جهارکنڊ

اوڀارين ڀارت ۾ رياست


جھرکنڊ(انگريزي: Jharkhand) (جھر جي معني : جھنگ يا ٻيلو ۽ کنڊ جي معني: سرزمين) اھا انڊيا جي اوڀر واري خطي جي ھڪ رياست آھي جيڪا 15 نومبر 2000 ۾ بھار جي ڏاکڻي حصي کي ڌار ڪري ٺاھي وئي .[5] ھن رياست جون حدون اتر ۾ بھار , اتر اولھ ۾ اتر پرديش، اولھ ۾ ڇتيس ڳڙھ، ڏکڻ ۾ اوڙيسہ ۽ اوڀر ۾ اولھ بنگال سان ملن ٿيون. ھن رياست جي پکيڙ 79٬710 km2 (30٬778 sq mi) آهي.پکيڙ ۾ انڊيا جي سورھين ۽ آبادي ۾ چوڏھين وڏي رياست آھي. سرڪاري ٻولي ھندي اٿس .[3] رياستجہ گادي جو هنڌ رانچي آھي ۽ ڊمڪا پڻ ان جو ذيلي گادي جو هنڌ آهي. ھي رياست آبشارن، پھاڙن ۽ مقدس جاين جي ڪري مشھور آھي.[6] مشھور مقدس ماڳن م بائيدياناٿ ڌام مندر، پارس ناٿ مندر ۽ راجراپا مندر شامل آهن.

جھرکنڊ
رياست
پارسناٿ وارين ٽڪرين تي شکارجي جا جين مندر
پارسناٿ وارين ٽڪرين تي شکارجي جا جين مندر
جھرکنڊ جي مھر
مھر
جھرکنڊ جو مقام
جھرکنڊ جو مقام
جھرکنڊ جو نقشو
جھرکنڊ جو نقشو
جاگرافي بيهڪ (رانچي): 23°21′N 85°20′E / 23.35°N 85.33°E / 23.35; 85.33 85°20′E / 23.35°N 85.33°E / 23.35; 85.33
ملڪ  ڀارت
خطو اوڀر انڊيا
بنياد 15 نومبر 2000
گادي جو هنڌ رانچي
وڏو شھر جمشيدپور
ضلعا ٽوٽل 24 ضلعا
حڪومت
 • مجلس جھرکنڊ جي حڪومت
 • گورنر دروپدي مرومو
 • وزيراعلي رگھوبار داس (بي جي پي)
 • قانون ساز اسيمبلي ھڪ ايواني (81 سيٽون)
 • پارليامينٽ ۾ نمائندگي راجيا سڀا ۾ 6
لوڪ سڀا ۾ 14
 • ھاء ڪورٽ جھرکنڊ ھاء ڪورٽ
پکيڙ
 • ڪل 79,714 ڪ.م2 (30,778 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو پکيڙ ۾ انڊيا جي سورھين وڏي رياست
آبادي (2011)[1]
 • ڪل 32,988,134
Formed by the Bihar Reorganisation Act, 2000
Symbols of جھرکنڊ
جانور انڊين ھاٿي [2]
پکي ڪوئل
گل پالاش (گل) [2]
وڻ (Shorea robusta)سال (وڻ) [2]

انتظامي ورھاست

  • پلمو ڊويزن
    • گارھوا
    • پلمو
    • لاٽيھار
  • اتر ڇوٽاناگپور ڊويزن
    • چاترا
    • ھزاري باغ
    • گرديھ
    • ڪوڊرما
    • ڌنباد
    • بوڪارو
    • رام ڳڙھ
  • ڏکڻ ڇوٽاناگپور ڊويزن
    • رانچي
    • لوھارداگا
    • گملا
    • سمديگا
    • ڪنتي
  • ڪولھان ڊويزن
    • ويسٽ سنگھڀوم
    • سرائيڪيلا کارساوان
    • ايسٽ سنگھڀوم
  • سنٿال پرڳڻا ڊويزن
    • ديوگھر
    • جامتارا
    • دومڪا
    • گوڊا
    • پاڪر
    • صاحب گنج

حوالا