بوٽسوانا(انگريزي: Botswana)i/bɒtˈswɑːnə/ جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف بوٽسوانا آھي ڏکڻ آفريڪا جو خشڪي سان گھيريل ملڪ جو نالو آهي. ھي ملڪ برطانوي بيٺڪ ھيو جنھن جو نالو بيچوئانا لينڊ ھيو ۽ 30 سيپٽمبر 1966 ۾ ٻين ملڪن سميت قومن جي دولت مشترڪه مان آزاد ٿيو [7] تڏھن کان ھي ملڪ تسلسل سان روايتي جمھوري رستي تي گامزن آهي. 1998 ۾ ھي ملڪ دنيا جي ڪرپٽ ترين ملڪن ۾ شامل ھو.[8] ھن ملڪ جو 70 سيڪڙو ڪالاھاري بيابان تي مشتمل آهي. ھن جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ ڏکڻ آفريڪا، اولھ ۽ اتر ۾ ناميبيا ۽ اتر اوڀر ۾ زمبابوي ۽ اتر ۾ زيمبيا واقع آهي.[9]
ھي ملڪ دنيا جي سڀ کان وڌيڪَ ڇڊي آبادي وارن ملڪن ۾ شامل آهي. ھن ملڪ جي آبادي جو ڏھ سيڪڙو گاديءَ واري شهر گئبورون ۾ رھندڙ آھي. دنيا جي غريب ترين ملڪن م شامل ھي ملڪ ھن وقت معاشي طور تي تيزي سان اڀرندڙ ملڪن ۾ شامل آھي [10]
جاگرافي
ھي ڏکڻ آفريقي ملڪ سائوٿ آفريڪا ملڪ جي اتر ۾ جاگرافيائي بيهڪ 22 00 S, 24 00 E تي واقع آهي. ھن ملڪ جي پکيڙ 581,730 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 566,730 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 15000 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. ھي پکيڙ ۾ دنيا جو 49ھون وڏو ملڪ آهي. ھن جي زميني سرحد4,347.15 ڪلوميٽر آهي جيڪا چئن ملڪن سان ملي ٿي جنھن مان 1544 ڪلوميٽر ناميبيا سان، 1969 ڪلوميٽر سائوٿ آفريڪا سان، 15 ڪلوميٽر زيمبيا سان ۽ 834 ڪلوميٽر زمبابوي سان مليس ٿي. ھن ملڪ جي ڪابه بحري سرحد ڪانہ اٿس ڇو ته خشڪي سان گھيريل ملڪ آھيھن ملڪ جي سراسري بلندي 1013 ميٽر آھي ۽ بلند ترين مقام سوڊائلو جي ٽڪري آهي جنھن جي اوچائي 1489 ميٽر آھي[11].
آبھوا
ھن ملڪ جي آبهوا بياباني يا برسات جي قلت واري آھي. ھتي سياري ۾ سخت سيءُ ۽ اونھاري ۾ سخت گرمي ٿيندي آهي[11]
ملڪ جو نظام صدارتي آھي ۽ حڪومت ۽ رياست جو سربراھ صدر آھي. ملڪ جي پارليامينٽ ھڪ ايواني آھي جنھن جو نالو نيشنل اسيمبلي آھي جنھن جون 65 سيٽون آھن جن مان 57 تي سڌي چونڊ پنجن سالن لاءِ ٿيندي آهي ٿيندي آهي، 6 جي نامزدگي صدر ڪندو آهي ۽ باقي 2 ايڪس آفيشو ھوندا آھن[11].