اسپين

اسپين (Spain ) جو سرڪاري نالو رينوڊي اسپانا (Kingdom of Spain) آهي، جنهن جو پراڻو نالو اندلس ۽ هسپانيه هو. قديم Hispania مان جديد اسپين ڪڍيو ويو آهي.

ڪنگڊم آف اسپين

Reino de España  ([[اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

Spanish language|اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

Spanish]])

Flag of Spain
{{{coat_alt}}}
جھنڊونِسبتي نشان
شُعار: '"Plus Ultra" (ٻولي؟)
"Further Beyond"
ترانو: "Marcha Real" ([[اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

Spanish language|اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

Spanish]])
[2]
"Royal March"
مڪانيت  Spain  (dark green) – نقشو Europe  (green & dark grey) – in the European Union  (green)
مڪانيت  Spain  (dark green)

– نقشو Europe  (green & dark grey)
– in the European Union  (green)

جو مقامSpain
گادي جو هنڌ ميڊرڊ
40°26′N 3°42′W / 40.433°N 3.700°W / 40.433; -3.700
سڀ کان وڏو شهر ميڊرڊ
ٻيون سرڪاري ٻوليون
ڪجهه خودمختيار ڪميونٽين ۾
ڪيٽالان
گريشين
باسڪو
آڪسيٽن
نسلي گروھ (2015)
  • 89.9% اسپينش
  • others
مذهب (2017[3])
  • 68% رومن ڪيٿولڪ
  • 27% لامذھب
  • 2% ۽ ٻيا مذھب
مقامي آبادي
  • اسپينيارڊ يا اسپينش
حڪومت يونيٽري پارليامينٽري آئيني بادشاهت
• اسپين جو شاھي سربراھ
فلپ ڇھون
• وزيراعظم
مرائنو ريجواء
• نائب وزيراعظم
سوريا سائنز ڊي سانتا ماريا
• اسپيني سينيٽ جو صدر
پائو گريسيا ايسڪوديرو
• ڪانگريس آف ڊپٽيز جو صدر
انا پاسٽر جوليئن
• سپريم ڪورٽ جو صدر
ڪارلوس ليسميس سيرانو
مقننه ڪورٽز جنرلز
سينيٽ
ڪانگريس آف ڊپٽيز
اسپين جي تاريخ
• ڪئٿولڪ بادشاھ
20 January 1479
• چارلس پنجون
23 January 1516
• نيوئيوا پلانٽا ڊڪري
9 June 1715
• اسپين جو پهريون آئين
19 March 1812
• اسپين جي جمھوري تبديلي
اسپين جو 1978 وارو آئين
• يورپين ايڪانامڪ ڪميونٽي جو يورپي يونين بڻجڻ جو مرحلو (EU) since 1993.
1 January 1986
پکيڙ
• جملي
[اوزا تبديل: invalid number] (51st)
• پاڻي (%)
1.04
آبادي
• 2016 مردم شماري
46,354,321 [lower-alpha 3] (30th)
•  گھاٽائي
92 /km2 (238.3 /sq mi) (112th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.769 trillion[6] (16th)
• في سيڪڙو
$39,944[6] (31st)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.307 trillion[6] (12th)

تعارف

اسپين جي معنيٰ آهي: ”سيهڙن/ سَهن جي ڌرتي“. هي ڏکڻ اولهه يورپ جو خوبصورت ملڪ آهي. هن جي اتر ۾ بسڪي نار (Gulf Biscay)، فرانس ۽ اينڊورا، اوڀر ۾ رومي سمنڊ، ڏکڻ ۾ رومي سمنڊ ۽ ايٽلانٽڪ سمنڊ، اولهه ۾ پرتگال ۽ ايٽلانٽڪ سمنڊ آهن. اسپين، ٻيٽ نما آئبيريا جي هڪ وڏي حصي تي مشتمل آهي. جبل الطارق سامونڊي گذرگاهه هن کي مراڪش يعني آفريقا کان ڌار ڪري ٿي. اسپين جي ڪل پکيڙ 504750 چورس ڪلوميٽر (194833 چورس ميل) ۽ آبادي 4 ڪروڙ آهي. گاديءَ جو هنڌ ميڊرڊ (Madrid) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ پيڪو ڊي ملهسن (بلندي 3482 ميٽر) آهي، هتان جي سرڪاري ٻولي اسپيني آهي، جڏهن ته ڪيٽالن، گليشين، باسڪ ۽ اندلس پڻ ڳالهائجن ٿيون. اسپين جا وچيان علائقا گرمين ۾ گرم خشڪ ۽ سردين ۾ سرد خشڪ هوندا آهن. اتر الهندن علائقن ۾ مينهن پوندو آهي. اسپين جي مکيه زرعي پيداوار ڪڻڪ، زيتون، پٽاٽا، انگور، کٽو ميوو، ليمون، ڀاڄيون، مڪئي، ڪمند، ناسپاتي آهي، مکيه صنعتن ۾ مشينري، لوهه، ٽيڪسٽائيل، جوتا ٺاهڻ، گاڏيون، جهاز ٺاهڻ، سيمينٽ، ڪاغذ، شراب ماهيگيري ۽ سياحت آهي ۽ مکيه معدنيات ۾ لوهه، ڪوئلو، زنڪ، پيٽروليم، ٽامو، چاندي، لگنائيٽ ۽ يورينيم آهي.

تاريخ

اسپين جي هاڻوڪي علائقي ۾ هڪ لک سال اڳ به ماڻهو آباد هئا ۽ هيءُ علائقو سڀيتائن جو ماڳ ليکبو هو. 5000 سال اڳ آئبيرين (Iberian) ماڻهن اسپين جي گھڻي حصي کي فتح ڪري ورتو. اهي ڪڙمي ۽ شڪاري ماڻهو هئا. ان کانپوءِ فونيشيا، ڪيلٽڪ ۽ يوناني ڪارٿيجن اسپين تي قبضو ڪيو. عظيم ڪارٿيجن جنرل هني بال اسپين کان رومين تي حملو ڪيو. رومين ٻيءَ يونيڪ ويڙهه (218 کان 201 ق. م) ۾ هيني بال کي شڪست ڏئي، اسپين تي قبضو ڪري مضبوط حڪومت قائم ڪئي. جرمانڪ جي هڪ قبيلي 1476ع ۾ رومي حڪمرانيءَ جو خاتمو آندو. 1808ع ۾ اسپين تي نپولين قبضو ڪيو. 25 اپريل س1898ع تي آمريڪا اسپين تي حملو ڪيو ته، جيئن ڪيوبا کي آزادي ڏيارجي، جنهن ۾ اسپين کي شڪست ٿي ۽ ڪيوبا آزاد ٿي ويو. پهرين عالمي ويڙهه ۽ اسپين اڻڌريو رهيو. 1953ع ۾ جنرل فرانڪو آمريڪا- کي اسپين ۾ فوجي اڏا قائم ڪرڻ اجازت ڏني. 26 فيبروري 1976ع تي اسپين، اسپيني صحرا تي پنهنجو اقتدار ختم ڪيو. جنوري 1980ع ۾ صوبي باسڪ (Basque) کي اندروني خودمختياري ڏني وئي، جتي عرصي کان علحدگيءَ جي تحريڪ هلي پئي. اسپين هڪ آئيني بادشاهت آهي، جتي پارلياماني طرز جي حڪومت به قائم آهي، بادشاهه رياست جو مملڪتي اڳواڻ ۽ هٿياربند فوج جو ڪمانڊر ان چيف آهي.[10][11]

اسپين دنيا جي گولي تي سائي رنگ ۾ نمايان ٿيل آهي
اسپين جو جهنڊو

حوالا


حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو