پامير

پامير جابلو سلسلو

پامير جبل ھوائي جھاز ذريعي نڪتل تصوير, جون 2008
اوچي سطح
چوٽي ڪونگرتاگ
بلندي 7٬649 m (25٬095 ft)
امتياز [اوزا تبديل: needs a number]
اڪيلائي [اوزا تبديل: needs a number]
مقانيت
جاگرافي
Countries تاجڪستان, ڪرغزستان, افغانستان and چين
States/Provinces گورنو بدکشان, اوش علائقو, واکان and زنگ جينگ

پامير جي بيھڪ

پامير جابلو سلسلو وچ ايشيا، ڏکڻ ايشيا ۽ اوڀر ايشا جي سنگم تي واقع آھي۔ ھي ھماليہ، قراقرم، ھندوڪش، تیان شان اور ڪُنلُن، ھندو راج جابلو سلسلن جي سنگم تي واقع آھي. ھن جو شمار دنيا بلند ترين جابلو سلسلن ۾ ٿئي ٿو. جنھن جي ڪري ھن کي دنیا جي ڇت (Roof of the World) بہ چيو ويندو آھي.[1]

پامیر تاجڪستان، ڪرغزستان، افغانستان ۽ چين ۾ پکڙيل آهي۔ ھن جو وڏو حصو تاجڪستان جي علائقي گورنوبدکشان[2][3]، جيڪو ڪرغزستان جي اَلَي وادي کان ٿيندا تيان شان جبلن سان ملي ٿو، ڏکڻ ۾ افغانستان جي واکان دَري وٽان ھندوڪش جابلو سلسلن سان ملي ٿو. اوڀر ۾ چين ڪوگر تاگ جابلو سلسلن سان ملي ٿو، اوڀاريون پامير جابلو سلسلو چين ۽ گلگت بلتستان جي وچ ۾ واقع يارڪنڊ وادي ۾ ڪُنلُن جابلو سلسلي ذريعي جدا ٿئي ٿو.

پامير لفظ

پامير نالو مڊلٽن ۽ ٿامس، مطابق پامير ھڪ ارضياتي اصطلاح[4] آھي. پامير ھڪ سڌي مٿانهين پٽ يا انگريزي اکر U شڪل جي وادي جيڪا جبلن سان گھيريل ھجي انکي چئبو آهي. اھو پامير تڏھن ٺھندو آھي جڏھن ڪو گليشيئر يا برفاني علائقو رجي وڃي ۽ پٿريلو ميدان ظاھر ٿيئي. پامير تيسيتائين رھندو جيسيتائين ڪٽاوَ جي ڪري پامير جو علائقو وڌندو رھندو آھي. ھن طرح جا علائقا واکان[5] جي اوڀر اتر ۽ گورنوبدکشان جي اوڀر ڏکڻ ۾ ملن ٿا. پامير جو ڪارج گرمين چراگاهن طور بہ ٿيندو آهي.

پامير جون سڀ کان مٿانهيون چوٽيون

  1. پامیر جي سڀ کان مٿانهين جابلو چوٽي اسماعيل ساماني آھي، جيڪا 7490 ميٽر / 24590 فٽ بلند آھي.
  2. ابن سينا چوٽي: جنھن لينن چوٽي پڻ چيو وڃي ٿو، ھن جي اوچائي 7 ھزار 1 سو 34 ميٽر يعني 23 ھزار 6 سو 9 فٽ آهي.
  3. ڪورزنیوسڪایا چوٽي: ھن جي اوچائي 7 ھزار 1 سو 5 ميٽر يعني 23 ھزار 3 سو 10 فٽ آهي.

پامير جا گليشيئر

پامير سلسلي ۾ تمام گهڻا گليشيئر آھن جن ۾ فيڊچينڪو گليشيئر جيڪو اتر ۽ ڏکڻ قطب ۾ موجود گليشيئرن کي ڇڏي ٻئي سموري دنيا جي گليشيئرن کان وڏو آھي. ھن پکيڙ 25 ميل يعني 77 ڪلوميٽرن آهي. اتر پامير جا گليشيئر قائم آھن انھن ڪا بہ موسمياتي تبديلي نہ پئي ٿئي، باقي ڏکڻ پامير جا گليشيئر سالياني 10 في سيڪڙي جي رفتار پگھرجن پيا.

پامير جي آبھو

معيشت

اولھ ۾ ڪوئلي جون کاڻيون آهن پر اتان جي ماڻھن جو مُک طور گذر سفر  رڍن پالڻ تي آهي.

اچ وڃ جا وسيلا

پامير ھائي وي دنيا ٻيون نمبر بلندي تي قائم ھائي وي آھي جيڪا تاجڪستان جي گادي جي ھنڌ دوشنبي کان گورنوبدکشان کان ٿيندو اوش ڪرغزستان وڃي ٿي. شاھراھ ريشم جا لنگھ پڻ پامير جي وادين مان گذرن ٿا.

تاريخي اھميت

تاريخي طور تي ، پامير جبل اتر شاھراھ ريشم تي ڪاشگر ۽ ڪوڪند جي وچ ۾ اھم واپاري رستو سمجهيو ويندو هو ، اڳئين دور واري پيدل رستو ڪيترن ئي علائقائي فتحن جو گواھ آهي. اتر ريشم روڊ (تقريبن 2،600 ڪلوميٽر (1،616 ميل) ڊيگهه) قديم چين جي گادي جي ھنڌ زيان کي پامير جبل جي رستي ڪاشگر سان ڳنڍي ھئي. . 20 هين صدي ۾ ، اهي تاجڪستان گهرو ويڙھ ، چين ۽ سوويت يونين جي وچ ۾ سرحدي تڪرار ، آمريڪي ، روسي ۽ هندستاني فوجي اڏن جو قيام ، ۽ واپار جي ترقي ۽ وسيلن جي ڳولا ۾ نئين دلچسپي جو بنياد رهيا آهن. چين وچ ايشيائي ملڪن سان گهڻو ڪري اهي مسئلا حل ڪيا آهن.