران پڻ اتي پھتا[17][18][19] ان بعد يورپي واپارين جا جھاز کاڌي ۽ پاڻي لاء ۽ پوء کوپري، سامونڊي کيري، ڪمي جي کوپن ۽ صندل جي ڪاٺي جي واپار لاءِ ايندا رھيا.

سولومن ٻيٽ واسي ويڙھاڪ نيزن سان مسلح 1895 ۾ ھڪ سينگاريل جنگي ٻيڙي تي سوار

1840 واري ڏهاڪي ۾ آسٽريليا، فجي ۽ ساموآ جي ڪالونين لاء مزدورن طور ھتان جي ماڻھن کي ڀرتي (يا اڪثر اغوا) ڪيو ويو ۽ 1860 واري ڏھاڪي ۾ ان عمل ۾ تيزي آئي جنھن کي بليڪبرڊنگ جو نالو ڏنو ويو[15][20]. ان مزدوري جا شرط مڃڻ جي قابل نہ ھيا نتيجي م مقامي ماڻھن يورپين تي شدت سان حملا ڪرڻ شروع ڪيا[21]. فرانس جا تبليغي عيسائي 1840 ۾ ھتي اچڻ شروع ٿيا جن سانتا اسابيل ۾ جين بپٽست ايپيل جي سربراهي ۾ مشن قائم ڪيو پر 1845ع ۾ مقامي ماڻھن کيس قتل ڪيو [17][20] 1850 واري ڏھاڪي ۾ اينگليڪن مشينري اچڻ شروع ڪيو جن ذريعي وڏي پيماني تي ماڻهو عيسائي مذھب ۾ داخل ٿيندا ويا[22]

ڪالوني جي شروعات کان آزادي تائين

1886 ۾ جرمني ھتان جي اترئين ٻيٽن تي قبضو ڪيو[23] ڏکڻ واري ٻيٽن تي برطانوي اثررسوخ برقرار رھيو[24] مارچ 1893 ۾ برطانيا ڏکڻ سولومن ٻيٽن کي پنھنجي پروٽيڪٽوريٽ قرار ڏنو ۽ شروع ۾ ان بيٺڪ ۾ نيو جارجيا، ملائيٽا، ماڪرا، مونو ٻيٽ ۽ سينٽرل نگيلا وارا ٻيٽ شامل ھيا[25][26] اپريل 1896ع ۾ به چارلس مورس ووڊفورڊ کي برٽش قائم مقام ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو جنھن تلاگي نالي ننڍڙي ٻيٽ تي پنھنجو صدرمقام قائم ڪيو. آھستي آھستي 1899 تائين رينيل۽ بيلونا ٻيٽ، سڪائيئانا ۽ سانتا ڪروز ٻيٽ پروٽيڪٽوريٽ جو حصو بڻيا[26][27] 1900ع ۾ ٽرائپارٽائٽ ڪنوينشن جي شرطن تحت جرمني ٻن ٻيٽن بوڪا ۽ بوگنويل ٻيٽن کي ڇڏي اتر سولومن جا باقي سمورا ٻيٽ برطانيا جي حوالي ڪري ڇڏيا. بوڪا ء بوگنويل کي جرمن نيو گني ۾ شامل ڪيو ويو. 1900 تائين مقامي ماڻھو کوڙ يورپين کي ماري چڪا ھئا ۽ بدلي م برطانوي ووڊفورڊ واري مالي مشڪلاتن جو شڪار انتظاميا باغي ڳوٺاڻن جي مٿان بمباري ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪندي آئي. 1902 تائين اتي ڪل 80 يورپي آبادڪار رھندڙ ھيا[28] ليور برادرز ڪمپني جي مدد سان اتي کوپري جي پوک واري صنعت قائم ڪئي وئي جنھن سان مقامي ماڻھن کي روزگار مليو. ننڍي پيماني تي کاڻن ۽ ڪاٺ واري صنعتن ۾ پڻ واڌارو آيو[29][30] ان معاشي ترقيءَ ھوندي بہ سماجي ڀلائيءَ وارا تعليم، صحت ۽ ٻين سماجي خدمتن واري ڪمن جي ذميداري تبليغين تائين محدود رھي[20] مقامي ماڻھن جو قتل عام بپڻ جاري رھيو[31] 1942 کان 1943 تائين ھن سولومن آئلينڊز جي حدن ۾ جپاني ايمپائر جي فوج ۽ اتحادي فوجن وچ ۾ کوڙ سامونڊي، بري ۽ فضائي چڪريون واقع ٿيون[32] مئي 1942ر ۾ جاپاني ايمپائر آپريشن مو شروع ڪري تلاگي ۽ اولھ سولومن ٻيٽن جي وڏي تعداد تي قبضو ڪيو[33] برطانوي انتظاميه ملائيٽا جي گادي واري شهر اوڪي منتقل ٿي وئي ۽ يورپي آبادي اتان کان آسٽريليا منتقل ڪئي وئي. اتحاين ڪنٽرول واپس وٺڻ لاءِ جنگ مسلسل جاري رکي جنھن م ھزارين جانيون ضايع ٿيون. 3200 مقامي ماڻھو سولومن آئلينڊز ليبر ڪور ۾ شامل ٿيا ۽ 6000 جي لڳ ڀڳ مقامي ماڻھن برٽش سولومن آئلينڊز پروٽيڪٽوريٽ ڊفينس فورس ۾ پنھنجو نالو درج ڪرايو[34].ٻي جنگ عظيم جا ڪجهه شديد معرڪا سولومن آئلينڊز واري پاسي پيش آيا ھئا جن ۾ اتحادي فوجن ۽ جپاني ايمپائر جي فوج وچ ۾ ڇتي ويڙھ ٿي ھئي[35]

