آلو بخارو

آلو بخارو ھڪ پھاڙي وڻ جو ميوو، جيڪو کاڌي ۽ دوائن ۾ ڪم ايندو آھي. ھن جا صوفي ٻير جيڏا داڻا، ڪاراڻ مائل، ڳاڙھي رنگ جا ٿيندا آھن. ذائقو کٽو يا کٽمٺڙو اٿس. آلو بخارو سرءُ جو ميوو آھي. ھيءُ خوباني ۽ آڙوءَ جو ويجھو رشتيدار آھي. غذائي لحاظ کان آلو بخارو وڏيءَ اھميت وارو ميوو آھي. ھن ۾ کنڊ، ڪئلشيم، فاسفورس ۽ فولاد ڪافي مقدار ۾ ٿئي ٿو. ان کان سواءِ ان ۾ وٽئمن اي. بي ۽ سيءَ کان سواءِ پروٽين جو نشاستو به ٿئي ٿو. ھيءُ ميوو ٿڌو اثر رکي ٿو ۽ قبض ڪشا آھي. طبي لحاظ کان گھڻي اڃ ۽ وات جي خشڪيءَ کي گھٽائي ٿو. تپ، مٿي جي سور ۽ الٽين وغيره لاءِ مفيد علاج سمجهيو آھي.[2]هي ميوو کائڻ ۾ سخت آهي تنهن ڪري رڌي کائيندا آهن، يا مربي ۽ ٻين کاڌي جي قسمن ۾ ڪم آڻيندا آهن. آلو بخارا ته مشهور آهن؛ هر سال ڪابل کان سڪل ايندا آهن. انهن جو وڻ پنجاب ۽ مٿين پرڳڻن ۾ چڱو ٿو ٿئي، جنهن ميوي کي هندستاني آلوچا چون ٿا، سو به آلو بخارا جهڙو آهي؛ مگر اصل يورپ جو آهي جنهن کي انگريزيءَ ۾ پلَم چون ٿا. هن جو وڻ شفتالوءَ وانگي پوکبو آهي. هن جو پيوند شفتالوءَ تي لڳي سگهي ٿو. اک به لڳندي آهي. ٽَڪر تي چڱو ٿيندو آهي. هي ميوو سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ پچندو آهي. هماليه ۾ تہ مينهن جي موسم ۾ پچندو آهي.[3]

آلو بخارو
A plum; whole and split
Black Amber Plum
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم:Plantae
(unranked):Angiosperms
(unranked):Eudicots
(unranked):Rosids
ترتيب:Rosales
خاندان:Rosaceae
ذيلي خاندان:Amygdaloideae[1]
نسل:Prunus
ذيلي نسل:Prunus
Species

See text.

حوالا