سوويت-افغان جنگ

سوويت يونين ۽ افغان باغين جي وچ۾ جنگ، 1979-89

افغانستان ۾ سوويت ويڙهه (انگريزي ٻولي: Soviet–Afghan War) يا روسي ويڙهه 9 سال تائين وِڙهي وئي. ان جي شروعات ڊسمبر 1979۾ ٿي جڏهن تہ ان جي پُڄاڻي فيبروري 1989 ۾ ٿي هُئي. اِن لڙائيءَ ۾ هڪ پاسي ته افغان فوج جي نالي تي روسي فوج وِڙهي رهيئ هئي ته ٻئي پاسي وري سموري دُنيا جا مجاهدين روس جي خلاف جنگ جي ميدان تي لَٿل هيا. آمريڪا ۽ روس جي وچ۾ سرد جنگ جي ڪارَڻِ امريڪا اِن جنگِ ۾ سامهون ٿي ڪُڏي نه پئي پوڻ چاهيو هيو پَرامريڪي سي آءِ اي ۽ پاڪستاني آءِ ايس آءِ کُليل طور مجاهدين جي تربيت ۽ هر طرح سان سهائتا ڪئي. برطانيا، آمريڪا، سعودي عرب ،پاڪستان ۽ ٻين ملڪن روس جي خلاف اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ۽ اهي ڏوڪڙ مجاهدين ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙن کي ڏنا ويا. پاڪستان پڻ اُن جنگ ۾ حصو ورتو ۽ پاڪستان منجهان هزارين مجاهدين روس جي خلاف وِڙهڻ لاءِ افغانستان ويا هيا.

افغانستان ۾ سوويت يونين جي جنگ
سلسلو افغان جنگ ۽ سرد جنگ
حدون
1987 ۾ مجاهدين افغاني ڪنڙ صوبو ۾
تاريخڊسمبر 24, 1979 – فيبروري15, 1989
(9 سالَ, 1 مهينو, 3 هفتوَ and 1 ڏينهن)
مقامافغانستان
نتيجو

فوجي شڪستگي

  • جنيوا معاهدو 1988
  • سوويت فوج کي افغانستان منجهان ڪڍيو ويو
  • افغان سول وارِ يا جنگ / خانَہ جنگِي continues[11]
شريڪ جنگ

سوويت يونين سوويت يونين

افغانستان پيپلز ريپبلڪ آف افغانستان

سُني مجاهدين:

  • جمعيت اسلامي افغانستان[1]
    • شوريٰ نظار
  • گُلبدِين وڳوڙي فرقو[1]
    • مڪتب الخدمات دهشتگرد تنظيم
  • خالص ڌَڙو[1]
  • اتحاد اسلاميئ[1]
  • IRM[1]
  • NLF[1]
  • NIFA[1]
افغانستان جي ڪنڙ صوبي ۾ مجاهد جنگجو۔ ويڙهاڪ 1987 جي هِڪ تصوير
افغانستان جي ڪنڙ صوبي ۾ مجاهد جنگجو۔ ويڙهاڪ 1987 جي هِڪ تصوير

پس منظر

1885 ۾  روسي فوج آمو درياهه جي ڏکڻ ۾ تڪراري نخلستان پنج دہ جو قبضو طاقت جي ڏاڍ تي افغان فوج کان حاصل ڪري ورتو هيو.  پنج دہ واقعي کانپوءِ 1885-87 ۾ انگريزي، روسي ۽ افغان نمائندن تي ٻَڌل هڪ گڏيل سرحدي  ڪميشن اتفاق راءِ سان افغانستان ۽ روس جي وچ۾ سرحد جي حدبندي ڪئي. افغان علائقي ۾ روس جو اثر ۽ سگهه سوويت دور ۾ جاري رهي. 1955 کان 1978 جي دوران سوويت يونين پاران افغانستان کي اربين روپين جي معاشي ۽ فوجي سهائتا ڏِني وئي.

1978 جي ثور انقلاب کانپوءِ 27اپريل  1978 ۾ عوامي جمهوريا افغانستان جو قيام عمل ۾ آندو وِيو. انقلابي حڪومت پاران افغانستان ۾ هڪ غريب دوست ۽ هاري دوست  سوشلسٽ معاشي ايجنڊا متعارف ڪرائي.  ان حڪومت جا سوويت يونين سان ويجها لاڳاپا هيا.  5 ڊسمبر 1978 تي سوويت يونين ۽ افغانستان جي وچ۾ دوستي جو هڪ ٺاهہ (معاهدي) تي دستخط ڪيا ويا.

سوشلزم جي وَڌندڙ قدمن سان امريڪي سامراج کي خطرو هُيو. سي آءِ اي جي تاريخ جو سڀ کان مهانگو آپريشن سائيڪلون شروع ڪري دهشت گردن جي تربيت ڪئي وئي. پاڪستان جي جرنيل شاهي آمريڪي ڊالر وَٺي دهشت گردن کي تيار ڪرڻ ۾ معاون جو ڪردار ادا ڪندي رهي. جولاءِ ۾ آپريشن سائيڪلون جو آغاز ڪيو ويو ۽ دهشت گردي جو آغاز ڪيو ويو، جنهن جو جواب ڏيڻ جي لاءِ ڊسمبر ۾ افغان حڪومت جي دعوت تي روس کي وچ ۾ پوڻو پيو. امريڪي صدر ٽرمپ هڪ تازو بيان جاري ڪيو هيو،جنهن ۾ سندس موقف هيو تہ افغانستان ۾ روس جي مُداخلت درست هُئي ڇو تہ دهشت گرد يو ايس ايس آر جي سرحدن کي پارِ ڪري رهيا هيا.

بين الاقوامي رد عمل

اسلامي دنيا جو رد عمل

دنيا جي ڪيترن ئي مُلڪن سوويت يونين جي افغانستان تي چڙهائيءَ جي مخالفت ڪئي. خاص طور سموري اسلامي ملڪن انهيءَ جي سخت مخالفت ڪئي ۽ 34 اسلامي ملڪن باقاعدي قراردادون پاس ڪيون ۽ سوويت يونين جي هڪ اسلامي ملڪ (افغانستان) تي چڙهائي (حملو) جي مخالفت ڪئي ان سميت اسلامي ملڪن گُهرَ (ڊيمانڊ) پڻ ڪئي تہ سوويت يونين جيترو تُرت ٿي سگهي افغانستان کان فوجون واپس ڪڍي انکانسواءِ جيسيتائين سوويت اتحادي جون فوجون افغانستان ۾ رهيون انهن جي خلاف وِڙهڻ جي لاءِ ڪيترن ئي اسلامي مُلڪن افغان مجاهدين جي امداد ڪئي.

گڏيل قومن جو رد عمل

گڏيل قومن پڻ پنهنجو رد عمل ڏيکاريو.

واقعا

سوويت يونين (سوويت اتحاد) جي هار، آڻ مڃڻ (شڪست) ۽ افغانستان کان سوويتي فوجن جو نيڪال

وچ ايشيا تي اثرَ ۽ جنگ کانپوءِ جون حالتون

درشن خانو

وڌيڪ ڏسو

حوالا

سانچو:سرد جنگسانچو:ضياءَ الحق حڪومتسانچو:پشتون اشتراڪيت يا سماجواد ڪميونزم