ڪووڊ-١٩ ويڪسين

ڪووڊ-19 ويڪسين (انگريزي ٻولي: COVID-19 vaccine) ڪوروناوائرس روڳ 2019 (ڪووڊ-١٩) جي خلاف هڪ فرضي تصوراتي ويڪسين آهي.جيتوڻيڪ هينئر تائين ڪنهن بہ ويڪسين ڪلينيڪل ٽرائلز پُورا ناهين ڪيا، تنهن هوندي، ان طرح جي ويڪسين تيار ڪرڻ جي لاءِ انيڪ ڪوششون ٿي رهيون آهن. فيبروري 2020 جي پڇاڙيءَ ۾، ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن (ڊبليو ايڇ او) چيو تہ هو آسرو رکن ٿا تہ سارس ڪووي 2 اثرائتو وائرس جي خلاف ڪوئي ويڪسين 18 مهينن کان بہ گهٽ وقت ۾ اچي ويندي.[1] اپريل 2020 تائين، ويڪسين جا لڳ ڀڳ 50 اُميدوار ارتقائي مرحلي ۾ هيا، چار تنظيمن انساني سبجيڪٽ ۾ فيز 1 جي حفاظتي اڀياس جي شروعات ڪئي هئي.[2][3]

ڪورونا وائرس ويڪسين لاءِ گذريل ڪوششون

جانوروں سميت پکين ۾ ڪورونا وائرس جي سبب کان ٿيندڙ ڪيترين ئي بيمارين جي خلاف متعدي برونڪائٽس وائرس، ڪينائن ڪوروناوائرس ۽ فلائن ڪورونا وائرس جي استعمال لاءِ ويڪسين تيار ڪيون ويون آهن.[4]

انسانوں کي متاثر ڪندڙ ڪوروناويرڊي فيملي ۾ وائرس کان بچاءُ جي قطرا پيارڻ جي گذريل ڪوششن جو مقصد شديد تکو ساهه کڻڻ وارو سينڊروم ڪورونا وائرس (سارس) ۽ وچ اوڀر جي ساهه جو سنڊروم (ايم اي آر ايس، يا ميرس) آهي. سارس ۽ ميرس جي خلاف ويڪسينن کي غير انساني ساهوران جانورن جي نمونن ۾ چڪاس (ٽيسٽ) ڪيو ويو آهي.[5] and MERS[6] سال 2020 تائين، سارس جي لاءِ ڪوئي علاج يا بچائيندڙ ويڪسين موجود ناهي، جيڪا انسانن ۾ محفوظ ۽ ڪمائتي (ڪارآمد) ٻنهين ئي صورتن ۾ ڏيکاءُ ڏئي سگهي.[7][8]سال 2005 ۽ 2006 ۾ ڇپجندڙ کوجنا پَنن (ريسيرچ پيپرز) مطابق، سارس جي علاج جي لاءِ نويل ويڪسين ۽ دوائن جي نشاندهي ۽ نشوونما سموري دنيا جي حڪومتن ۽ عوامي صحت ادارن (پبلڪ هيلٿ آرگنائزيشن) جي ترجيح هئي.[9][10][11]

وچ اوڀر ساهه کڻڻ وارو سينڊروم (مڊل ايسٽ ريسپائريٽري سينڊروم، ميرس) جي خلاف ڪوئي پَڪ ڪيل (تصديق ٿيل) ويڪسين پڻ موجود ناهي. جڏهن ميرس عام رائج ٿي ويو، تہ ايئن سمجهيو ويندو هيو تہ موجودهہ سارس ريسرچ هڪ ميرس ڪووي انفيڪشن جي خلاف ويڪسين ۽ علاج جي لاءِ هڪ لاڀائتي ٽيمپليٽ فراهم ڪرري سگهي ٿي.[12] مارچ 2020 تائين، هڪ (ڊي اين اي بيسڊ) ايم اي آر ايس (ميرس MERS) ويڪسين هئي، جنهن انسانن ۾ پهريون مرحلي جي ڪلينيڪل ٽرائلز مڪمل ڪيا هيا،[13] ۽ ٽي ٻيون اڳڀرائي ۾ شامل هيون، هي سڀ وائرل ويڪٽر ويڪسين آهن، جن منجهہ ٻہ اڊينووائرل وڪيٽرڊ (ChAdOx1-ايم اي آر ايس، بي وي آر ايس-GamVac) ) ۽ هڪ ايم وي اي- ويڪٽرڊ (ايم وي اي-ايم اي آر ايس-ايس) آهي.[14]

2020 ۾ ڪوششںون

ڪووڊ-19 جي سُڃاڻپ (شناخت) ڊسمبر 2019 ۾ ٿي هُئي.[15] سال 2020 ۾ سموري دنيا ۾ اها هڪ وڏي مهاماري وبا جي شڪل ۾ پکڙجي وئي، جنهن جي ڪري هڪ ويڪسين تيار ڪرڻ ۾ خاطر خواہ سيڙپ (انويسٽمينٽ) ۽ تحقيقي سرگرميون ٿيڻ لڳيون.[15][16] سارس ڪووي-2 جي خلاف ممڪن ويڪسين تيار ڪرڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي تنظيمون ڇپيل (پبلشڊ جينوم) جو استعمال ڪري رهيون آهن.[15][17][18][19]

ڪُجھ 50 ڪمپنيون ۽ تعليمي ادارا اهڙِ ويڪسين جي ارتقا ۾ شامل آهن،[20][21] انهن منجهان ٽن کي انسداد مهاماري تياري ڪوليشن فار ايپيڊمڪ پريپرڊنيسس انوويشنز (سي اي پي آءِ) جي پُـڀَرائي (حمايت) حاصلآهي، جنهن ۾ بائيوٽيڪنالوجي ڪمپنيون جهڙوڪ موڊرنا،[22] ۽ انوئيو دواسازي  (انوئيو فارماسيوٽيڪلس) ۽ ڪوئينز لينڊ يونيورسٽي جون رٿائون (منصوبا) شامل آهن. مارچ 2020 تائين، ڪوويڊ-19 جي لاءِ ويڪسين ۽ علاج معالجو جي اميدوارن تي اوسر جي سمورن مرحلن ۾، سموري دنيا ۾ پنج سئو ڪلينيڪل اسٽڊيز عالمي صحت جي تنظيم ڪلينيڪل ٽرائل رجسٽري (ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن ڪلينيڪل ٽرائل رجسٽري) ۾ رجسٽرڊ ٿيل اهن.[23]

حوالا