3 سيپٽمبر

1234567
891011121314
15161718192021
22232425262728
2930 

3 سيپٽمبر (انگريزي: September 3)، عيسوي سال جو 246 هون (ليپ سال 247 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 119 ڏينهن (ليپ سال 120 ڏينهن) باقي آهن.[1]

واقعا

  • 1260ع - فلسطين ۾ مسلمانن ۽ منگولين جي وچ ۾ تاريخ جي ھڪ اھم جنگ لڙي وئي. ھن جنگ کي "عين جالوت واري جنگ" ڪوٺيو وڃي ٿو.
  • 1939ع - ٻي عالمي جنگ ۾ برطانيہ ۽ فرانس نازي جرمنيءَ خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.
  • 1976ع - آمريڪي خلائي جھاز وائيڪنگ ٽو (Viking 2) مريخ گرھ جي مٿاڇري تي لٿو.
  • 1977ع - پاڪستان جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي قصوري قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.
  • 1994ع - چين ۽ روس جي وچ ۾ ائٽمي جنگ نہ ڪرڻ جو معاھدو ٿيو.

پيدائش

فوتگيون

ڏڻ ۽ عام موڪل

  • قطر جي آزاديءَ جو ڏھاڙو

وڌيڪ ڏسو

حوالا