1942ع ۾ گئاڊلڪينال واري مھم دوران ھڪ آمريڪي فوجي آرام وٺندي

.

1943-44 ۾ ملائيٽا جي ھڪ سردار اليڪي نونو اوھيمئي مسينا رول موومينٽ (ڀائيچاري واري تحريڪ) قائم ڪئي جنھن ۾ بعد ۾ ھڪ ٻيو سردار ھئاسيھئو پڻ شامل ٿيو[36] ان تحريڪ جو مقصد مقامي ماڻھن جو معاشي سڌارو آڻڻ ۽ خودمختياري حاصل ڪرڻ ھو. ان تحريڪ مقامي ماڻھن ۽ ڪالوني واري انتظاميه وچ ۾ رابطي جو ڪم ڪيو[20][37] ان تحريڪ ۾ فوج جي ليبر ڪور مان فارغ ٿيل مقامي فوجين جي شامل ٿيڻ جي ڪري مقبول ٿي پوري سولومن پآئلينڊز ۾ ڦھلجي وئي جنھن مان خطرو محسوس ڪندي 1947-48 ۾ برطانيا اتي آپريشن ڊي لائوز شروع ڪري ان تحريڪ جي کوڙ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو[37][36] ملائيٽا وارن شھري نافرماني شروع ڪئي جنھن سان وڏي پيماني تي گرفتاريون ٿيون. 1950 ۾ گريگوري سمٿ نالي نئون ريزيڊنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو جنھن سول نافرماني جاري ھوندي سڀني کي آزاد ڪري ڇڏيو[36] 1952 ۾ نئين ھاء ڪمشنر ۽ بعد ۾ ٿيندڙ گورنر رابرٽ اسٽينلي تحريڪ جي اڳواڻن سان مذاڪرات ڪيا اھڙي طرح انھن ۾ آئلينڊ ڪائونسل جي قيام تي اتفاق ٿيو[36][38]. 1952ع ۾ اسٽينلي آئلئنڊز جي گادي جي ھنڌ کي ھانيئارا ۾ منتقل ڪيو[39]. 1960ع ۾ ليجسليٽو ڪائونسل قائم ڪئي وئي جنھن ۾ 1964 ۾ مقامي ماڻھن کي ٿورڙي چونڊ ذريعي نمائندگي ڏني وئي جنھن ۾ 1967ع ۾ اضافو آندو ويو[20][40][41] 1970ع ۾ نئون آئين تيار ڪيو ويو جنھن ۾ ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۽ ليجسليٽو ڪائونسل کي پاڻ ۾ ضم ڪري سولومن آئلينڊز جي گورننگ ڪائونسل جوڙي وئي پر پوء بہ برطانوي گورنر وٽ تمام گھڻا اختيار ھئا[20][42] ان تي ناراضپي نئين آئين جي ضرورت پيدا ڪئي اھڙي طرح 1974ع وري نئون آئين آندو ويو جنھن م گورنر جي اختيارن کي محدود ڪري وزيراعلي جو عھدو قائم ڪيو ويو. پھريون وزير اعلي سولومن ميملوني مقرر ٿيو[20][43]. پاڙيسري ملڪ پاپوا نيوگني جي آسٽريليا کان آزادي بعد 1976ع ۾ سولومن آئلينڊز کي باقاعده پنھنجي حڪمراني وارو حق مليو[20] ان دوران اولھندي پاسي وارن ۾ بيچيني جنم ورتو، کين خدشو ھيو تہ مستقبل جي ھانيئارا يا ملائيٽا جي رياست ۾ کين محدود رکيو ويندو. اھڙي طرح اولھ جي علحدگي واري تحريڪ جو ظھور ٿيو[43]1977ع ۾ لنڊن ۾ ڪانفرنس ۾ سولومن آئلينڊز کي ايندڙ سال ۾ مڪمل خودمختياري ڏيڻ لاء اتفاق ٿيو. سولومن آئلينڊز ايڪٽ 1978 تحت برطانيا ھن ملڪ کي ڊومينين ۾ شامل ڪري 7 جولاء 1978ر ۾ کيس آزاد ڪري ڇڏيو. ان جو پھريون وزيراعظم سولومن آئلينڊز يونائيٽيڊ پارٽي جو سر پيٽر ڪينيلوريا ٿيو ۽ پھريون رياستي سربراھ راڻي ايلزبيٿ ٻين ٿي جنھن جو نمائندو سولومن آئلينڊز جو گورنر جنرل ھيو.

