سورينام


سورينام يا سرينام(انگريزي: Suriname ) جو سرڪاري نالو جمهوريه سورينام آھي. ھي ملڪ ڏکڻ آمريڪا جي اتر-اوڀر پاسي ايٽلاٽڪ سمنڊ جي ڪناري سان واقع آهي. ملڪ جي اتر ۾ ايٽلانٽڪ سمنڊ، اوڀر ۾ فرينچ گيانا، اولھ ۾ گيانا، ڏکڻ ۾ برازيل واقع آهن. ملڪ جي پکيڙ جي 165000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ پکيڙ ۾ ھي ملڪ ڏکڻ آمريڪا جو سڀ کان ننڍو آزاد ملڪ آھي. ملڪ جي آبادي اڪثريت ۾ اترئين حصي ۾ رھندڙ آھي. ملڪ جي گادي جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر پاراماريبو آهي. ھن ملڪ کي ڪيريبين ملڪ بہ چوندا آهن. ملڪ ڪيريبئن ڪميونٽي (CARICOM) جو پڻ ميمبر آھي. ملڪ جي سرڪاري ٻولي ڊچ آھي. سرانن ٽونگو ۽ ڪريئول پڻ ھتي رابطي جون ٻوليون آھن. ملڪ م اڪثريتي ڳالھائيندڙ ٻولي ڊچ آھي.

ريپبلڪ آف سورينام

Flag of سورينام
{{{coat_alt}}}
جھنڊونِسبتي نشان
شُعار: '"انصاف- تقوا- ڀروسو
ترانو: God zij met ons Suriname  (سانچو:ISO 639 name nl)
(انگريزي ٻولي: "اي خدا سورينام جي مدد ڪر")
مڪانيت  سورينام  (تيز سائي رنگ ۾) نقشو ڏکڻ آمريڪا  (خاڪي)
مڪانيت  سورينام  (تيز سائي رنگ ۾)

نقشو ڏکڻ آمريڪا  (خاڪي)

جو مقامسورينام
گادي جو هنڌ پاراماريبو
5°50′N 55°10′W / 5.833°N 55.167°W / 5.833; -55.167
سڀ کان وڏو شهر پاراماريبو
دفتري ٻوليون ڊچ
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليون
ٻيون ٻوليون
نسلي گروھ (2012)
  • 27.4% موامي انڊين
  • 21.7% ماروون
  • 15.7% ڪريئول-مولاٽو [1]
  • 13.7% جاوانيز سورينامي
  • 13.4% ۽ ٻيا (جن ۾ ڊوگلا پڻ شامل آهن )
  • 3.8% آمريڪي انڊين چيني
  • 1.5% چيني [2][3]
  • 1% يورپي گورا
  • 1.8% باقي ٻيا [4][5][6]
مذهب
  • 48.4% عيسائي
  • .22.3% ھندو
  • 22.3
  • 13.9% مسلمان
  • 1.8% ونتي
  • 0.8% ڪيجاوان
  • 2.1% ۽ ٻيا مذھب
    (جن ۾ مقامي آمريڪي انڊين، آفريڪي، يھودي، ٻڌ ۽ بھائي مذھب شامل)
  • 7.5% لامذھب
  • 3.2% اڻ ڄاتل [7]
مقامي آبادي سوريناميز
حڪومت وحداني ريپبلڪ
• صدر
Dési Bouterse
• نائب صدر
اشوين ازين (Ashwin Adhin )
مقننه قومي اسيمبلي
آزادي
• سورينام (نيدرلينڊز جي بادشاھت)
15 ڊسمبر 1954
• نيدرلينڊز جي بادشاھت کان آزادي
25 نومبر 1975
• موجوده آئين
30 سيپٽمبر 1987
پکيڙ
• جملي
163٬821 km2 (63٬252 sq mi) (90th)
• پاڻي (%)
1.1
آبادي
• July 2016 اندازو
558,368[8] (166th)
• 2012 مردم شماري
541,638[5]
•  گھاٽائي
2.9 /km2 (7.5 /sq mi) (231st)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$9.044  ارب ڊالر[9]
• في سيڪڙو
$15,845[9]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$4.110  ارب ڊالر[9]

تاريخ

ھن ملڪ م ھڪ وڏي عرصي کان مقامي انڊين رھاڪو آباد ھيا. سورھين صدي عيسويءَ کان ھتي يورپين حملا آور ڪندا رھيا ۽ سترھين صدي ۾ علائقي تي ڊچ قابض ٿي ويا جن جي دؤر ۾ ھي ملڪ نيدرلينڊز جي ھڪ وڏي ڪمند پيدا ڪندڙ ڪالوني ھيو جتي آفريڪي غلامن جي آبادڪاري ڪئي وئي جن تي ڪمند جي پوک واري معيشيت مدار رکندڙ ھئي ۽ انھن غلامن کي 1863ع ۾ غلامي جي خاتمي سان نجات ملي. 1683ع کان 1795ع تائين ھن ملڪ تي نيدرلينڊز جي ھڪ چارٽرڊ ڪمپني " سوسائٽي آف سورينام" حاڪم رھي. 1954ع ۾ سورينام ڪنگڊم آف نيدرلينڊز جي ھڪ ذيلي رياست بڻجي ويو. 25 نومبر 1975ع ۾ ڪنگڊم آف نيدرلينڊز کان آزاد رياست ٿي ويو پر ان جا نيدرلينڊز سان معاشي، سفارتي ۽ ثقافتي تعلقات بحال رھيا.

حوالا