يوراگوائي


يوراگوئي : (انگريزي: Uruguay ) (Listeni/ˈjʊərəɡw/;[7] Spanish: [uɾuˈɣu̯ai] (About this sound ٻڌو)) جنھن جو سرڪاري نالو اورينٽل ريپبلڪ آف يوراگوئي آهي جيڪو ڏکڻ آمريڪا کنڊ جي ڏکڻ اوڀر پاسي واقع آهي. ان جون سرحدون اولھ م ارجنٽينا سان، اتر اوڀر ۾ برازيل سان، ڏکڻ ۾ ريئو ڊي لا پلاٽا ( چاندي واري درياء) سان ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ اينٽلانٽڪ سمنڊ سان ملن ٿيون. اھو پکيڙ ۾ سورينام کان پوءِ ڏکڻ آمريڪا جو ٻيون نمبر ننڍڙو ملڪ آهي. [8] ھن ملڪ جو نالو يوراگوئي ندي جي نالي تي رکيل آھي.

اورينٽل ريپبلڪ آف يوراگوئي

República Oriental del Uruguay  ([[اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

Spanish language|اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

Spanish]])
Flag of يوراگوئي
{{{coat_alt}}}
جھنڊونِسبتي نشان
شُعار: '"Libertad o Muerte" (اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻوليSpanish)
(انگريزي ٻولي: "آزادي يا موت")
ترانو: "يوراگوئي جو قومي ترانو"
(انگريزي ٻولي: "National Anthem of Uruguay")
مڪانيت  يوراگوائي  (تيز سائو رنگ) نقشو ڏکڻ آمريڪا  (خاڪي رنگ)
مڪانيت  يوراگوائي  (تيز سائو رنگ)

نقشو ڏکڻ آمريڪا  (خاڪي رنگ)

جو مقاميوراگوئي
گادي جو هنڌ مانٽي وڊيئو
34°53′S 56°10′W / 34.883°S 56.167°W / -34.883; -56.167
سڀ کان وڏو شهر مانٽي وڊيئو
سرڪاري ٻولي اسپيني
مقامي ٻوليون پورچوگيزي ٻولي
نسلي گروھ (2016[1])
  • 88% گورا
  • 8% ميسٽيزو
  • 4% ڪارا
مذهب (2017)
  • 41% رومن ڪيٿولڪ
  • 41% لامذھب
  • 12% پروٽيسٽنٽ
  • 6% ٻيا
مقامي آبادي يوراگوئيين يا يوراگوئيائي ماڻھو يا اورينٽل
حڪومت وحداني صدارتي آئيني ريپبلڪ
• صدر
تبري وازڪز
• نائب صدر
لوسيا ٽوپولانسڪي
مقننه جنرل اسيمبلي
سينيٽ
چيمبر آف ريپريزنٽيٽوز
آزادي برازيل جي ايمپائر کان آزاد ٿيو
• آزادي جو اعلان
25 آگسٽ 1825
• تسليم ڪيو ويو
27 آگسٽ 1828
• پھريون آئين
18 جولاءِ 1830
• گڏيل قومن جي اداري جي رڪنيت
18 ڊسمبر 1945
پکيڙ
• جملي
176٬215 km2 (68٬037 sq mi) (89th)
• پاڻي (%)
1.5
آبادي
• 2016 اندازو
3,444,006[2] (99th)
• 2011 مردم شماري
3,480,314[3]
•  گھاٽائي
19.8 /km2 (51.3 /sq mi) (99th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$84.628 ارب يو ايس ڊالر (48th)
• في سيڪڙو
$24,051 (60th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$60.231 ارب يو ايس ڊالر (28th)

تاريخ

ھن ملڪ ۾ سڀ کان اول چار ھزار سال اڳ چاروئا نسل وارن ماڻهن آباد ڪيو.[9]

چاروئا ماڻھن جي رھڻي ڪھڻي بابت جوڙيل مانٽي وڊيئو ۾ ٺاھيل ھڪ يادگار

1512 ۾ يورپي ماڻهن مان پورچوگيزن سڀ کان پھرين ھن علائقي کي دريافت ڪيو[10][11]. انھن بعد 1516 ۾ اسپيني پڻ ھتي پھتا. ان بعد يوراگوئي اسپين جي ايمپائر ۽ پورچوگال جي ايمپائر جي وچ ۾ تڪرار وارو علائقو رھندو آيو. 1603 ۾ اسپين وارن ھتي چوپائي مال جي پالنا متعارف ڪرائي جيڪو ھتان جي ملڪيت جو ھڪ وڏو ذريعو بڻجي ويو. 1640 م ھتي اسپين پنھنجي پھرين مستقل آبادي ريئو نيگرو درياء جي لڳ سوريانو نالي سان قائم ڪئي جيڪو ھاڻي يوراگوئي جو ھڪ شھر آھي.1669 کان 1671 وچ ۾ پورچوگيزن ھتي ھڪ قلعو ڪالونيا ڊيل سيڪرامينٽو جوڙايو.1680 ۾ پورچوگيزن ھن ملڪ کي پنھنجي بيٺڪ بڻايو. اسپيني جي ايمپائر ارڙھين صدي جي شروعات ۾ اتي قبضو ڄمائڻ لاءِ مانٽي وڊيئو جو فوجي ڇانوڻي طور بنياد وڌو. ھن ملڪ پنھنجي آزادي واري واري سان چئن طاقتن سان 1811 کان 1828 تائين جدوجھد ڪندي حاصل ڪئي جن ۾ اسپين، پورچوگال، ارجنٽينا ۽ آخر ۾ برازيل اچي وڃن ٿا. آزاديءَ وقت ھن ملڪ جي ڪل آبادي 758000 ھئي[12]. آزاديءَ بعد ھي ملڪ گھرو ويڙھ جو شڪار ٿيندو رھيو جنھن بعد اٽلي ۽ اسپين مان ھن ملڪ م ڪافي لڏپلاڻ ٿي جنھن ڪري آبادي 1879 تائين وڌي 438500 تي پھتي[13]. ويھين صديءَ جي شروعات کان ھلندڙ ھن ملڪ جو جمھوري نظام معاشي گھوٽالن جي ڪري 1973 م فوجي بغاوت ذريعي ختم ٿي ويو. جنھن بعد سول ملٽري ڊيموڪريسي جو آغاز ٿيو. فوجي حڪومت کاٻي ڌر جي ترقي پسند سوشلسن ۽ ڪميونسٽن کي تشدد جو نشانو بڻائي کوڙ ماري ڇڏيا . 1985 ۾ فوجي حڪومت اختيار سول حڪومت جي حوالي ڪيا. 1984 ۾ عام صدارتي چونڊون منعقد ٿيون ھيون جن م ڪولراڊو پارٽي جو اڳواڻ جوليو ماريا سينگوئنيٽي کٽي آيو ھو جنھن پوء 1955 کان 1990 تائين ملڪ جي صدارت سنڀالي. 1989 ۾ صدارتي چونڊن ۾ نيشنل پارٽي جو لوئيس البرٽو لاڪالي چونڊ کٽي آيو ان بعد 1994 جي صدارتي چونڊن ۾ جوليو ماريا سينگوئنيٽي ٻيھر چونڊ کٽي ورتي. ٻنھي ڄڻن ملڪ ۾ جمھوريت جي ۽ معاشي ۽ معاشرتي استحڪام لاء اھم ڪردار ادا ڪيو. ھن وقت ھي ملڪ ھڪ آئيني ريپبلڪ آھي جنھن جو رياستي ۽ حڪومتي سربراھ ملڪ جو صدر آھي.2017 م ھي ملڪ ڏکڻ آمريڪا ۾ رشوت جي ڪمي، جمھوريت ۽ امن ۾ پھرين نمبر تي شمار ٿيندڙ ملڪ ھيو. [14]

جاگرافي

يوراگوئي جو سيٽلائيٽ ڦوٽو


ٽاڪئاريمبو ۾ واقع اپورا ڍنڍ

ھن ملڪ جي ايراضي 176214 چورس ڪلوميٽر آهي.[15] ھن ملڪ جو سامونڊي ڪنارو 660 ڪلوميٽر ڊگھو آھي. ھن ملڪ م چار درياء ڇوڙ ڪن ٿا جن م ريئو ڊي لا پلاٽا درياء، يوراگوئي درياء، لاگونا ميرن درياء، ۽ ريئو نيگرو درياء شامل آھن. ملڪ جو سڀ کان اوچو مقام سيرو ڪيٽيڊرل جبل جي چوٽي آھي جيڪا سامونڊي سطح کان 514 ميٽر بلند آهي. ھتان جي آبهوا گھم واري آھي ۽ اڪثر ڪوھيڙو رھندو آھي. سموري سال ھتي ھڪ ڪري موسم رھندي آھي. [16]

حڪومت

مانٽي وڊيئو ۾ يوراگوئي جي پارليامينٽ: جنرل اسيمبلي جيڪا ملڪ جو قانونساز ادارو آهي

ھن ملڪ ۾ وحداني رياست آھي جنھن ۾ صدارتي نظام لاڳو آھي، جنھن ۾ پارليامينٽ جا ميمبر پنجن سالن لاءِ بالغ ووٽرن جي ووٽ ذريعي چونڊبا آهي.[17] ملڪ جو اقتدار صدر ۽ ان جي تيرھن رڪني وزيرن جي ڪابينه وٽ ھوندو آھي.

پليسيو پائرئا يوراگوئي جي سپريم ڪورٽ جي سيٽ آهي.

ملڪ جو قانونساز ادارو جنرل اسيمبلي آھي جيڪا ٻہ ايوانن تي ٻڌل آهي جن ۾ چيمبر آف ڊپٽيز ۽ چيمبر آف ريپريزنٽيٽوز شامل آهن. ملڪ جي وڏي م وڏي عدالت سپريم ڪورٽ آھي جنھن م ججن جي مقرري جنرل اسيمبلي ڪندي آھي ۽ ججن جي بينچ وري سينيٽ جي منظوري سان جڙندي آهي. يوراگوئي جو موجوده آئين 1967 ۾ ٺھيو.[18][19] ان جا ڪافي حصا 1973 ۾ معطل ڪيا ويا پر 1985 ۾ ٻيھر بحال ڪيا ويا. [20]

حوالا