شروان شاهان محل

آذربائيجان جي باڪو ۾ شاهي محل

شروان شاهان محل (آذربائيجاني: Şirvanşahlar Sarayı, فارسي: کاخ شروان‌شاهان‎, انگريزي ٻولي: Palace of the Shirvanshahs) پندرهين صدي ۾ شروان جي شاهان پاران تعمير ڪرايل هڪ محل آهي، 2000 ۾ انکي يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو۔[1] ۽ يونيسڪو پاران "آذربائيجان جي فن تعمير جي موتين منجهان هڪ" جي طور تي بيان ڪيل آهي. اهو آذربائيجان، باڪو شهر جي اندر واقع آهي، ۽ ڪنواري ٽاور سان گڏ، تاريخي يادگارن جي يونيسڪو عالمي ورثو فهرست تحت ڏنل تاريخي يادگار جو هڪ جوڙو ٺاهي ٿو. ان عمارت جي اڱڻ ۾ محلات جي مُکيا عمارت، ديوان هاني، دفن ڪرڻ وارو تهه خانو، منارو سان شاهه جي هڪ مسجد، سيد يحيي بکوي جو مقبرو(نام نهاد "درويش جو مقبرو")، محل جي ڏکڻ، اوڀر ۾ ٻُنڀو، مُراد جو ٻاهريون دروازو، هڪ تلاءُ(حوض) ۽ شنان واري جاءِ جي باقيات شامل آهن.[2] ان کان اڳ، اتي مزار جي ڀر۾ ھڪڙي آڳاٽي مسجد ھئي. مقبري جي اولهه ۾، اڃا تائين وهنجڻ واري جاءِ (باٿ) ۽ رڍ جو ٻچو جا ستياناس ٿيل کنڊر آهن.[3] [4]

آڳاٽُو شهر باڪو ۾ شروان شاهان محل ۽ ڪنواري مينار
عالمي ورثو ٺڪاڻو

View of the Palace of the Shirvanshahs
ملڪآذربائيجان
قسمثقافتي
شرط ضابطاiv
حوالو958
علائقو**يورپ
تاريخِ شموليت
شموليت2000  (24th اجلاس)
خطري سان ڳنڍيل2003-2009
* عالمي ورثو ماڳن جي فهرست ۾ درج نالا
** يونيسڪو جا علائقا

اتهاس

15 هين صدي ۾[5] شيروان شاهي خاندان، شيروان جي ابراهيم پهريون جي ماتحت، هڪ تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ پنهنجي گاديءَ جو هنڌ (دارالحڪومت) شيماکا کان باڪو ڏانهن منتقل ڪيو.

سورنهين صدي جي ٻئي اڌ حصي ۾ صفوي ۽ عثماني سلطنت جي وچ ۾ ويڙهه (جنگ) هئي. 1578 ع ۾، ترڪُين باڪو کي فتح ڪيو. محلات واري علائقي ۾ عثماني سلطنت جي حڪمراني جي زماني کان، محل جي چئوگرد اوڀر کان محلات جون ڀِتِيون محفوظ رهيون آهن. هن دروازي جي پورٽل تي رکيل لکيل لکت مان اهو ظاهر ٿئي ٿو، ته اهي ترڪ سلطان مراد III جي حڪمراني دوران (راڄ (حڪمراني) 1574 کان 1595 سال) جي دور ۾ اَڏاوت ڪيا ويا هيا.[6]

ادبي ڪم جي ڪري، اتي ان وقت محل ۾ ترڪش پاشا رهندا هئا. اوڀر جو دروازو هن جي شاهدي آهي.[7]

فنِ معماري

محلات جو نقشو

  • شاهي محل
  • ديوان-خانو
  • سيد يحيي بکيوي مقبرو
  • تباهه ٿيل ڪي-ڪبباد مسجد جي جاءِ
  • اڀرندو ٻُنڀو
  • محل مسجد
  • درگاهه
  • شنان (وهنجڻ) جي جاءِ
  • Ovdan.

مُکيا عمارت (شاهي محل)

محلات جي عمارت هڪ ئي وقت تي اَڏائي نه وئي.

شروان شاھان جو باڪو ۾ واقع مقبرو-پندرهين صديءَ جو

تصويرون

حوالا