ساراگوسا
ساراگوسا يا زاراگوزا (عربي: سرقسطه ) (انگريزي: Zaragoza ) [3] [4] اسپين جي ھڪ شھر جو نالو آهي جيڪو صوبي ساراگوسا جو گادي جو هنڌ پڻ آھي. اھو ابرو ندي ۽ ان جي معاون شاخن ھئيروا ندي ۽ گاليگو ندي جي وچ تي ابرو ندي جي طاس واري علائقي ۾ واقع آهي. پھرين جنوري 2019 تي ھن شھر جي آبادي 706,904 ھئي[5] شھر ۽ ان جي ميونسيپل اختيار واري علائقي جي پکيڙ 1062.64 چورس ڪلوميٽر (410.29 چورس ميل) آھي. پکيڙ م ھن شھر جي ميونسيپلٽي اسپين جي پنجين وڏي ميونسيپلٽي آهي. انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق 2001 ۾ جن شھر جي آبادي 614,905 ھئي[6].اسپين جي اتر-اوڀر ۾ واقع ھي شھر اراگون ڪميونٽي جو صدرمقام آھي ۽ ابرو ندي جي ڏکڻ واري ڪپ تي واقع آهي[6]. ھي شھر صنعتي مرڪز آهي ء ھتي ھر سال نيشنل ٽريڊ فيئر منعقد ٿيندو آهي[6]. شھر جي اھم عمارتن ۾ رومين ۽ گوٿن وارا چرچ ۽ ٻيون جايون شامل آهن[6].
ساراگوسا Zaragoza سرقسطة | |||
---|---|---|---|
شھر ، ميونسيپلٽي | |||
ساراگوسا ۽ ابرو جو منظر | |||
| |||
عرفيت: اسپين جو فلورنس[1] | |||
اراگون ۾ ساراگوسا جو مقام | |||
جاگرافي بيهڪ: 41°39′N 0°53′W / 41.650°N 0.883°W 0°53′W / 41.650°N 0.883°W | |||
ملڪ | اسپين | ||
خودمختيار ڪميونٽي | اراگون | ||
صوبو | ساراگوسا صوبو | ||
ڪومارڪا (انتظامي ڊويزن) | ساراگوسا ڪومارڪا | ||
ضلعا | سينٽرو، ڪئسڪو ھسٽاريڪو، ڊيليسيئس، يونيورسيڊاڊ، سان جوزا، لاس فوئنٽيس، لا الموزارا، اوليور والڊيفيئرو، ٽوريرو لاپاز، اڪٽور ري فرننڊو، ايل رابال، ڪيسابلانڪا، سانتا اسابيل، ميرالبوئنو، سور، ٻھراڙيءَ وارو ضلعو | ||
حڪومت | |||
• قسم | ميئر ڪائونسل | ||
• مجلس | ايونٽاميئنٽو ڊي ساراگوسا | ||
• ميئر | جارج ازڪان (پيپلزپارٽي) | ||
پکيڙ | |||
• ڪل | 973.78 ڪ.م2 (375.98 ميل2) | ||
بلندي | 243 ميل (797 ft) |
تاريخ
ھن شھر واري جاء تي پھرين ڪيلٽائبيرين وسندي سالدوبا واقع ھئي جنھن تي پھرين صدي قبل مسيح جي پوئين دؤر ۾ رومين قبضو ڪيو هو ۽ اتي ھڪ سيزرآگسٽا جي نالي سان ھڪ ڪالوني قائم ڪئي ۽ اھو نالو بگڙجندو ساراگوسا ٿي ويو[6]. ٽين صدي عيسويءَ ۾ ھن شھر کي ڪليسائي عھدن مان سقف جي سيٽ (انگريزي: episcopal see ) (بشپ جي اختيار واري سيٽ) جو درجو ڏنو ويو[6]. 714ع ۾ مسلمانن ھن شھر تي قبضو ڪيو. ٻارھين کان پندرھين صدي عيسويءَ تائين ھي شھر اراگون جي بادشاھت جو گاديءَ جو هنڌ رھيو[6]. 1808 کان 1809 تائين ٻہ ڀيرا ھي شھر فرينچ فوجن جي محاصري ۾ رھيو[6]. 1474ع ۾ ھتي يونيورسٽي قائم ٿي[6].