مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

ڪرائميا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪرائميا
جاگرافي
جڳھ اوڀر يورپ
مڪانيت 45°18′N 34°24′E / 45.3°N 34.4°E / 45.3; 34.4 34°24′E / 45.3°N 34.4°E / 45.3; 34.4
لڳولڳ پاڻي
وڏي ۾ وڏو شھر سيواستوپول
ايراضي 27٬000 km2 (10٬000 sq mi)
بلندي  1,545 m (5,069 ft)
سياسي حيثيت روس جي اختيار ھيٺ (جنھن ۾ يوڪرين جي اختيار واري ھينچيسڪ رائيان وارو حصو شامل ناھي)
ڪرائميائي اپٻيٽ جو نقشو
ڪرائميا ريپبلڪ (ڊي جيور) (گڏيل قومن طرفان مڃيل) يا آٽونامس ريپبلڪ آف ڪرائميا (ڊي فيڪٽو) (روس سان الحاق ۾ )


ڪرائميا يا ڪرائميائي اپٻيٽ (انگريزي: Crimea ) اوڀر يورپ ۾ ڪاري سمنڊ جي اترئين ڪناري تي واقع ھڪ اپٻيٽ آھي. ان جي اتر اوڀر واري حصي ۾ ازوف سمنڊ ۽ باقي سمورو اپٻيٽ ڪاري سمنڊ سان گهيريل آهي. ڪرائميا جي اتر ۾ يوڪرين جو اوبلاسٽ يا صوبو خيرسون واقع آهي، اوڀر ۾ روس جي وفاق م شامل ڪراسنودار واري سرزمين واقع آهي جيڪا ڪرچ واري پاڻي جي لنگھ ذريعي ڪرائميا کان الڳ ھوندي 2018ع کان پل ذريعي ان سان ڳنڍيل آهي. ڪرائميا جي اولھ ۽ ڏکڻ ۾ ڪارو سمنڊ آھي جنھن جي ٻئي پار اولھ طرف رومانيه ۽ ڏکڻ طرف ترڪي واقع آهي. 1783ع ۾ ڪرائميا کي روسي ايمپائر روس۽ ترڪي واري خلافت جي جنگن (1768 کان 1774 تائين) جي نتيجي بعد پنھنجي حڪومت ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. 1917ع واري انقلاب کان پوء ان کي ڪرائميائي آٽونامس سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جو درجو ڏئي سوويت يونين ۾ شامل ڪيو ويو. ٻين جنگ عظيم دوران ان جو درجو گھٽائي ڪرائميائي اوبلاسٽ ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ اتان جي تاتار نسل جي آبادي کي مڪمل طور تي وچ ايشيا منتقل ڪيو ويو. 1954ع ۾ ڪرائميائي کي يوڪريني سويت سوشلسٽ ريپبلڪ ۾ شامل ڪيو ويو[5]1991ع ۾ سويت يونين جي خاتمي وقت يوڪرين پڻ خودمختياري حاصل ڪئي تہ ڪرائميائي اپٻيٽ کي ڪرائميائي آٽونامس ريپبلڪ جو درجو ڏنو ويو ۽ ان جي شھر سيواستوپول کي يوڪرين ۾ خاص درجو ڏنو ويو. 1997 ۾ اڳوڻي سوويت ڪاري سمنڊ واري بحري ٻيڙن جي ورھاست معاھدي تحت ٿي لل۽ معاھدي جي شرطن مطابق روس کي اتي بحري اڏي قائم رکڻ جي اجازت ملي ھئي، اھڙي طرح روسي ٻيڙي ۽ يوڪريني ٻيڙي جا صدر مقام سيواستوپول ۾ رکيا ويا. ڪرائميا جي موجوده حيثيت تڪراري آهي. يوڪرين ان جو دعويدار آھي ۽ گڏيل قومن يوڪريني دعوا کي تسليم ڪيو آهي[6] پر ان تي راڄ روس جو آھي. فيبروري 2014 ۾ ڪرائميا روسي فوج ۽ ان جي حامين جي فوجي مداخلت بعد روس سان الحاق ڪري ھڪ تڪراري ريفرنڊم ذريعي روسي وفاق ۾ شامل ٿي ويو[7].[8][9].

حوالا

🔥 Top keywords: مُک صفحووڪيپيڊيا:بابتمدد:مندرجاتٻين مھاڀاري جنگوڪيپيڊيا:نياتي بابوڪيپيڊيا:اسان سان رابطو ڪريووڪيپيڊيا:مندرجاتوڪيپيڊيامدد:تعارفباب:ھاڻوڪا واقعاخاص:تازيون تبديليونوڪيپيڊيا:سنڌي لکت ڪيئن پڙهجيسانچو:This date in recent yearsنبي بخش بلوچزمرو:راڄڌانيونپاڪستانوڪيپيڊيا:عام غيرجوابداريناموخاص:ڳولازڪواتجنسي سنگمدد:صفحو ڄاڻڏکڻ آمريڪاسانچو:سنڌي تاريخانگريزي ٻولياڻ ٽر صورتحالاسمسانچو:This date in recent years/titleشاھ عبداللطيف ڀٽائيآڪاش منڊلسوانح نگاريبيتوڪيپيڊيا:ديوان عامڊجيٽل آبجيڪٽ آئڊنٽيفائرزمرو:ڏکڻ آمريڪازمرو:Short description matches Wikidataسانچو:Sindhi Alphabetآمريڪا جون گڏيل رياستونگوگلڪيوٽو