نيو يارڪ سٽي
نيو يارڪ شھر(انگريزي: City of New York) يا (انگريزي: New York City) يا مختصرن (NYC) يا (NY) آمريڪا جو آبادي ۽ پکيڙ ۾ سڀ کان وڏو شھر.[9] جنھن جي آبادي 2018 ۾ 8,398,748 ھئي[6] ھي شھر لڳ ڀڳ 302.6 چورس ميل (784 km2) جي پکيڙ تي مشتمل آهي.[10][11] اھو آمريڪا جو سڀ کان گھاٽي آبادي وارو شھر پڻ آهي[12]
نيو يارڪ | |||||
---|---|---|---|---|---|
شھر | |||||
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان هيٺ: وچ شھر وارو مين ھيٽن، ٽائيمز اسڪوائر، يوني اسفيئر، بروڪلن پل، ھيٺيون مين ھيٽن ورلڊ ٽريڊ سينٽر سميت، سينٽرل پارڪ، گڏيل قومن جو صدر مقام ۽ اسٽيچو آف لبرٽي | |||||
| |||||
نيويارڪ شھر جو نقشو | |||||
Location within the state of New York##Location within the United States##Location within North America | |||||
جاگرافي بيهڪ: 40°42′46″N 74°00′21″W / 40.7127°N 74.0059°W 74°00′21″W / 40.7127°N 74.0059°W[1] | |||||
ملڪ | United States | ||||
يونائيٽيڊ اسٽيٽس | سانچو:Country data New York | ||||
خطو | مڊ اينٽلانٽڪ | ||||
نيو يارڪ جا بورا | برونڪس
| ||||
ڪالوني | نيو نيدر لينڊ نيويارڪ جو صوبو | ||||
قيام | 1624 | ||||
مختلف حصن کي گڏايو ويو | 1898 | ||||
نالو پيو | جيمز، ڊيوڪ آف يارڪ | ||||
حڪومت[2] | |||||
• قسم | ميئر ڪائونسل | ||||
• مجلس | نيو يارڪ ڪائونسل | ||||
• ميئر | بل ڊي بلاسيو (ڊي) | ||||
پکيڙ[1] | |||||
• ڪل | 1,213.37 ڪ.م2 (468.484 ميل2) | ||||
• زميني | 783.84 ڪ.م2 (302.643 ميل2) | ||||
• آبي | 429.53 ڪ.م2 (165.841 ميل2) | ||||
• ميٽرو | 34,490 ڪ.م2 (13,318 ميل2) | ||||
بلندي[3] | 10 ميل (33 ft) | ||||
آبادي (2010)[5] | |||||
• ڪل | 8,175,133 | ||||
• ڪاٿو 2018 [6] | 8,398,748 |
ھي شھر دنيا جي سڀ کان وڏي ميٽروپوليٽن آهي. [14] ۽ دنيا جي سڀ کان وڏن آبادي وارن شھرن مان ھڪ آھي[15][16] جنھنجي 2018 ۾ آدمشماري 19,979,477 ھئي. ھن کي دنيا جي معاشي طاقت وارو شھر پڻ چوندا آهن ۽ ھي الفا شھرن ۾ شامل آھي.[17] ھن کي ثقافتي شھر پڻ چوندا آهن ,[18][19][20][21][22] وال اسٽريٽ (مالياتي) [23][24]۽ ميڊيا جو عالمي مرڪز آھي.[25][26] ۽ واپار، تفريح، تحقيق، تعليم ، ٽيڪنالاجي، سياست، سياحت، فن ، فيشن ۽ راندين تي اھم اثر رکندڙ شھر آھي. [27][28][29][30] ھي شھر گڏيل قومن جو صدر مقام پڻ آهي .[31]ھي شھر بين الاقوامي سفارتڪاري جو پڻ مرڪز آھي.[32][33] ھن شھرجي بندرگاھ نيويارڪ ھاربر دنيا جي وڏي ۾ وڏي قدرتي بندرگاھ آھي.[34][35]
ھي شھر پنج بورا يا ضلعن يا ڪائونٽين تي مشتمل آهي. [36] جن جا نالا آھن: بروڪلن،ڪئينس ، مين ھيٽن، برونڪس ، اسٽيٽن ٻيٽ جيڪي 1898 ۾ ملائي ھڪ شھر ۾ تبديل ڪيا ويا .[37] دنيا ۾ ارب پتي ماڻھن جو شھر سڏجندڙ ھي نيويارڪ 1624 ۾ ھيٺين مين ھيٽن واري جاء تي ڊچ ريپلڪ جي ڪالوني ٺاھيندڙن قائم ڪيو ء 1626 ۾ کيس نيو ايمسٽرڊيم جو نالو ڏنو ويو.[38] 1664 ۾ اھو شھر ۽ ان جي چوڌاري واقع علائقا انگريزن جي قبضي ۾ آيا ۽ ان وقت جي برطانيا جي بادشاھ چارلس ٻئين اھو علائقو پنھنجي ڀاءُ جيمز ٻئين، ڊيوڪ آف يارڪ کي ڏئي ڇڏيو جنھن ان شھر کي نيو يارڪ جو نئون نالو ڏنو. [39] 1785 کان 1790 تائين ھي شھر يونائيٽيڊ اسٽيٽس جو گاديءَ جو هنڌ پڻ رھيو.[40] ۽ 1790 کان وٺي ھي شھر ملڪ جو سڀ کان وڏو شھر رھندو آيو آھي .[41] اوڻويھين ۽ ويھين صديءَ ۾ ھتي لکين ماڻھو لڏي آيا.[42] ھن شھر ۾ لڳل مجسمو اسٽيچو آف لبرٽي دنيا ۾ ملڪ جي امن ۽ آزادي جي ھڪ سڃاڻپ آهي.[43]
جاگرافي
ھي شھر يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي اتر اوڀر ۾ نيو يارڪ رياست ھڊسن ندي جي اينٽلانٽڪ سمنڊ تي نيويارڪ بي ۾ ڇوڙ تي ۾ واقع آهي ۽ بوسٽن ۽ واشنگٽن ڊي سي جي وچ ۾ واقع آهي. بوسٽن کان ھن شھر جو فاصلو 217 ڪلوميٽر ۽ واشنگٽن ڊي سي کان 228 ڪلوميٽر آهي.[44] [45] [[برونڪس ندي جن شھر جي تازي پاڻي جو ھڪ وڏو وسيلو آھي. [46] آبادي ۾ اضافي ڪري ھن شھر جي ڪافي زمين سمنڊ مان ورتل آهي. ھيٺين مين ھيٽن جو علائقو بيٽري پارڪ سٽي سمنڊ جي پاڻيءَ مان ورتل زمين تي جوڙيو ويو آهي.[47] شھر جي ڪل پکيڙ 468.484 چورس ميل (1٬213.37 km2) جنھن ۾ 302.643 sq mi (783.84 km2) خشڪي ۽ 165.841 sq mi (429.53 km2)پاڻي شامل آهن.[48][49] شھر جو بلند ترين ھنڌ ٽاڊٽ پھاڙ آهي جيڪو اسٽيٽن ٻيٽ ۾ واقع آهي جنھن جي اوچائي 409.8 فٽ (124.9 m) آهي. [50] ھن پھاڙ جي چوٽيءَ تي ٻيلي جا وڻ آھن جيڪي اسٽيٽن ٻيٽ جي گرين بيلٽ جو حصو آھن.