7 جولاء 1978ع تي سولومن آئلينڊز جي آزادي جي تقريب

آزادي بعد ھاڻي تائين

پيٽر ڪينيلوريا 1980 ۾ عام چونڊون کٽي 1981 تائين وزيراعظم رھيو جنھن کان پوءِ عدم اعتماد جي تحريڪ سان ان جي جاء تي پيپلز الائنس پارٽي جو سولومن ميملوني وزيراعظم ٿيو[44] ھن مرڪزي بينڪ ۽ قومي ايئرلائين قائم ڪيون[45] 1984ع م ڪينيلوريا وري چونڊون کٽي ويو پر ٻہ سالن تائين وزيراعظم جي عهدي تي رهيو پر پوء کيس فرانس جي ڏنل مالي مدد ۾ ناجائز استعمال جي الزام لڳڻ ڪري ھٽڻو پيو ۽ ازيڪيل آلبوئا سندس جاء تي وزيراعظم ٿيو[46][47] 1986ع ۾ ھن ملڪ علائقائي واپار ۽ سھڪار کي وڌائڻ لاءِ ميلنيشيائي اسپيئرھيڊ گروپ جي قيام م مدد ڪئي[48]. 1989ع ۾ ميملوني ۽ ان جي پيپلز الائنس پارٽي چونڊون کٽي آئي ۽ ھي سولومن آئلينڊز جي سياست تي 1990 واري ڏھاڪي جي اڌ تائين حاوي ٿي ويو. ھن ملڪ کي ريپبلڪ بڻائڻ جون ڪوششون ورتيون پر ڪامياب ٿي نہ سگھيو. کيس بوگنويل واري تڪرار کي پڻ منھن ڏيڻو پيو جيڪو 1988 ۾ شروع ٿيو ۽ ان جي ڪري کوڙ ماڻھن اتان ڀڄي سولومن آئلينڊز ۾ پناھ وٺڻ لاءِ پھتا[49]. ان سان پاپوا نيوگني سان ھن ملڪ جو تناء وڌي ويو. اڪثر ان جون فوجون باغين جو پيڇو ڪندي سولومن آئلينڊز جي حدن ۾ داخل ٿينديون هيون[49] 1998ع ۾ ان تڪرار جو خاتمو ٿيو. ملڪ ان سموري عرصي م مالي مسئلن جو شڪار رھيو[45] 1993 م پيپلز الائنس پارٽي ڌڙابندي جو شڪار ٿي وئي ۽ ان سال جي عام چونڊن ۾ ان کي شڪست آئي ۽ فرانسس بلي ھلي وزيراعظم ٿيو پر گورنر جنرل ان جي ساٿين سندس پارٽي ڇڏڻ ڪري اڪثريت وڃائجڻ سبب کيس ھٽائي ڇڏيو ۽ 1994 ۾ اقتدار وري ميملوني کي مليو جيڪو 1997 تائين حڪومت ۾ رھيو[45]. ان سال چونڊن ۾ ميملوني وري شڪست کاڌي[45][50]. سولومن آئلينڊز لبرل پارٽي جو بارٿولوميو الوفائلو وزيراعظم ٿيو. 1998 کان 2003 تائين ملڪ نسلي فسادن جي ور چڙهي ويو جن کي ٽينشن جو نالو ڏنو ويو. گئاڊلڪينال وارن ۽ ملائيٽا وارن جي وچ ۾ نسلي ڇڪتاڻ انھن فسادن