شاھہ فيصل بن عبدالعزيز آل سعود

شاھہ فيصل بن عبدالعزيز بن عبدالرحمٰن آل سعود (14 صفر 1324ھ/14 اپريل 1906ع- 12 ربيع الاول 1395ھ/25 مارچ 1975ع)،[1] [2] سعودي عرب جو ٽيون بادشاهه، ملڪ جو سورهون حاڪم هو. بادشاهه عبدالعزیز[3] ۽ سندس زال، شهزادي طرفا بنت عبدالله (بن عبداللطيف بن شيخ عبدالرحمان بن شيخ حسن الشيخ بن امام شيخ محمد بن عبدالوهاب) جو پٽ ھو.[4] [5] شاھہ فيصل سال 1964ع کان 1975ع تائين سعودي عرب جو بادشاهه رهيو. هو اتحاد امت جو وڏو مبلغ هو ۽ پنهنجي دور حڪومت ۾ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو.

شاھہ فيصل بن عبدالعزيز آل سعود

فيصل پنهنجي پيءُ، بادشاهه عبدالعزيز ۽ سندس ڀاءُ، بادشاهه سعود جي دور ۾ هڪ بااثر سياستدان طور اڀري آيو، سندس پيءُ کيس ننڍي عمر ۾ ئي سياست ۾ آندو، کيس سفارتي مشن تي يورپ موڪليو، ۽ کيس سعودي فوجن جي اڳواڻيءَ جو فرض سونپيو. سال 1922ع ۾ عسير جي صورتحال کي پرسڪون ڪرڻ لاءِ 1926ع ۾ حجاز ۾ پنهنجي والد جو نائب مقرر ٿيو،[6] ان وقت سندس عمر ويهه سال هئي.

حوالا