پيرو (ملڪ)


جمھوريہ پيرو(انگريزي: Peru ) (Listeni/pəˈr/; [7]ڏکڻ آمريڪا جي اولھ ۾ واقع ھڪ ملڪ جو نالو آهي جنھن جي اتر م ئايڪئيڊور ۽ ڪولمبيا، اوڀر ۾ برازيل، ڏکڻ اوڀر ۾ بوليويا، ڏکڻ ۾ چلي ۽ اولھ ۾ پيسيفڪ سمنڊ آھي. ھي ڪثير جنسي جاندارن وارو ملڪ آھي جنھن ۾ اولھندي پيسيفڪ ساحلي علائقن جي بنجر ميدانن کان ويندي اتر کان ڏکڻ اوڀر تائين اينڊيس جبلن جي قطارن ۽ اوڀر ۾ اميزون ندي جي برساتي ٻيلن واري اميزون بيسن ۾ جاندارن جون ڪيتريون ئي جنسون رھندڙ آھن. [8]

جھموريہ پيرو

República del Perú  ([[اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

Spanish language|اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

Spanish]])

Flag of پيرو
{{{coat_alt}}}
جھنڊونِسبتي نشان
شُعار: '
"Firme y feliz por la unión" (Spanish)
" اتحاد لاء خوش ۽ پختا ٿيو "
ترانو: 
"Himno Nacional de Perú"  (اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻوليSpanish)
"National Anthem of Peru"

  • March:
    "Marcha de Banderas" (Spanish)
    "March of Flags"

قومي مھر

رياستي جي وڏي مھر
جو مقامپيرو
گادي جو هنڌ ليما
12°2.6′S 77°1.7′W / 12.0433°S 77.0283°W / -12.0433; -77.0283
سڀ کان وڏو شهر ليما
سرڪاري ٻولي اسپيني
ٻيون سرڪاري ٻوليون[lower-alpha 1]
  • ڪئيچوئائي
  • ٻيون مقامي ٻوليون
نسلي گروھ (پيرو جي مردم شماري، 2017 [lower-alpha 2])
مذهب (2017 جي مردم شماري)
مقامي آبادي پيروويئن
حڪومت وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ[1][2]
• صدر
مارٽن وزڪارا
• نائب صدر
مرسيڊيز ارائوز
• وزير اعظم
سيلويڊور ڊيل سولر
مقننه ڪانگريس
آزادي اسپين کان آزادي ملي
• اعلان
28 جولاءِ 1821
• اواڪوچو واري جنگ
9 ڊسمبر 1824
• تسليم ڪيو ويو
14 آگسٽ 1879
پکيڙ
• جملي
1٬285٬216 km2 (496٬225 sq mi) (19th)
• پاڻي (%)
0.41
آبادي
• 2019 اندازو
32,495,510[3] (43rd)
• 2017 مردم شماري
31,237,385
•  گھاٽائي
23 /km2 (59.6 /sq mi) (198th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$487.417  ارب ڊالر [4] (36th)
• في سيڪڙو
$14,252[4] (85th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$239.218 ارب ڊالر (41nd)

ڪرسٽوفر ڪولمبس جي آمد کان اڳ وارو پيرو کوڙ قديم تهذيبن جو گھر ھيو جن ۾ 3200 ق ۾ واري سڀ کان قديم نارٽي چيڪو تھذيب (آمريڪا جي پنجن قديم ترين تھذيبن مان ھڪ) کان وٺي ڪولمبس جي آمد کان اڳ آمريڪا جي سڀ کان وڏي انڪا ايمپائر (انگريزي: Inca Empire ) تائين واريون تھذيبون شامل آهن. سورھين صدي عيسوي ۾ اسپين جي ايمپائر ھن خطي تي قبضو ڪري پيرو جي وائسرائلٽي قائم ڪئي جنھن جو صدر مقام ليما ۾ رکيو جنھن ۾ اسپين جي ڏکڻ آمريڪا وارين ڪالونين جو وڏو حصو شامل ھيو. پيرو 1821 ۾ اسپيني ارجنٽينا واري جنرل جوز ڊي سان مارٽن ۽ وينزويلائي اڳواڻ سائمن بوليور جي فوجي مھمن ۽ اواڪوچو واري جنگ جي نتيجي ۾ باقاعده اسپين کان خودمختيار ٿيڻ جو اعلان ڪيو جنھن بعد پيرو 1824 ۾ آزاد ٿيو. پيرو ھڪ نمائندگي واري جمھوري ريپبلڪ رياست آھي جنھن جا 25 انتظامي صوبا آھن ۽ معاشي لحاظ کان ان جو شمار اڀرندڙ مارڪيٽن ۾ ٿئي ٿو. [9] جنھنجي انساني ترقي جو اشاريو اوچو آهي ۽ وچولي آمدني جي مٿين سطح ۾ شمار ٿيندڙ آھي جنھن ۾ غربت جي شرح 19 سيڪڙو آهي.[10]پيرو جي معيشت خطي اندر سڀ کان وڌيڪ خوشحالي واري آھي جنھن جي سراسري واڌ جي شرح 5.9 سيڪڙو آهي. ۽ ان جي صنعتي معيشت جي ترقي خطي ۾ سڀ کان تيز آھي جنھن جي شرح 9.6 سيڪڙو آهي.[11] ان جي وڏين معاشي سرگرمين م کاڻون، صنعتي پيداوار، زراعت ۽ مڇي جو شڪار سان گڏوگڏ ٽيليڪميونيڪيشن ۽ بائيو ٽيڪنالاجي آهي.[12] پيرو ايشيا پيسيفڪ ايڪانامڪ ڪوآپريشن ، پيسيفڪ الائنس ، ٽرانس پيسيفڪ پارٽنرشپ ۽ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جو سرگرم رڪن آھي ۽ ان جو شمار وچولي طاقتن ۾ ٿئي ٿو. [13] ھن ملڪ جي آبادي 320000 جي لڳ ڀڳ آهي جنھن ۾ ھتان جا اصل رهاڪو، يورپي گورا، آفريڪي ڪارا، ايشيائي ماڻھو شامل آهن. ھن ملڪ جي سڀ کان وڌيڪَ ڳالهائجندڙ ٻولي اسپيني آھي ۽ ٻئي نمبر تي ڪئيچوئائي آھيھي ھڪ ڪثيرالثقافت ملڪ آھي.

پکيڙ

پيرو جي ڪل پکيڙ 1284640 چورس ڪلوميٽر (495871 چورس ميل) ۽ آبادي 2 ڪروڙ 71 لک 36 هزار آهي. پيرو جي گاديءَ جو هنڌ ليما (Lima) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ هواسڪاران (بلندي: 6768 ميٽر) آهي. هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي اسپيني آهي، جڏهن ته ڪوئچوا ۽ آئمارا ٻوليون پڻ ڳالهايون وڃن ٿيون. هتي جي موسم خشڪ آهي ۽ مختلف علائقن جي آبهوا مختلف آهي.

وسيلا

پيرو جي مکيه زرعي پيداوار ۾ پٽاٽا، ڪيلو، مڪئي، جَوَ، ڪپهه، چانور، ڪڻڪ، ڪافي، ميوا ۽ ڀاڄيون شامل آهن ۽ مکيه صنعتن ۾ ٽيڪسٽائيل، فوڊ پروسيسنگ، هينڊي ڪرافٽ، لوهه، پيٽروليم، ريفائنري، سيمينٽ، چمڙي جون شيون، پلاسٽڪ، ڪيميائي شيون ۽ گاڏيون اچي وڃن ٿيون.[14]

حوالا


حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو