ابن ھيثم

عرب رياضيدان، طبعياتدان ۽ فلڪياتدان

حسن بن ابن الھيثم: Hasan Ibn al-Haytham (Latinized Alhazen[8] /ˌælˈhɑːzən/; سندس مڪمل نالو Abū ʿAlī al-Ḥasan ibn al-Ḥasan ibn al-Haytham أبو علي، الحسن بن الحسن بن الهيثم [9][10][11][12][13] رياضيدان، طبعياتدان ۽ فلڪياتدان ھيو.[14] کيس جديد آپٽڪس جو ابو سڏيو ويندو [15][16]

حسن ابن الھيثم
Hasan Ibn al-Haytham
(الھيزن)
پيدائش ت. 965 (0965) (c. 354 AH)[1]
بصرو, عراق
وفات سانچو:Death-date (c. 430 AH)[2]
قاھرہ, مصر،فاطمي خلافت
رھائش
شھرت جو ڪارڻ ڪتاب المناظر, ابھام

, الھيثم جو مسئلو, تجزيو,[3] ڪيٽاپٽرڪس(Catoptrics) ,[4] ھاراپٽر, مون اليوژن, تجرباتي سائنس, سائنسي ميٿڊالاجي [5] وژيوئل پرسيپشن, ايمپريڪل ٿيوري آف پرسيپشن,

جانورن جي نفسيات[6]
اِنفلوئنس شخصيتون ارسطو, يوڪلڊ, ٽولمي, گالين(Galen)

, بنو موسي, ثابت ابن قرہ, الڪندي, ابن ساحل,

ابو صحل القوحي
فائل:10IQDfront.jpg
عراقي 10 دينارن جي نوٽ تي ابن الھيثم جو ڦوٽو
فائل:10000IQDfront.jpg
عراقي ڏھ هزار دينار جي ڪرنسي نوٽ تي ابن الھيثم جو ڦوٽو

زندگيءَ جو احوال

ابو علي حسن ابن الھيثم 965 ۾ بصري ۾ پيدا ٿيو. کيس يورپ ۾ الھيزن جي نالي سان سڏيندا آهن.ھن بغداد ۾ تعليم حاصل ڪئي. نوجواني ۾ ئي کيس بصري ۾ سرڪاري نوڪري ملي. ھن لاء مشھور آھي تہ ھر سال مصر ۾ نيل درياء پاڻيءَ جي چاڙھ جي ڪري ٻوڏ ايندي هئي جنھن کي قابو ڪرڻ لاء ھن خليفي کي رٿ پيش ڪئي جيڪا منظور ڪئي وئي کيس قاھرہ موڪليو ويو. جڏھن ھن نيل درياء جو جائزو ورتو تہ اسوان لڳ درياءَ جو پيٽ 1.6 ڪلوميٽر ويڪرو ھو جنھن تي کيس اندازو ٿيو تہ موجود وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي سان ڊيم ٺھڻ ممڪن ناھي جنھن ڪري ھن خليفي جي ڪاوڙ کان بچڻ لاءِ ديوانو ٿيڻ جو ناٽڪ ڪيو ۽ ٻارھن سالن تائين گھر ۾ نظربند رھيو جتي کيس اھم ڪم ڪرڻ يعني ڪتاب المناظر لکڻ جو موقعو مليو.[17] ھن جي شاگردن ۾ فارڏ جي شھر سيمنان جو سرخاب (سھراب) ۍ ھڪ مصري شھزادو ابوالوفا مبشر ابن فاطق مشھور آھن[18] ان وقت ھن جو اھو گھر جامعہ الازھر جي لڳ واقع ھو[19] ابن الھيثم 1040 ۾ وفات ڪئي.[17]

سائنس لاءِ خدمتون

ھن کي بصريات جي سائنس (Optics) جو باني چوندا آهن. ھن جو اھم ڪم اک جي ڍانچي ۽ ۽ ان جي ڏسڻ جي عمل جو مطالعو ھيو. ھن پاڇن ۽ عڪس جي عمل ذريعياھو ٻڌايو ته روشني شين سان ٽڪرجي سڌي لڪير وانگر سفر ڪندي اکين ۾ داخل ٿيندي آهي. ھن اھو ظاھر ڪيو تہ اکين جي نظر جيستائين اکين جي پردي تائين نہ ٿي پھچي تہ ھڪ غير فعال مظھر آھي. ھن اھو بہ ٻڌايو ته اقليدس ۽ بطليموس وارن جو اھو خيال صحيح ناهي تہ اکيون شعاع خارج ڪنديون آهن نہ ئي وري نظر اھڙن شعاعن مان نڪرندڙ آھي.ھن جي تحقيق مطابق ھر رنگدار جسم جي ھر ان نقطي جيڪو روشني سان منور ٿئي ان مان سڌي لڪير جيان روشني ۽ رنگ خارج ٿيندا آهن ۽ شين کي ڏسڻ لاءِ صرف اسان کي اکيون کولڻيون پونديون آهن تہ جيئن روشني اکين ۾ داخل ٿي سگھي. ھن ڏاند جي اکين تي تجربا ڪري ڏٺو تہ روشني ھڪ باريڪ سوراخ يا پتلي مان اک ۾ داخل ٿيندي آهي ۽ ھڪ عدسي يعني لينز lense جي تي اچي پوء ھڪ حساس پردي تي پوندي آهي جنھن کي ھاڻي ريٽينا چون ٿا جيڪو اک جي پٺيان هوندو آهي .ھن مطابق اک بہ ھڪ عدسو يا لينز آھي.[20]

ڪتاب المناظر جو لاطيني ٻولي ۾ ترجمو ٿيو اھڙي طرح محفوظ ٿي ويو . لاطيني ڪتاب جو ٻاھريون صفحو

ھن جو سڀ کان وڌيڪ نالي وارو ڪتاب المناظر (Book of Optics) آھي جيڪو ستن جلدن تي مشتمل آهي جنھن ۾ ھن نور جو نظريو ۽ بصارت جو نظريو ڏنو جيڪي ھن کانپوءِ 650 سالن تائين غالب رھيا. ان ۾ ھن روشنيءَ جي رخ مٽجڻ جو بہ جائزو پيش ڪيو. ھن ڪتاب يورپ جي پوء ايندڙ سائنسدانن کي ڏاڍو متاثر ڪيو جن ۾ فرانسس بيڪن بہ شامل ھو. ھي ڪتاب ھن 1011 کان 1021 تائين واري عرصي ۾ لکيو ھو. 1030 ۾ ھن A discourse on light نالي ڪتاب ۽ ٻيو On the light of the moon نالي ڪتاب پڻ لکيا.[21]

ابن الھيثم جو مسئلو يا ٿيورم (theorem)
الھيزن يا ابن الھيثم جي جاميٽري مطابق ثابت ڪيل summation وارو فارمولو
الھيثم جا چنڊ. ٻه نيرني رنگ جي چنڊ جھڙيون شڪليون سائي رنگ ۾ ڏيکاريل ٽڪنڊي جي شڪل جي ايراضيءَ برابر ٿينديون

حوالا