ويٽنام جي جنگ

ويٽنام جنگ ھڪ فوجي لڙائي ھئي جيڪا 1 نومبر 1955ع کان 30 اپريل 1975ع تائين هلي، جنھن ۾ ڪميونسٽ فوجن عوامي جمھوريہ ويٽنام (جنھن کي اتر ويٽنام جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو) ۽ نيشنل فرنٽ فار دي لبريشن آف سائوٿ ويٽنام (جنھن کيويٽ ڪانگ نالي سان سڃاتو وڃي ٿو) ڪميونسٽن مخالف جمھوريہ ويٽنام (ڏکڻ ويٽنام) ۽ ان جي اتحادين خاص ڪري آمريڪا جي خلاف ڪامياب جنگ وڙهي ۽ ويٽنام کي هڪ متحد ۽ آزاد ڪميونسٽ رياست طور قائم ڪيو.

آمريڪي B-66s ۽ F-105s اتر ويٽنام تي بمباري ڪندي

ان کي ويٽنام تڪرار ۽ ٻي ھند-چين جنگ پڻ سڏيو ويندو آهي. ويٽنامي ڪميونسٽ حلقا ان کي آمريڪي جنگ يا آمريڪا جي خلاف مزاحمت جي جنگ (ويٽنامي: Kháng hộc động Mỹ) بہ سڏين ٿا.

هن جنگ ۾ ويٽنامي ڪميونسٽن جا اتحادي سوويت يونين ۽ عوامي جمھوريہ چين ھئا، جڏهن تہ ڪميونسٽ مخالف ڏکڻ ويٽنام کي آمريڪا، ڏکڻ ڪوريا، آسٽريليا، ٿائيلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي حمايت حاصل ھئي. خاص طور تي، آمريڪا پنھنجي فوجن جو وڏو تعداد ڏکڻ ويٽنام ۾ موڪليو. آمريڪي فوجي صلاحڪار پھريون ڀيرو 1950ع ۾ ويٽنام ۾ شامل ٿيا جڏھن انهن فرانسيسي نوآبادياتي فوجن جي مدد ڪرڻ شروع ڪئي. 1956ع ۾، انهن صلاحڪارن ويٽنام جي جمھوريہ جي فوجن جي تربيت جي مڪمل ذميواري ورتي. 1965ع ۾ آمريڪي فوجون وڏي تعداد ۾ ويٽنام ۾ پھتيون ۽ 1973ع تائين اتي رھيون. ھڪ اندازي مطابق هن جنگ ۾ آمريڪا 550,000 سپاھي ويٽنام موڪليا.[1]

اتر ويٽنام ۽ ويٽ ڪانگ هن خوني جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا، مجموعي طور تي 1176,000 ماڻهو مئا يا گم ٿي ويا.[2] جڏهن تہ 6 لک کان وڌيڪ زخمي ٿيا.[3] عوامي جمھوريہ چين جا هڪ هزار چار سئو چاليھ سپاھي پھ مارجي ويا ۽ چار هزار ٻہ سئو زخمي ٿيا ۽ سوويت يونين جا سٺ سپاھي پڻ مارجي ويا.[4] اهڙي ريت اتر ويٽنام ۽ ان جي اتحادين جو ڪل جاني نقصان 11 لک 77 هزار 446 جڏهن تہ زخمين جو ڪل انگ 6 لک 4 ھزار تائين وڃي پھتو.

ٻئي طرف اتحادين مان سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان ڏکڻ ويٽنام کي ٿيو، جنھن ۾ 220,357 ماڻهو مارجي ويا جڏھن تہ 170,000 فوجي زخمي ٿيا.[2] هن جنگ ۾ 58 هزار 159 آمريڪي فوجي،[2] ڏکڻ ڪوريا جا 4 هزار 960 سپاهي، لاوس جا 30 هزار، آسٽريليا جا 520، نيوزيلينڊ جا 37 ۽ ٿائلينڊ جا 1351 فوجي مارجي ويا. اهڙي ريت اتحادين جو ڪل جاني نقصان 3 لک 15 هزار 831 جڏهن تہ زخمين جو ڪل تعداد لڳ ڀڳ 14 لک 90 هزار تائين وڃي پھتو.

سپاهين کان علاوه، شھري آبادي پڻ موت ۽ زخمين جي صورت ۾ وڏي نقصان جو شڪار ٿي، جن ۾ ڏکڻ ويٽنام سڀ کان وڌيڪ، 15 لک 81 هزار باشندن کي وڃائي ڇڏيو.[2] جنگ ۾ 700,000 ڪمبوڊين، 2000,000 اتر ويٽنامي[5] ۽ لڳ ڀڳ 50,000 لاوسي مارجي ويا.

30 اپريل 1975ع تي ڏکڻ ويٽنام جي راڄڌاني سائيگون جي ڪرڻ تائين جنگ جاري رهي، جڏهن اتر ويٽنامي سپاھين ان تي قبضو ڪيو. 2 جولاءِ 1976ع تي ويٽنام جو اتحاد ۽ نئين ڪميونسٽ جمھوريہ ويٽنام جو قيام عمل ۾ آيو. سائيگون جو نالو هو چي من سٽي اتر ويٽنام جي اڳوڻي صدر ھو چي من جي نالي تي رکيو ويو، جيڪو اڃا تائين ويٽنام جي گاديءَ جو ھنڌ آھي.

اھا سرد جنگ دوران آمريڪا جي وڏي سياسي شڪست ھئي.

پڻ ڏسو

  • عرب-اسرائيلي جنگ

حوالا