کي جنم ڏنو. 5 جون 2000 م پرائيم منسٽر الوفائلو کي اغوا ڪيو ويو ۽ ان کي استعيفا جي عيوض آزاد ڪيو ويو. ان بعد مناسيح سوگاويئر وزيراعظم ٿيو.2001 جي شروعات م ملڪ جي معيشت ويھجي وئي ۽ حڪومت جو ڏيوالو نڪري ويو. ڊسمبر 2001 ۾ چونڊون ٿيون ۽ ايلن ڪيماڪيزا ملڪ جو وزيراعظم ٿيو. ملڪ ۾ ھٿياربند نسلي گروھن ملڪ کي يرغمال ڪري رکيو ۽ ملڪ پوء ڦرلٽ جي ور چڙهي ويو. حڪومت جي رٽ ختم ٿي چڪي ھئي. آخرڪار جولاء 2003 ۾ آسٽريليائي ۽ پيسفڪ آئلينڊز پوليس ۽ فوج جا 2200 جوان آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي اڳواڻي ۾ ۽ 15 ٻين پيسفڪ ملڪن جي نمائندگي ۾ ريجنل اسسٽنس مشن ٽو سولومن آئلينڊز جي سھڪار تحت سولومن آئلينڊز م پھتا جن اتي آپريشن ھيلپيم فرين شروع ڪيو[51] ان آپريشن ۾ 200 جي لڳ ڀڳ ماڻھو مارجي ويا. ڪيماڪيزا اپريل 2006 تائين وزيراعظم رھيو. چونڊن م ان سال ھي شڪست کائي ويو ۽ سنيدر ريني ملڪ جو نئون وزيراعظم ٿيو پر جلد ئي کيس استعيفا ڏيڻي پئي ۽ مناسيح سوگاويئر ملڪ جو وزيراعظم ٿيو[52][53]. 2007 ۾ کيس تحريڪ عدم اعتماد ذريعي ھٽايو ويو ۽ پوءِ سولومن آئلينڊز لبرل پارٽي جو ڊيريڪ سيڪوئا وزيراعظم ٿيو[54]. 2010 ۾ چونڊن ۾ کيس شڪست ملي ۽ پوء ,ڊيني فلپ ملڪ جو نئون وزيراعظم ٿيو پر رشوت جي الزامن ھيٺ تحريڪ عدم اعتماد آڻي کيس فارغ ڪيو ويو ۽ گورڊن ڊارڪي ليلو ملڪ جو نئون وزيراعظم ٿيو[55][56]. 2014 جي چونڊ ۾ سوگاويئر ٻيھر اقتدار ۾آيو ۽ ان جي دؤر م 2017 ۾ ٻاھرين فوج جي واپسي شروع ٿي. کيس تحريڪ عدم اعتماد ذريعي اقتدار کان ٻاھر ڪيو ويو ۽ رڪ ھوئينيپويلا سندس جاء ورتي پر 2019 جي چونڊ وري سوگاويئر کٽي ورتي ۽ پوء ھانيئارا ۾ فساد شروع ٿي ويا[57][58] 2019 م سوگاويئر تائيوان جي بجاء چين کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو[59][60]

سياسي نظام

سولومن آئلينڊز نيشنل پارليامينٽ بلڊنگ ھن ملڪ کي يونائيٽيڊ اسٽيٽس طرفان مليل ھڪ تحفو ھيو
وزارت داخلا


