ميران

ڀارتي ناري شاعر

ميرا ٻائي : ميران: ميرا،:میرابائی:Meera:Meera Bai: Mirabai:[2] ھڪ صوفي شاعر ھئي

ميران
ميران ٻائي
ميرا

ميران جي پينٽنگ
مذھب ھندوازم
ذاتي وضاحت
جنم 1498 CE[1]ڪرڪي، ضلعو پالي،راجھستان،جوڌپور رياست
موت دوارڪا، مغل ايمپائر 1546 عيسويءَ ۾ تقريبن 47 يا 48 سالن جي عمر ۾.[1]

تفصيلي تعارف

راجھستان جي شھر چتورڳڙھ جي قلعي ۾ ميران جو ڪرشن وارو مندر

ڀارت جي ڌرتيءَ ڄائي. جيڪا سچي ڀڳتين ۽ ڌرم جي پوڄارڻ ميران ٻائي ٿي گذري آھي. سندس جنم اٽڪل 1504ع ۾ نيرٺ ۾ ٿيو، جو شھر بيڪانير جوڌپور جي وچ ۾ آھي. سندس پتا رتن سنگھ مارواڙ جي راٺوڙ حاڪمن جي نسل مان ھو.[3] جوان ٿي تہ ميوا رام جي راجڪمار ڀوڄراڄ سان مڱايائونس جنھن سان سندس شادي ٿي.[3] سن 1516 عيسويءَ ۾ ميوار جي شھزادي ڀوڄراج سان ھن جي شادي ھن جي مرضيءَ خلاف ٿي ھئي..[4][5] ميران جو مڙس 1518 ۾ دھليء جي سلطنت سان ٿيل جنگ دوران زخمي ٿي پيو ھو ۽ انھن زخمن جي ڪري 1521 ۾ فوت ٿي ويو.ڪجهه سالن بعد ھن جو پيءُ ۽ سھرو وڪرم سنگھ بہ دھلي سلطنت سان ٿيل ھڪ جنگ ۾ مارجي ويا. .[6][7]ميران سان وقت گذرڻ سان ڪيتريون ئي غلط روايتون منصوب ٿي ويون جن ھڪ شھنشاھ اڪبر ۽ تان سين جي ساڻس ملاقات به ھڪ آهي. پر حقيقت اها آهي تہ ميران جي وفات کان پندرهن سالن بعد تان سين اڪبر بادشاھ جي درٻار ۾ شامل ٿيو.[4] ھڪ روايت مطابق ھيء گرو روي داس جي شاگرد ۽ مريد ھئي ۽ کيس ديوتس، گرڌر ۽ روحاني مڙس سڏيندي هئي . پراھڙي ڪابہ شھادت تاريخ ۾ موجود ناهي .اصل ۾ ٻئي ھم عصر نہ ھيا ۽ ٻنھي جي وچ ۾ ھڪ سؤ سالن جي عرصي کان بنهه وڌيڪ جو فرق آهي.[4]

پينٽنگ ۾ ڪرشن ۽ ان جي ديومالائي محبوبہ راڌا ڏيکاريل آھن جن جي محبت جو ذڪر ميران جي شاعري ۾ ڪثرت سان ٿيل آهي.[8]

ھن جي شاعري جو موضوع ڪرشن آهي جيڪو ھڪ يوڳي آهي ۽ ھيء پاڻ وري يوڳڻ جيڪا ان سان ھڪ روحاني رشتو رکندڙ آهي. ھن جي شاعري کي ڀڄن چيو ويندو آهي. گرو گوبند سنگھ پنھنجي ڪتاب پريم امبوڌ پوٿي ۾ ميرا کي سک ازم جي 16 ڀڳتي صوفين ۾ شمار ڪندي ان جي شاعري کي پنھنجي ان ڪتاب ۾ شامل ڪيو. [9]

حوالا