ڪرائميا
ڪرائميا يا ڪرائميائي اپٻيٽ (انگريزي: Crimea ) اوڀر يورپ ۾ ڪاري سمنڊ جي اترئين ڪناري تي واقع ھڪ اپٻيٽ آھي. ان جي اتر اوڀر واري حصي ۾ ازوف سمنڊ ۽ باقي سمورو اپٻيٽ ڪاري سمنڊ سان گهيريل آهي. ڪرائميا جي اتر ۾ يوڪرين جو اوبلاسٽ يا صوبو خيرسون واقع آهي، اوڀر ۾ روس جي وفاق م شامل ڪراسنودار واري سرزمين واقع آهي جيڪا ڪرچ واري پاڻي جي لنگھ ذريعي ڪرائميا کان الڳ ھوندي 2018ع کان پل ذريعي ان سان ڳنڍيل آهي. ڪرائميا جي اولھ ۽ ڏکڻ ۾ ڪارو سمنڊ آھي جنھن جي ٻئي پار اولھ طرف رومانيه ۽ ڏکڻ طرف ترڪي واقع آهي. 1783ع ۾ ڪرائميا کي روسي ايمپائر روس۽ ترڪي واري خلافت جي جنگن (1768 کان 1774 تائين) جي نتيجي بعد پنھنجي حڪومت ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. 1917ع واري انقلاب کان پوء ان کي ڪرائميائي آٽونامس سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جو درجو ڏئي سوويت يونين ۾ شامل ڪيو ويو. ٻين جنگ عظيم دوران ان جو درجو گھٽائي ڪرائميائي اوبلاسٽ ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ اتان جي تاتار نسل جي آبادي کي مڪمل طور تي وچ ايشيا منتقل ڪيو ويو. 1954ع ۾ ڪرائميائي کي يوڪريني سويت سوشلسٽ ريپبلڪ ۾ شامل ڪيو ويو[5]1991ع ۾ سويت يونين جي خاتمي وقت يوڪرين پڻ خودمختياري حاصل ڪئي تہ ڪرائميائي اپٻيٽ کي ڪرائميائي آٽونامس ريپبلڪ جو درجو ڏنو ويو ۽ ان جي شھر سيواستوپول کي يوڪرين ۾ خاص درجو ڏنو ويو. 1997 ۾ اڳوڻي سوويت ڪاري سمنڊ واري بحري ٻيڙن جي ورھاست معاھدي تحت ٿي لل۽ معاھدي جي شرطن مطابق روس کي اتي بحري اڏي قائم رکڻ جي اجازت ملي ھئي، اھڙي طرح روسي ٻيڙي ۽ يوڪريني ٻيڙي جا صدر مقام سيواستوپول ۾ رکيا ويا. ڪرائميا جي موجوده حيثيت تڪراري آهي. يوڪرين ان جو دعويدار آھي ۽ گڏيل قومن يوڪريني دعوا کي تسليم ڪيو آهي[6] پر ان تي راڄ روس جو آھي. فيبروري 2014 ۾ ڪرائميا روسي فوج ۽ ان جي حامين جي فوجي مداخلت بعد روس سان الحاق ڪري ھڪ تڪراري ريفرنڊم ذريعي روسي وفاق ۾ شامل ٿي ويو[7].[8][9].
جاگرافي | |
---|---|
جڳھ | اوڀر يورپ |
مڪانيت | 45°18′N 34°24′E / 45.3°N 34.4°E 34°24′E / 45.3°N 34.4°E |
لڳولڳ پاڻي | |
وڏي ۾ وڏو شھر | سيواستوپول |
ايراضي | 27٬000 km2 (10٬000 sq mi) |
بلندي | 1,545 m (5,069 ft) |
سياسي حيثيت | روس جي اختيار ھيٺ (جنھن ۾ يوڪرين جي اختيار واري ھينچيسڪ رائيان وارو حصو شامل ناھي) |