جنوري

عيسوي سن جو مهينو
123456
78910111213
14151617181920
21222324252627
28293031 

عيسوي سال جو پهريون مهينو جنوري آهي. هن مهيني تي اهو نالو رومين جي هڪ ديوتا “جينس” (Janus) جي نالي تان رکيو ويو آهي, اهو جنگ جو ديوتا هو، جيڪو ڏند ڪٿا موجب هڪ ئي وقت، اڳيان ۽ پويان ڏسي سگهندو هو، رومين جو خيال هو ته هن ديوتا وانگر هو به پنهنجي ماضي ۽ حال جو جائزو وٺي سگهن ٿا. جنهن سبب هنن هن مهيني جو نالو جنوري رکيو. [1]جنوري شمسي سال جو پهريون مهينو آهي. هن مهيني ۾ 31 ڏينهن ٿيندا آهن.

حوالا