سولومن آئلينڊز ھڪ آئيني بادشاهت ھيٺ پارلياماني نظام رکندڙ ملڪ آهي. ان جي رياست جي سربراھ برطانوي راڻي ايلزبيٿ ٻين آھي جنھن جي نمائندگي گورنر جنرل ڪندو آهي جنھن جي چونڊ پارليامينٽ پنجن سالن لاء ڪندي آهي. ھتان جي پارليامينٽ ھڪ ايواني ۽ 50 رڪنن تي مشتمل آهي جيڪي چئن سالن لاءِ چونڊجي ايندا آهن. ھتي ووٽ جو حق 21 سالن جي عمر م ملندو آهي[61] ملڪ جي حڪومت جو سربراھ وزيراعظم ھوندو آھي جنھن کي پارليامينٽ چونڊيندي آھي. وزيراعظم ملڪ جي ڪابينه جوڙيندو آھي ھر وزارت جو سربراھ ڪابينه جو رڪن ھوندو آھي جنھن جي مدد پرمننٽ سيڪريٽري ڪندو آهي جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڏو انتظامي عملدار ھوندو آھي. ملڪ م فوج ڪانه آهي پر رايل سولومن آئلينڊز پوليس فورس ھتي 500 ڄڻن تي مشتمل آهي جيڪا فورس ھتي باھ وسائڻ، قدرتي آفتن ۾ مدد پھچائڻ ۽ سمنڊ جي چوڪسي جو ڪم ڪري ٿي. ان جو سربراھ ڪمشنر ھوندو آھي جنھن کي گورنر جنرل مقرر ڪندو آهي ۽ اھو وزيراعظم آڏو جوابده ھوندو آھي.

عدليه

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري گورنر جنرل وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي صلاح سان ڪندو آھي ۽ ٻين ججن جي مقرري جوڊيشل ڪميشن جي صلاح سان ڪندو آهي. سولومن آئلينڊز م ھڪ ھاء ڪورٽ پڻ آهي.

پرڏيهي ناتا

وزيراعظم مناسيح سوگاويئر جولاءِ 2016 م تائيوان جي صدر زائي ئنگ وين سان ملندي

سولومن آئلينڊز گڏيل قومن، انٽرپول، ڪامن ويلٿ، پيسيفڪ آئلينڊز فورم، پيسيفڪ ڪميونٽي، انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ، لومي ڪنوينشن ۽ آفريڪن ڪيريبيئن اينڊ پيسيفڪ ڪنٽريز جو رڪن ملڪ آھي. سيپٽمبر 2019 تائين اھو دنيا جي ڪجهه اھڙن ملڪن م شامل ھيو جيڪي تائيوان جي ريپبلڪ آف چين کي تسليم ڪندڙ ھيا[62].

انتظامي ورھاست

سولومن آئلينڊز جو فضائي منظر

ملڪ ۾ ڏھ صوبا آھن ۽ سواء ھڪ جي ھر صوبي جي پنھنجي اسيمبلي آهي. باقي ھڪ ۾ اسيمبلي ڪانھي جيڪو ملڪ جو گادي وارو شھر ھونيئارا آھي جنھن م وري شھري ڪائونسل ھوندي آھي.

نمبرصوبوگاديپرميئرپکيڙ چورس ڪلوميٽر1999 آباديآبادي في ڪلوميٽر2009 آبادي
1 سينٽرل صوبوتلاگيپئٽرڪ واسوني61521,57742.426,051
2 چوئائسيئول صوبوٽارو ٻيٽجيڪسن ڪلوئي3,83720,0086.926,371
3 گئاڊلڪنال صوبو[1]ھونيئارااينٿوني ويڪ5,33660,27517.593,613
4 اسابيل صوبوبئالاجيمز ھابو4,13620,4216.326,158
5 مڪيرا-الاوا صوبوڪيراڪيرااسٽينلي سياپو3,18831,00612.740,419
6 ملائيٽا صوبواوڪيپيٽر ريموھيا4,225122,62032.6137,596
7 رينيل ۽ بيلونا صوبوٽيگوئاجارج ٽھائڪا6712,3774.53,041
8 ٽيموٽو صوبولاٽا، سولومن آئلينڊزچارلس برائون89518,91223.921,362
9 ويسٽرن صوبوگزوڊيوڊ گينا5,47562,73914.076,649
ھونيئارا واري ڪيپيٽل ٽيريٽريھونيئاراموئا (ميئر)2249,1072,936.864,609
 سولومن آئلينڊز ھونيئارا28,400409,04214.7515,870

[1] ھونيئارا واري گاديءَ واري خطي کانسواءِ

حوالا