فيبروري

جولين ۽ گريگورين ڪئلينڊرن جو ٻيون مھينو
123
45678910
11121314151617
18192021222324
2526272829

عيسوي سال جو ٻيو مهينو فيبروري (February) آهي. هن مهيني جو نالو به هڪ رومي ديوتا “فيبرا“ (FEBRUA) جي نالي تي رکيو ويو آهي. هي ديوتا مذهبي خوشي جي علامت هو. گهڻو وقت اڳ رائج روما ڪلينڊر ڏهن مهينن جو هوندو هو، پر پوءِ جو ليس سيزر ان ڪيلينڊر ۾ فيبروري جي مهيني جو واڌارو ڪيو.[1]فيبروري شمسي سال جو ٻيو مهينو آهي. هي مهينو ٽي سال 28 ڏينهن جو ۽ هڪ سال (يعني ليپ سال ۾) 29 ڏينهن جو هوندو آهي. فيبروري لاطيني لفظ فيبرم مان ورتو ويو آهي جنهن جي معني آهي پاڪائي ڪرڻ.

حوالا