عرب ليگ


عرب ليگ(انگريزي: Arab League ) جنھن جو رسمي نالو ليگ آف عرب اسٽيٽس (انگريزي: League of Arab States ) آھي 1945 ۾ قائم ٿي. ان جو مقصد يورپ ملڪن کان آزادي حاصل ڪندڙ عرب ملڪن جي گڏيل مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ ھيو. ان تنظيم جو بنياد وجھندڙ رڪن مصر، عراق، اردن، شام، سعودي عرب، لبنان ۽ يمن ھيا. جنھن بعد وڌيڪ 15 ملڪ ان ۾ شامل ٿيا. جن جا نالا آهن: الجيريا، بحرين، ڪومورو آئلينڊز، جبوتي،ڪويت، لبيا، ماريطانيہ، مراڪش، اومان، فلسطين، قطر، تيونس، يونائيٽيڊ عرب امارات، صوماليا، سوڊان. ان جو مستقبل صدر مقام مصر جي شھر قاھرہ ۾ آھي[2]. اھا عرب اتحاد ۽ سھڪار جي لاء ھڪ سيڪيولر تنظيم آھي. اھو فورم عرب ملڪن جي پنھنجي سياسي، قانوني، سلامتي، آمدورفت، رابطن جي ذريعن، معاشي ترقي ، سماجي ۽ ثقافتي معاملن متعلق سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ لاء آھي. ان جو سڀ کان وڏو آفيسر آن جو سيڪريٽري جنرل ھوندو آھي ۽ سڀ کان وڏي اختياري ان تنظيم جي ڪائونسل آهي جيڪا رڪن ملڪن جي نمائندن تي مشتمل ھوندي آھي[2]. عرب ليگ جو اجلاس سال ۾ ٻہ دفعا ٿيندو آهي جنھن ۾ ملڪن جا سربراهه شريڪ ٿيندا آهن. ھن تنظيم ذريعي اتحاد ھجڻ باوجود عرب ملڪن ۾ پاڻ ۾ معاشي نابرابري، سياسي تشڪيل ۽ نظرياتي اختلافن ۽ سربراھن جي پاڻ ۾ ذاتي اختلافن سبب نفاق موجود آهي[2]. مصر جڏهن عرب ليگ ۾ سيڪيولر خيال واري جمال عبدالناصر جي سربراهي ۾ حاوي ھيو تہ سعودي عرب 1962 ۾ اسلامي ملڪن جي ھڪ وڏي اتحاد جو بنياد وڌو ۽ بعد م مصر کي عرب ليگ مان اسرائيل سان 1979 ۾ امن معاهدو ڪرڻ جي ڪري نيڪالي ڏني وئي ۽ 1987 ۾ ان جي رڪنيت وري بحال ڪئي وئي جيڪو عرب ليگ ۾ موجود نفاق جو ھڪ مثال آهي[2]. 1990 ۾ عراق جو ڪويت تي حملو پڻ نفاق جو ھڪ ٻيو مثال آهي[2]. انھن حضرت علي جي خليفي ٿيڻ جي حمايت ڪندڙن ۾ ھئا. انھن عباسين جي بنو اميہ وارن جي خلاف انقلاب جي پڻ حمايت ڪئي[2].

ليگ آف عرب اسٽيٽس

  • جامعة الدول العربية
  • Jāmiʻat ad-Duwal al-ʻArabiyya
Flag of عرب ليگ
نسبتي نشان of عرب ليگ
جھنڊونسبتي نشان
Location of عرب ليگ
انتطامي مرڪز قاھرہa
سرڪاري  ٻوليون
رڪنیت
سربراھ
• سيڪريٽري جنرل
احمد ابوالغيط
• عرب پارليامينٽ جو اسپيڪر
علي الداقبعاشي
•  ڪائونسل جي موجوده صدارت
 لبنان
قانونساز ادارو عرب پارليامينٽ
قیام
• اسڪندريہ وارو پروٽوڪول
22 مارچ1945
پکيڙ
• رڪن ملڪن جي جملي پکيڙ
13٬333٬296 km2 (5٬148٬014 sq mi)
آبادي
• 2012 تخمینو
400,652,486
•  گھاٽائي
24.33 /km2 (63.0 /sq mi)
ڪچي ملڪي پيداوار (مساوي قوت خرید) 2011 تخمینو
• ڪل
$4.766 ٽرلين [1]
•&nbsp في سيڪڙو
$11895
خام ملڪي پیداوار (رڳو نالي ۾) 2011 تخمینو
• ڪل
سانچو:Reference necessary


ملڪن جي رڪنيت جون تاريخون

  • مصر (باني):
    22 مارچ 1945

(1979 کان 1989 تائين ان جي رڪنيت معطل رھي)

عرب ليگ جا سيڪريٽري جنرل

سيڪريٽري جنرلجنم ڏينهنآفيس سنڀاليائينآفيس ڇڏيائينقوميتتصوير
1عبدالرحمن حسن اعظم1893–197622 مارچ 1945سيپٽمبر 1952  مصر
2عبدالخليل حسونة 1898–1992سيپٽمبر 19521 جون 1972  مصر
3محمود رياض 1917–19921 جون 1972مارچ 1979  مصر
4شازلي قليبي 1925مارچ 1979سيپٽمبر 1990  تيونس
5احمد عصمت عبدالمجيد 1924–201315 مئي 199115 مئي 2001  مصر
6عمرو موسیٰ 193615 مئي 20011 جولاءِ 2011  مصر
7نبيل العربي 19351 جولاءِ 20113 جولاءِ 2016  مصر
8احمد ابوالغيط19423 جولاءِ 2016'  مصر

حوالا